جمرود: افعانستان جي سرحدن ڀرسان قائم قبائلي ضلعي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته، وفاق جي انتظام هيٺ رهندڙ قبائلي ضلعي خيبرايجنسيءَ ۾ لڌل 30 هزار سال پراڻن تهذيبي ماڳن وسيلي سياحن جو ڌيان ڇڪائي دهشتگرديءَ جي ستايل هن پرڳڻي ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي وٺرائي سگھجي ٿي.

ان کان علاوه اختيارين جو اهو به چوڻ آهي ته، گذريل ڪيترن ئي سالن تائين جاري ويرهه جي ور چڙهي غير مستحڪم ٿي پيل قبائلي پرڳڻي ۾ واقع انهن قديمي ماڳن جي جٽادار بقا ۽ تحفظ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺڻ جي سخت ضرورت پڻ آهي.

نيوز لينز پاران حاصل ڪيل دستاويز ٻڌائي رهيا آهن ته، خيبرايجنسيءَ ۾ جيڪي قديمي ماڳ دريافت ٿيا آهن انهن ۾ انگريز دور، ٻڌمت ۽ اسلامي عهد کان به ڪيترو وقت اڳ وارا مختلف قديمي ماڳ شامل آهن. اهي قديمي ماڳ، قبائلي علائقي خيبرايجنسيءَ ۾ سرڪاري ڪارونهوار لاءِ قائم سرشتي پوليٽيڪل انتظاميا پاران خيبرپختونخواه صوبي جي آرڪيالاجي کاتي جي سهڪار سان ڪرايل پائلٽ سروي دوران هٿ ڪيا ويا.

خيبرپختونخواه ڊائريڪٽوريٽ آف آرڪيالاجي اينڊ ميوزيمز جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالصمد ٻڌايو ته ”خيبرايجنسيءَ جي لوارا ميانه واري علائقي مان جيڪي قديم پهاڙي آثار مليا آهن انهن جا جزا 30 هزار سال پراڻا آهن“. ڊاڪٽر عبدالصمد ئي سرويئرن جي ان ٽيم جي به سربراهي ڪري رهيو هيو جن اهي قديمي آثار ڳولي لڌا هئا.

ڊاڪٽر عبدالصمد ٻڌايو ته، خيبرايجنسيءَ ۾ قديم نوعيت جي انهن ماڳن جو مجموعي انگ 110 آهي جن مان ٽي ماڳ 30 هزار سال پراڻا آهن. هن جو چوڻ هو ته ڄاڻايل قديمي ماڳن جي نشاندهي ٿيڻ کان اڳ به خيبرايجنسيءَ وارو علائقو ٻڌمت واري دور جي ٻين تاريخي ماڳن پُلين، غارن، اسٽوپن ۽ پٿرن تي ٿيل نقش نگارن وارن ماڳن جي ڪري مشهور رهندو آيو آهي.

2500 year old rock painting: Photo by News lens Pakistan
British era Hujra: Photo by News lens Pakistan
Ancient caves: Photo by News lens Pakistan

انهن قديمي ماڳن جي تحفظ ۽ بقاءَ برقرار رکڻ خاطر جوڳا بندوبست نه ٿيڻ سبب خيبرايجنسيءَ جي پوليٽيڪل انتظاميا انهن ماڳن جي تحفظ بابت خدشا سامهون اچڻ جي ڪري پريشانيءَ جو شڪار پڻ آهي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي خيبر ايجنسيءَ جي پوليٽيڪل ايجنٽ خالد محمود چيو ته، نوان ۽ پراڻا تاريخي ماڳ سرنگن، غارن ۽ قديمي بادشاهتن جي دور وارن جيلن جي اها خاصيت آهي ته انهن وسيلي هن پرڳڻي جي معاشي قسمت کي رتوڇاڻ واري ڊگهي صورتحال بعد نئين روح سان جاڳائي سگھجي ٿو پر اهو ڪم ڪرڻ لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تاريخي ماڳن جي تحفظ جو جوڳو بندوبست ڪيو وڃي.

انهيءَ حقيقت تي افسوس جو اظهار ڪندي هن اهو پڻ واضح ڪيو ته ”تاريخي ماڳن جي سار سنڀال لاءِ قبائلي ايجنسيءَ ۾ آرڪيالاجيءَ جو ڪو به ماهر موجود نه آهي نه ئي انهن ماڳن جي تحفظ جا مناسب انتظام موجود آهن. ٻڌ مت دور کان به اڳ جي 05 اسٽوپن ۽ 100 سال پراڻي ريلوي پٽڙين توڙي سرنگن جي حالت جوڳي سار سنڀال ٿيڻ وارن انتظامن جي نه هجڻ سبب افسوسناڪ حد تائين خراب آهي“.

