پشاور: زلزلي متاثرن جي بحالي ۽ ٻيهر تعمير بابت حڪومت جي اداري ”ارٿ ڪوئڪ ري ڪنسٽرڪشن اينڊ ريهيبليٽيشن اٿارٽي (ايرا)“ جي سرڪاري دستاويزن مطابق 2005 ۾ وڏي پئماني تي تباهي ڦهلائيندڙ زلزلي سبب تباهه ٿيل لڳ ڀڳ 3 هزار اسڪولن مان اڌ جيترن اسڪولن جي بحالي اڃان به عمل ۾ اچي ناهي سگھي.

زلزلي سبب تباهه ٿيل 2925 اسڪولن کي نئين سِر بحال ڪرڻ جي ذميواري ايرا حوالي ٿيل آهي. ايرا جي رڪارڊ مان معلوم ٿيو آهي ته، پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي تباهي آڻيندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ جزوي يا مڪمل تباهه ٿيل 2995 اسڪولن مان صرف 1698 يا 58 سيڪڙو اسڪول ٻيهر بحال ٿي سگھيا آهن.

08 آڪٽوبر 2005 تي آيل 7.6 شدت واري زلزلي ملڪ جي اترئين حصي ۾ قائم آزاد ڪشمير ۽ خيبرپختونخواه جي علائقن کي سخت نقصان پهچايو هيو.

ايرا مطابق زلزلي جي نتيجي ۾ 80 هزا ماڻهو اجل جو شڪار جڏهن ته 75 هزار زخمي ٿيا هئا. زلزلي سبب گھر، اسپتالون، اسڪول ۽ ٻيون عمارتون تباهه ٿي وڃڻ جي ڪري 28 لک ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي.

زلزلي سبب آيل تباهيءَ جو ازالو ڪرڻ خاطر ان وقت جي پاڪستاني صدر جنرل پرويز مشرف پاران زلزلي سبب متاثر ٿيل علائقن جي ماڻهن جي تڪڙي بحالي ۽ تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي جي نئين سِر اڏاوت ۾ مدد ڏيڻ خاطر ايرا کي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

ايرا جي عملدارن نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”11 سال گذري وڃڻ کانپوءِ به مالي وسيلا ملڻ ۾ پوندڙ رخني جي ڪري بحالي ۽ ٻيهر تعمير وارو ڪم اڃان مڪمل ٿي ناهي سگھيو“.

ايرا جي پبلڪ رليشنز آفيسر شازيه حارث جو چوڻ هو ته ”فنڊن جي کوٽ سبب ئي اسان اسڪولن کي ٻيهر تعمير ڪري بحال ڪرڻ وارو حدف حاصل ناهيون ڪري سگھيا. ايرا پاران 2005 کان هن مهل تائين 1698 اسڪولن جي ٻيهر تعمير وارو ڪم 9491.023 ملين روپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويو آهي، پر 1227 اسڪول اڃان به ٻيهر تعمير واري ڪم مڪمل ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن جن مان 645 اسڪول اهڙا آهن جن جي تعمير جو ڪم مختلف مرحلن تي رڪيل آهي. فنڊن جي اڻهوند سبب انهن اسڪولن جي تعمير مڪمل نه ٿا ڪري سگھئون“.

زلزلي کانپوءِ نئين تعمير واري ڪم ۾ ٿيل ڊگھي دير کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم نواز شريف ڊسمبر 2014 ۾ هزاره ڊويزن جو دورو ڪرڻ وقت اعلان ڪيو هيو ته حڪومت زلزلي سبب تباهه ٿيل اسڪولن کي بحال ڪندي. هزاره پرڳڻي جي ماڻهن سان واعدو ڪندي وزيراعظم خاطري ڪرائي هئي ته شانگلا، بٽاگرام، مانسهره ۽ ايبٽ آباد ضلعن ۾ تباهه ٿيل اسڪولن کي بحال ڪيو ويندو.

وزيراعظم خاطري ڪرائي هئي ته، 08 ارب روپين جي لاڳت واري رٿا لاءِ گھربل سمورا مالي وسيلا حڪومت فراهم ڪندي جڏهن ته ان کان علاوه ٻيون رٿائون خيبرپختونخواه جي صوبائي حڪومت جي انتظام هيٺ منتقل ڪيون وينديون ۽ وفاقي حڪومت ئي انهن رٿائن لاءِ به مالي وسيلا فراهم ڪندي.

جڏهن ته وزيراعظم پاران اسڪولن جي تعمير ۽ بحاليءَ بابت ڪيل واعدو به اڃان پورو ناهي ٿي سگھيو.

شازيه حارث ٻڌايو ته ”وزيراعظم جي نئين سِر تعمير واري پروگرام تحت هن مهل تائين 76 اسڪولن جو تعميراتي ڪم مڪمل ٿيو آهي“. هن اهو پڻ چيو ته، جيتوڻيڪ وزيراعظم پاران حڪومتي ادارن جي ذميوار آفيسرن کي اهي هدايتون ڏنيون ويون ته زلزلي سبب متاثر ٿيل علائقن ۾ اسڪولن جي ٻيهر مرمت وارو ڪم هڪ سال اندر مڪمل ڪيو وڃي پر وزيراعظم جي واعدي کي به ٻه سال گذري ويا آهن ان باوجود فنڊن جي اڻهوند سبب اسڪولن جي تعميراتي ڪم کي مڪمل ٿيڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.

شازيه حارث اهو ناهي ٻڌايو ته، واعدي مطابق اسڪولن جي بحاليءَ بابت وزيراعظم جي منصوبي تحت ڪيترا فنڊ خرچ ڪيا ويا آهن ۽ ويجهڙائيءَ ۾ باقي فنڊ ملڻ بابت به هن ڪنهن اميد جو اظهار نه ڪيو آهي.

خيبرپختونخواه صوبي جي تعليم کاتي ۾ رٿابندي شعبي سان لاڳاپيل هڪ سينئر آفيسر حشمت عليءَ جو چوڻ هو ته ”جڏهن کان زلزلي ۾ تباهه ٿيل اسڪولن جي بحاليءَ جي ذميواري ايرا کي ڏني وئي تڏهن کان صوبائي تعليم کاتو اسڪولن جي بحاليءَ بابت ڪو به ڪم نه پيو ڪري.

اسان وفاقي حڪومت کي ڪيترائي خط لکندا رهيا آهيون ته ايرا کي گھربل فنڊ جاري ڪيا وڃن ته جيئن اسڪولن جي تعمير جو ڪم جوڳي انداز سان مڪمل ڪري سگھجي يا اهي فنڊ صوبائي کاتي کي ڏنا وڃن ته جيئن اهو ڪم اسان مڪمل ڪيون پر اسانجي خطن جو ڪو جواب به ناهي ڏنو ويو“.

حشمت عليءَ جو چوڻ هو ته، تعليم بابت صوبي جو وزير محمد عاطف ۽ خيبرپختونخواه حڪومت جو ترجمان مشتاق احمد غني انهيءَ سلسلي ۾ ٻه ڀيرا پريس ڪانفرنس به ڪري چڪا آهن پر ان باوجود وزيراعظم جو ڌيان هن معاملي ڏانهن ڇڪجي ناهي سگھيو.

ايجوڪيشن ڊائريڪٽوريٽ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ صاحبزاده حامد محمود جو چوڻ هو ته، زلزلي کان ستت پوءِ جن اسڪولن جو ذمو اين جي اوز پاران کنيو ويو اهي ڪجهه مهينن اندر ئي ٻيهر تعمير به ٿي ويا، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ان ڪم بابت هنن جو ارادو بهتر هيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here