پاڪستان ۾ توهين رسالت واري قانون جي غلط استعمال خلاف اڪثريت پاران نندا

0
1671

اسلام آباد: اپريل 2017 دوران عبدالولي خان يونيورسٽي مردان ۾ صحافت جي شاگرد 25 سالن جي مشال خان بابت، توهين رسالت ڪرڻ وارو افواهه ڦهلجڻ بعد، کيس بيرحماڻي انداز سان قتل ڪرڻ واري واقعي کان 03 ڏينهن پوءِ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو وڏي انگ ۾ مقتول جي اباڻي ڳوٺ ”زيده“ ۾ گڏ ٿيا جن نوجوان کي بيرحماڻو تشدد ڪري مارڻ خلاف احتجاج ڪيو.

زيده ۾ نڪتل ريليءَ ۾ مقامي رهواسي، سياسي ڪارڪن، شاگرد، استاد ۽ مختلف سماجي تنظمين ۽ گروپن جا سرگرم ڪارڪن شامل هئا جن مشال خان کي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو. احتجاج ڪندڙن زيده شهر جي بازار ۾ مارچ ڪيو ۽ ”معصوم مشال سان انصاف ڪيو“ جا نعرا پڻ هڻندا رهيا. اهو پهريون ڀيرو هيو جو خيبرپختونخواه صوبي جي قبائلي پسمنظر واري ڳوٺ ۾ ماڻهو توهين رسالت قانونن جي غلط استعمال خلاف اٿي کڙا ٿيا هجن ۽ الزام هيٺ آيل فرد مٿان هڪ هجوم پاران ڪيل تشدد جي مذمت ڪئي هجي. احتجاج ڪرڻ وارن ان موقعي تي مقتول مشال جي خاندان سان يڪجهتيءَ جو اظهار به ڪيو.

13 اپريل واري ڏهاڙي عبدالولي خان يونيورسٽيءَ جا شاگرد ۽ ملازم جرنلزم شعبي آڏو گڏ ٿيڻ شروع ٿيا جن مشال کي توهين رسالت جو ڏوهي قرار ڏيڻ جي شروعات ڪئي، پر استادن جو چوڻ هو ته مشال خان ذهين ۽ سٺي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ شاگرد هيو. بعد ۾ ماڻهن جو اهو هجوم زبردستي جرنلزم شعبي جي آفيس ۾ گھڙي پيو ۽ هجوم ۾ شامل ماڻهو مشال خان جي هڪ دوست کي مارڪٽ ڪندي کانئس سندس عقيدي متعلق پڇاڻو ڪندا رهيا.

جرنلزم شعبي جي هڪ شاگرد عُمير خان ٻڌايو ته ”ماڻهن جو اهو هجوم جنهن وقت ڪٺو ٿي رهيو هيو ته ان وقت مان ليبارٽريءَ ۾ بيٺو هيس. اهي ماڻهو ڪاوڙ ۾ هئا ۽ چئي رهيا هئا ته مشال، الله ۽ ان جي آخري رسول صلي الله عليه وسلم تي ايمان نه ٿو رکي“.

ماڻهن جو اهو مڇريل هجوم بعد ۾ هاسٽل ڏانهن روانو ٿيو، هاسٽلون جرنلزم شعبي کان لڳ ڀڳ هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع آهن. اتي پهچڻ بعد مڇريل ماڻهو هاسٽل جي ٽين منزل تي ويا. جيتوڻيڪ مشال خان پنهنجي جان بچائڻ خاطر پنهنجي ڪمري جو دروازو بند ڪري ڇڏيو هيو ان باوجود اهي ماڻهو کيس ڪمري مان ڪڍي هيٺ گهليندا آيا ۽ کيس تيستائين سيخن، لٺين ۽ سِرن سان پوليس جي هڪ جٿي ۽ يونيورسٽيءَ جي گارڊن سامهون تشدد جو نشانو بڻائيندا رهيا جيستائين هو فوت نه ٿي ويو.