خيبرپختونخواه صوبي ۽ وفاقي حڪومت وٽ تاريخي ماڳن جي سار سنڀال بابت اينٽي ڪئٽيز ايڪٽ 2016 ۽ فيڊرل اينٽي ڪئٽيز ايڪٽ 1975 موجود آهن پر پاڪستان جي آئين جي شق 147 پاڪستان جي ٻين سمورن حصن تي لاڳو ٿئي ٿي پر فاٽا جو قبائلي پرڳڻو ان قانون جي انتظامي عملداريءَ واري دائري ۾ شامل ٿيل نه آهي. قبائلي پرڳڻي ۾ انتظامي وهنوار فاٽا ڪرائيم ريگيوليشن (ايف سي آر) آڌار هلايو وڃي ٿو. تاريخي ۽ قديمي ماڳن جي بقا وارو صوبائي توڙي وفاقي حڪومتن جو قانون قبائلي علائقن مٿان لاڳو ٿيل نه آهي. ماهرن پاران انهيءَ نقطي کي ئي قبائلي پرڳڻي جي قديمي ۽ تاريخي ماڳن جي موذون سار سنڀال نه ٿيڻ جو مکيه سبب قرار ڏنو ويو آهي.

مشهور آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر نِداءُ الله صحرائيءَ چيو ته ”پاڪستان جي سمورن پرڳڻن مٿان عملداري ڪرڻ خاطر هڪ ئي وقت ٻن متضاد قانونن جي رائج هجڻ جو ئي اهو نتيجو آهي ته وسيع ايراضيءَ وارو فاٽا جو قبائلي پرڳڻو ملڪ ۾ شامل هوندي به پاڪستاني آئين جي دائره اختيار کان ٻاهر آهي“.

خيبرپختونخواه جي ميوزيمز اينڊ آرڪيالاجي کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نِداءُ الله صحرائيءَ اهو پڻ چيو ته ”سڄي ملڪ ۾ هڪڙو ئي قانون ۽ هڪ ئي قسم جي عملداري لاڳو هجڻ گھرجي ۽ اينٽيڪئيٽيز جي تحفظ سميت سمورن قانونن جي دائرو فاٽا تائين به ڦهليل هجڻ گھرجي ته جيئن قبائلي پرڳڻي جي قديمي ۽ تاريخي ماڳن جو تحفظ به يقيني بڻائي سگھجي“.

جڏهن کانئس قديمي ماڳن جي بقا ۽ تحفظ بابت سوال پڇيا ويا ته ان جي جواب ۾ ڊاڪٽر صحرائيءَ چيو ته ”اسڪولن ۾ پڙهائي ويندڙ نصاب جي مدد سان قبائلي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي قديمي ۽ تهذيبي ماڳن جي اهميت جو احساس ڏيارڻ جي سخت ضرورت آهي. ان ڪري ٻارن کي جيڪي ڪتاب پڙهايا وڃن ٿا انهن ۾ اهڙا سبق شامل ڪرڻ گھرجن جيڪي کين قديمي ماڳن جي اهميت ۽ انهن ماڳن جو اسان لاءِ اهم هجڻ واري پهلوءَ بابت آگاهي ڏئي سگھن“.

ڊاڪٽر صحرائيءَ دليل ڏيندي چيو ته ”ثقافتي سياحت امن امان جي صورتحال سان لاڳاپيل هوندي آهي، جتي جتي به امن قائم آهي انهن علائقن ۾ گھڻي کان گھڻا سياح گھمڻ لاءِ اچن ٿا“.

قبائلي علائقن جي قديمي ۽ تاريخي ماڳن ۾ سياحن جي دلچسپي وڌائڻ بابت هن صلاح ڏيندي چيو ته ”قديمي ماڳن وارن علائقن کي گھمڻ لاءِ ايندڙ سياحن کي جيڪي سهولتون گھربل هونديون آهن، جن ۾ رهائش واريون سهولتون، کاڌ خوراڪ، جوڳي تحفظ جو بندوبست ۽ هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين آسانيءَ سان اچي ۽ وڃي سگھڻ واريون سهولتون شامل آهين، سي هر صورت ۾ مهيا ڪرڻيون پونديون“.

خيبرايجنسيءَ جي پوليٽيڪل ايجنٽ خالد محمود وڌيڪ چيو ته ”اسانجي انتطاميا حڪومت جي لاڳاپيل ادارن سان اينٽيڪئٽيز قانونن جو دائرو قبائلي علائقن تائين وڌائڻ بابت ڳالهيون ڪري رهي آهي. ايئن ٿيڻ سان ئي هتي جيڪي قديمي ماڳ موجود آهن انهن جي بقا ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي سگھجي ٿو“.

