پشاور: ٻه ڀينرون رفعت ۽ جميلا پشاور ڊسٽرڪت بار پهتيون ته جيئن پنهنجي افعاني مڙسن کي طلاق ڏيڻ واري مونجهاري متعلق وڪيلن سان صلاح مشورو ڪري سگھن. پاڪستاني شهريت رکندڙ پشاور جي سڳين ڀينرن 2010 ۾ افغاني شهريت وارن ٻن سڳن ڀائرن سان شادي ڪئي.

پاڪستاني حڪومت پاران جڏهن افغاني پناهه گيرن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو ته گذريل سال جي مئي مهيني دوران ٻنهي افغان ڀائرن واپس پنهنجي ملڪ ۾ وڃي آباد ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. هر هڪ جوڙي کي ٽي ٽي ٻار آهن ۽ عورتن جا مڙس ٻارن کي به پاڻ سان گڏ افغانستان وٺي وڃڻ چاهين ٿا.

جڏهن ته افغاني مردن جون زالون رفعت ۽ جميلا پنهنجي مڙسن سان گڏ افغانستان وڃڻ لاءِ راضي نه آهن ۽ نه ئي پنهنجي ٻارن کي اجنبي ملڪ ڏانهن روانو ڪرڻ جي حق ۾ آهن.

ڪاري برقعي ۾ ويڙهيل رفعت ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته ”اسان پنهنجي ملڪ کي ڇڏڻ لاءِ هرگز تيار نه آهيون ۽ نه ئي پنهنجي ٻارن کي ڌارئي ملڪ اماڻڻ چاهيون ٿيون. اسان پنهنجي مڙسن کي طلاق ڏيڻ چاهيون ٿيون پر افغانستان نه وينداسين“.

ٻئي ڀينرون غريب آهن ۽ وڪيلن جي في ڀري نه ٿيون سگهن. رفعت ٻڌايو ته ”اسانجي هڪ مائٽ ڄاڻ ڏني ته طلاق وٺڻ بابت وڪيل سان مفت ۾ مشورو ڪرڻ لاءِ اسانکي ڊسٽرڪٽ بار ۾ قائم مفت معلومات ڏيڻ واري مرڪز سان رابطو ڪرڻ گھرجي“.

پشاور ڊسٽرڪٽ بار ۾ مفت معلوماتي مرڪز سماجي تنظيم ”بليو وِينز“ ۽ پشاور ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران شروع ڪيو ويو آهي. ان مرڪز کولڻ جو مقصد اهو آهي ته غريب ۽ بي پهچ عورتن کي مفت معلومات توڙي انصاف حاصل ڪرڻ تائين پهچ ڏياري سگھجي.

پشاور ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سان لاڳاپيل خوشنود ذاڪرالله بيگم ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته ”هي قدم انهيءَ ارادي سان کنيو ويو آهي ته صنفي بنياد واري هر قسم جي تشدد ۽ امتيازي سلوڪ، جنهن ۾ گھريلو تشدد، جنسي زيادتي ۽ انساني اسمگلنگ وارا معاملا به شامل آهن، جو شڪار ٿيندڙ عورتن کي مناسب قانوني تحفظ مهيا ڪري ڏجي“.

خوشنود ذاڪرالله بيگم مفت قانوني صلاحون ۽ ڄاڻ ڏيندڙ مرڪز ۾ انصاف جي ڳولا ۾ ايندڙ عورتن جي مدد ڪرڻ واري ڪم تي مقرر ٿيل آهي. پاڪستان ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ سماجي تنظيم عورت فائونڊيشن پاران 2014 ۾ جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، 2014 دوران سڄي ملڪ اندر عورتن مٿان تشدد جي 10 هزار 70 ڪيسن جي نشاندهي ٿي.

رپورٽ مطابق، گذريل پنجن سالن جي ڀيٽ ۾ انهيءَ سال دوران عورتن مٿان تشدد جي واقعن ۾ 28.2 سيڪڙو واڌ پڻ ڏٺي وئي. عورتن تي تشدد جا جيڪي ڪيس درج ڪرايا ويا انهن مان سڀ کان گھڻا ملڪ جي وڏي آباديءَ واري صوبي پنجاب ۾ رڪارڊ ٿيا ۽ انهن جي شرح 75 سيڪڙو هئي. عورتن مٿان تشدد جا ٻئين نمبر تي سڀ کان گھڻا واقعا سنڌ ۾ ٿيا ۽ انهن واقعن جي شرح 14.37 سيڪڙو هئي. خيبرپختونخواه ۾ عورتن مٿان تشدد جا 736 واقعا درج ٿيا. جڏهن ته بلوچستان، اسلام آباد ۽ فاٽا ۾ عورتن مٿان تشدد جي واقعن جو تعداد ترتيبوار 190، 140 ۽ 5 آهي.