عبدالولي خان يونيورسٽيءَ جي جرنلزم شعبي جي چيئرمين شيراز پراچا چيو ته ”اسان مشال خان بابت اهڙي ڪا به ڳالهه اڳ نه ٻڌي هئي. هن خلاف نه ته اهڙي ڪا شڪايت ملي هئي نه ئي اهڙو ڪو ثبوت ئي موجود آهي“. هن اهو پڻ چيو ته ”ابتدائي معلومات توڙي جاچ مطابق، اهو ثابت ناهي ٿي سگھيو ته مشال اهڙي ڪنهن مبينه توهين واري ڪارروائيءَ ۾ ملوث هيو“.
هڪ سياسي ڪارڪن ڊاڪٽر سيد محسود، جيڪو زيده ۾ نڪتل احتجاجي ريليءَ ۾ پڻ شريڪ هيو، ٻڌايو ته ”اسانجي معلومات مطابق

مشال خان، مٿس توهين رسالت جو ڪوڙو الزام لڳڻ کان، ڪجهه ڏينهن اڳ يونيورسٽي انتظاميا جي ڪجهه پاليسين کي تنقيد جو نشانو بڻايو هيو“. ڊاڪٽر سيد محسود اهو پڻ چيو ته ڪير جيڪڏهن ڏوهي به هجي تڏهن به معاشري جي ڪنهن فرد کي اهو حق نه ٿو پهچي ته اهو قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻي وٺي ۽ مذهب جي نالي تي تشدد ڪرڻ شروع ڪري ڏئي.

توهين رسالت واري الزام جي بنياد تي پاڪستان ۾ ٿيندڙ تشدد جي واضح تصوير ڏسڻ لاءِ گوجره واقعي کي هڪ مثال طور پيش ڪري سگھجي ٿو.

2009 ۾ هزارين ماڻهن تي مشتمل هڪ هجوم مرڪزي پنجاب جي شهر گوجره ۾ عيسائين جي ڪالونيءَ تي چڙهائي ڪندي ڪيترن ئي گھرن کي باهه ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي گھر جا 7 ڀاتي باهه ۾ سڙي مارجي ويا.

2012 ۾ هزارين ماڻهن جي هڪ ٻئي هجوم ڏکڻ پنجاب جي شهر بهاولپور ۾ ذهني توازن وڃائي ويٺل شخص مٿان قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪرڻ وارو الزام لڳڻ بعد ان شخص کي تشدد ڪري مارڻ بعد سندس لاش کي ساڙي ڇڏيو. مڇريل ماڻهن جي ان هجوم پوليس ٿاڻي تي هلان ڪئي جتي انهيءَ شخص کي حراست هيٺ رکي کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وئي. اهڙن عملن آڏو اڃان تائين ته ڪا رڪاوٽ اچي ناهي سگھي.

پاڪستان جي توهين رسالت وارن قانونن ۾ 1980 ڌاري فوجي آمر جنرل ضياءُالحق جي دور ۾ ترميم ڪندي سخت سزائون متعارف ڪرايون ويون. پاڪستان پِينل ڪوڊ (پي پي سي) جي سيڪشن 295 ۾ اي، بي ۽ سي واريون شقون شامل ڪندي مقدس مذهبي شخصيتن جي شان ۾ گستاخيءَ وارا لفظ ادا ڪرڻ جي سزا 10 سال قيد، قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪرڻ جي ڏوهيءَ کي عمر قيد ۽ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ واري کي موت جي سزا ڏيڻ واريون سزائون قانون ۾ شامل ڪيون ويون.

انتهاپسنديءَ بابت تحقيق ڪندڙ ٿنڪ ٽينڪ سينٽر فار رسرچ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز (سي آر ايس ايس) مطابق، پاڪستان اندر 2005 کان 2017 تائين توهين رسالت جي الزام هيٺ ايندڙ 70 ماڻهن کي عدالتن کان مٿاهون ٿي قتل ڪرڻ جا واقعا پيش اچي چڪا آهن.

عيسائين جي مذهبي اداري چرچ جي انتظام هيٺ هلندڙ غيرسرڪاري اداري، نيشنل ڪميشن فار جسٽس اينڊ پيس، پاران پنهنجي رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته، قانون ۾ سخت سزائن وارين ترميمن کان اڳ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪيس داخل ٿيندا هئا پر ترميمن ٿيڻ کانپوءِ سوين ڪيس داخل ٿيڻ لڳا.

مشال خان جي بيرحماڻي قتل بعد پاڪستان جي ٽيليويزن چينلن تي ڪيترا ئي بحث مباحثا ٿيا جن ۾ توهين رسالت جي قانون کي بحث هيٺ آندو ويو، ان کان علاوه شهرين جي سماجي گروپن پاران احتجاج پڻ ڪيو ويو ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي هڪ وڏي انگ پاران مشال جي خاندان سان يڪجهتيءَ جو اظهار پڻ ٿيندو رهيو.