گڏيل قومن جي سائنسي تعليم ۽ ثقافتي اهڃاڻن بابت اداري يونيسڪو پاران پاڪستان ۾ موجود 06 تاريخي ماڳن کي بين الاقوامي ثقافتي ورثي وارن هنڌن طور تسليم ڪيو آهي، انهن ماڳن ۾ واديءَ سنڌ جو قديم تهذيبي ماڳ موهن جو دڙو، ٽيڪسلا ۾ موجود ٻڌ مت دور جا آثار، تخت بائيءَ ۾ لڌل ٻڌمت دور جا آثار، ان جي پسگردائيءَ ۾ واقع (خيبرپختونخوا صوبي جي حدن اندر واقع) ۾ سحرِ بهلول جو ماڳ، ٺٽي جو تاريخي قبرستان، جهلم ڀرسان روهتاس جو قلعو، لاهور جو شاليمار باغ ۽ ٻڌ دور جو قلعو شامل آهن.

جڏهن ته پاڪستان ۾ موجود 18 ٻيا قديم ماڳ گڏيل قومن جي اداري جي ان فهرست ۾ عارضي انداز سان شامل ڪيا ويا آهن جن کي يونيسڪو پاران عالمي ورثو قرار ڏنو ويندو.

قاعد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي ”ٽيڪسلا انسٽيٽيوٽ آف ايشين سولائيزيشن“ ۾ استاد طور ذميواريون ادا ڪندڙ ڊاڪٽر رفيع الله خان پنهنجي هڪ تحقيقي مقالي ۾ لکيو آهي ته ”جنهن به علائقي ۾ قديمي يا پراڻي جُڳ جا تهذيبي ماڳ موجود هوندا آهن اهي اتان جي مقامي ماڻهن جي معاشي حالت سڌارڻ جي سلسلي ۾ مددگار ثابت ٿي پوندا آهن. ”ڪنزرويشن سائنس اِن ڪلچرل هيريٽيج“ نالي جرنل ۾”گنڌارا جي تهذيبي ورثي جي بحالي“ واري عنوان سان شايع ٿيل تحقيقي مقالي ۾ ڊاڪٽر رفيع الله خان وڌيڪ لکيو آهي ته ”قديمي ماڳ مقامي، قومي توڙي عالمي سطح تي آمدنيءَ جي حاصلات جو ذريعو ٿي پوندا آهن“.

ڊاڪٽر رفيع الله خان لکيو آهي ته ”دنيا جي ٻين حصن مان ڪهي ايندڙ سياحن جي آمد سبب آمدنيءَ جا ذريعا پيدا ٿيڻ سان گڏ اهي قديمي ماڳ پاڪستان جي مثبت تاثر قائم ڪرڻ لاءِ پڻ مددگار ثابت ٿي سگھن ٿا. انهن قديمي ماڳن کي اولهه جي ملڪن کان ڪهي ايندڙ سياحن معرفت سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي ثقافتي تشخص کي هٿي وٺرائڻ لاءِ به استعمال ڪري سگھجي ٿو“.

ڊاڪٽر خان صلاح ڏيڻ واري انداز ۾ لکيو آهي ته، ترقيءَ لاءِ جاکوڙيندڙ عالمي ادارن کي به گھرجي ته ٻين پرڳڻن کان علاوه پاڪستان جي قديم تهذيبي ماڳن جي بقا ۽ تحفظ لاءِ سهولتن وارو بنيادي ڍانچو مهيا ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪن.

قديم آثارن وارن ماڳن کي ڳجهن خزانن واريون جايون سمجهڻ واري مقامي ماڻهن جي سوچ کي ڊاڪٽر رفيع الله بدقسمتي قرار ڏيندي چيو ته ”اهڙي سوچ جي ڪري قديمي ماڳن ۾ اهڙيون سرگرميون ٿينديون رهن ٿيون جن جي نتيجي ۾ تاريخي ماڳن جي لتاڙ ڪري انهن جو املهه وجود بگاڙيو وڃي ٿو“.

ڊاڪٽر رفيع الله خان چيو آهي ته ”تاريخي ماڳن کي قيمتي خزانن جي لڪيل هجڻ وارو هنڌ سمجهڻ واري سوچ کي درست ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ماڻهن ۾ جاڳرتا ڦهلائي وڃي ۽ قديم آثارن جو تحفظ توڙي بقاءَ لاءِ موذون قدم کنيا وڃن“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here