رفعت ۽ جميلا کي ٻار افغانستان وٺي وڃڻ واري رٿابنديءَ متعلق پنهنجي مڙسن سان تڪرار جي نبيري لاءِ قانوني صلاحون ۽ مدد گھربل آهي. جميلا ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته ”وڪيل پاران اسان کي ڄاڻ ڏني وئي آهي ته اهي اسانجي مڙسن کي ڳالهين خاطر هتي گھرائيندا ته جيئن مسئلو نبيري سگھجي“.

مفت معلومات ڏيڻ وارو مرڪز نه صرف عورتن کي قانوني معاملن جي ڄاڻ ڏيڻ واري مدد ڪري ٿو پر ان کان علاوه عورتن مٿان تشدد جي اڪلاوَ لاءِ وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪرڻ ۾ به سهڪار ڪري ٿو. خوشنود ذاڪرالله بيگم ٻڌايو ته ”پهريان ته اسان ڪيسن ۽ انهن جي سببن جي مطالعو ڪندا آهيون ان بعد اسان بي پهچ عورتن کي سندن ڪيسن جي سلسلي ۾ مدد پڻ ڏيندا آهيون“.

هن ٻڌايو ته، گذريل 10 مهينن دوران پشاور ضلعي جي 60 عورتن کي قانوني مدد مهيا ڪري چڪا آهيون ۽ انهن جا ڪيس اهڙن وڪيلن کي ڏنا آهن جيڪي سندن ڪيسن جي پوئواري مفت ۾ ڪندا.

هن اهو پڻ ٻڌايو ته، هن قدم تحت پشاور ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جا 30 ميمبر جن ۾ 20 عورت وڪيلياڻيون به شامل آهن انهن کي صنف جي بنياد تي ٿيندڙ سٺي وڪالت بابت خاص تربيت ڏيندي کين همٿايو ويو آهي ته اهي ضرورتمند عورتن جي ڪيسن جي پوئواري مفت ۾ ڪن.

اسان قانوني ماهرن جا تفصيل ڪٺا ڪرڻ واري ڊيٽابيس جي تياريءَ تي به ڪم ڪري رهيا آهيون. خوشنود بيگم ٻڌايو ته، اسان وٽ جيڪي ڪيس اچن ٿا انهن مان اڪثريت گھريلو تشدد يا عورتن پاران مڙسن کان عليحدگي وٺڻ وارن مسئلن بابت آهن.

بليو وِينز پاران شروع ڪيل هن منصوبي جي پروجيڪٽ مئنيجر طاهره ڪليم ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته، اسانجي تنطيم پاران جنسي حراس جي انهن واقعن جي جاچ لاءِ به هڪ ڪاميٽي جوڙي آهي جيڪي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۾ ٿيا آهن. جنسي حراس کي روڪڻ خاطر 6 مهينا اڳ لاڳو ٿيل قانون تحت هي پنهنجي نوعيت جو سڀ کان پهريون قدم آهي جيڪو اسان کڻي رهيا آهيون.

ان هوندي به بار سان لاڳاپيل ڪجهه وڪيلن انهيءَ رٿا تي تي ڇوهه ڇنڊيندي اها تنقيد ڪئي آهي ته انهيءَ منصوبي تحت سرچاءَ بدران عورتن جي طلاق وٺڻ واري عمل جي همٿ افزائي ڪئي پئي وڃي، جنهن ڪري جوڙن جون زندگيون تباهه ٿي رهيون آهن.

ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪندڙ پشاور ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي ميمبر هڪ عورت وڪيل پنهنجو نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي چيو  ته ”مان اين جي اوز جي اهڙن ڪمن سان متفق ناهيان ڇاڪاڻ ته اين جي اوز پرڏيهي ادارن کان پيسا حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙين عورتن جي حوصلي افزائي ڪن ٿيون جيڪي عليحدگي وٺڻ چاهن ٿيون اهڙي حوصلي افزائيءَ جي نتيجي ۾ سرچاءَ جي ڪوششن ۾ رنڊڪ پئجي رهي آهي “.

هن اهو پڻ چيو ته ”شادي شده جوڙن کي طلاق وسيلي الڳ ٿيڻ وارو ڏکيو ۽ تباهي آڻيندڙ قدم کڻڻ کان اڳ ٺاهه ۽ سرچاءُ واري عمل کي اوليت ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي، پر اين جي اوز عورتن کي سندن حقن جي نالي هيٺ بعد وارو قدم پهريان کڻڻ تي همٿائينديون رهن ٿيون“.

بليو وِينز جي پروگرام ڪو آرڊينيٽر قمر نسيم چيو ته، عورتن خلاف ٿيندڙ تشدد پاڪستان ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي لتاڙ جو سڀ کان بدترين نمونو آهي. هن ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته ”عورتن سان جيڪو امتيازي سلوڪ ڪيو وڃي ٿو اهو نه صرف هنن لاءِ سماجي، سياسي، معاشي ۽ ثقافتي شعبن ۾ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو پر ان سان گڏ ئي عورتن جي خوداعتماديءَ کي به برباد ڪري ڇڏي ٿو“.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here