مشال جي پيءُ محمد اقبال خان نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”اسانجا ڪجهه پاڙيسري ۽ هڪ مذهبي عالم سري عام چوندا رهيا ته ماڻهو مشال خان جي جنازي نماز ۾ شريڪ نه ٿين ۽ سندس وارثن سان تعزيت به نه ڪن. جڏهن ته عام ماڻهو ريلي ڪڍڻ بعد اسان وٽ آيا ۽ هنن مونجهاري جو شڪار رهڻ واري صورتحال تي اسان سان معذرت ڪندي چيو ته هو ان ڳالهه تي شرمسار آهن ڇو ته هو ابتدا ۾ ئي اسانجي خاندان سان گڏ بيهي نه سگھيا“.

مذهب جي آڙ ۾ قانونن جي غلط استعمال جو حوالو ڏيندي محمد اقبال چيو ته ”اهو صرف سندس نه پر سڄي قوم جو درد آهي“. هن اهو پڻ چيو ته سموري سماج کي امن ۽ برداشت جي رجحان خاطر اٿي پوڻ گھرجي. محمد اقبال ٻڌايو ته پوليس انهيءَ مذهبي عالم خلاف به ڪيس داخل ڪيو آهي جنهن ماڻهن کي مشال جي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيڻ کان روڪڻ بابت اعلان ڪيا هئا.

توهين رسالت وارن ڪيسن تي وڌيڪ توجهه ڏيندڙ وڪيل ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن ايڊووڪيٽ سروپ اعجاز جو چوڻ هو ته ”اهو احساس هاڻي وڌي رهيو آهي ته توهين رسالت جو قانون ڪجهه موقعن تي غلط استعمال ٿي رهيو آهي. ان حوالي سان جنهن ڳالهه کي سمجهڻ جي سخت ضرورت آهي اها هيءَ ته انهيءَ قانون کي استعمال ڪندي ڪنهن کي به پلاند ۽ ظلم توڙي ستم جو نشانو بنائڻ جي سلسلي ۾ مشال خان جو ڪيس انتهائي ڀيانڪ مثال آهي، ان واقعي مان اهو پتو به پئجي رهيو آهي ته سماج ۾ ڪهڙي قسم جا رويا موجود آهن. ان قانون ۾ نمايان سڌارن خاطر حڪومت ۽ سياسي ڌرين کي اڳڀرائي ڪرڻ گھرجي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ان سلسلي ۾ خالي دعوائن کان علاوه ٺوس قدم کڄندي نظر نه ٿا اچن“.

هن اهو پڻ چيو ته موت واقع ٿيڻ تائين مشال مٿان بيرحماڻو تشدد ٿيڻ مان ان ڳالهه کي به چڱيءَ ريت پروڙي سگھجي ٿو ته توهين رسالت قانون جي غلط استعمال جا ڪيترا نه ڀيانڪ ۽ تشدد سان ڀريل نتيجا سامهون اچي سگھن ٿا. اها هڪ حقيقت آهي ته ”توهين رسالت“ کي ذاتي سببن جي بنياد تي تشدد ۽ ظلم ستم لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. اهو به هاڻي واضح ٿي رهيو آهي ته ان حوالي کان اها اميد وڌندي پئي وڃي ته ان معاملي بابت قومي سطح تي ايمانداريءَ سان بحث جي شروعات ٿيڻ گھرجي ۽ ان بعد قانون ۾ سڌارا آندا وڃن.

عبدالولي خان يونيورسٽيءَ جي جرنلزم شعبي جي سربراهه شيراز پراچا، سروپ اعجاز جي ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو ته ”صورتحال کي بهتر ڪرڻ جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ، ذهني سوچ آهي“.

عبدالولي خان يونيورسٽيءَ جو ڪيمپس واقعي کان ڇهه هفتا پوءِ کلي چڪو آهي ۽ اهڙو احتجاج به ٿي چڪو آهي جنهن جو مقصد مشال کي انصاف ڏيارڻ هيو. يونيورسٽي کلڻ واري موقعي تي مشال جي پيءُ محمد اقبال انصاف جي ضرورت تي زور ڀريندي يونيورسٽيءَ جي انتظاميا کي توهين رسالت جي آڙ ۾ تشدد واري لهر ڀڙڪائڻ جو ذميوار قرار ڏنو آهي.

پوليس آڏو باضابطه طور تي بيان ڏيڻ وقت به محمد اقبال چيو هو ته عبدالولي خان يونيورسٽيءَ جي انتظاميا پنهنجي آفيسرن جي بيقاعدگين کي لڪائڻ ۽ کين احتساب کان بچائڻ لاءِ سندس پٽ مٿان توهين رسالت جو الزام هڻي کيس مارايو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here