اسلام آباد (وقار گيلانيءَ وٽان) سياسي اڳواڻن، دهشتگرديءَ جو نشانو بڻيلن ۽ تجزيا ڪندڙن جو چوڻ آهي ته، پاڪستان پاران بندش پيل مذهبي ۽ دهشتگرد گروپن جي سياسي اوسر متعلق واضح پاليسي آڻڻ ۾ ناڪام رهجي وڃڻ سبب اهڙن گروهن جي وجود بابت مونجهارو پيدا ٿي چڪو آهي.

گھرو معاملن جي وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان تازو ئي دفاع پاڪستان ڪائونسل جي اڳواڻن سان هڪ ملاقات ڪئي آهي. اها ڪائونسل، هڪ درجن کان وڌيڪ اهڙين سخت گير مذهبي نظريا رکندڙ تنظيمن جو اتحاد آهي جنهن ۾ ڪجهه پابندي مڙهيل ۽ نگرانيءَ هيٺ رکيل تنظيمون به شامل آهن جيڪي مبينه طور تي فرقيوارانه ۽ سرحد پار دهشتگرديءَ ۾ ملوث ڄاڻائجي چڪيون آهن.

انهن شدت پسند گروپن ۾ اهلسنت والجماعت (هي سخت گير شيعه مخالف مذهبي گروپ آهي جيڪو جنرل پرويز مشرف دور حڪومت ۾ بندش پوڻ بعد نئين نالي سان منظر عام تي اڀري آيو) ۽ جماعت الدعوه به شامل آهن. واضح رهي ته جماعت الدعوه، دهشت گرد گروهه لشڪر طيبه جي بانيڪار پڻ آهي ۽ اهو دهشت گرد گروهه ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ آزاديءَ لاءِ ٿيندڙ ويڙهاند جو حامي آهي. جڏهن ته جماعت الدعوه پاران لشڪر طيبه سان ڪي به لاڳاپا هجڻ بابت انڪار ڪيو ويندو آهي.

ملڪ ۾ قائم ٿيل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (NACTA) جي سرڪاري انگن اکرن مطابق، اهلسنت والجماعت پابندي مڙهيل جماعتن مان هڪ آهي ۽ ان مٿان 2012 ۾ پابندي مڙهي وئي هئي. اهلسنت والجماعت جو بُڻ بنياد سپاهه پاڪستان سان جڙيل آهي ۽ انهيءَ تنظيم توڙي ان سان سلهاڙيل گروپ لشڪر جهنگويءَ مٿان پرويز مشرف دور حڪومت کان پابندي پيل آهي. ٻئي طرف جماعت الدعوه به ملڪ جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن توڙي گڏيل قومن جي نظرداريءَ هيٺ رهندڙ گروپ آهي.

ڊسمبر 2014 ۾ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور مٿان ٿيل موتمار حملي کانپوءِ رياست پاران لاڳو ڪيل 20 نقطن واري نيشنل ايڪشن پلان (NAP) جي دهشتگردي مخالف نقطي نمبر ستين ۾ سختيءَ سان تاڪيد ٿيل آهي ته ”بندش پيل تنظيمن جي ٻيهر اُسرڻ واري عمل کي روڪيو ويندو“.

مخالف ڌر جي مکيه پارٽي، پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي نوجوان سربراهه بلاول ڀٽو زرداريءَ 29 آڪٽوبر واري ڏهاڙي ڪوئيٽا جو دورو ڪرڻ دوران حڪمران پارٽيءَ پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي اهڙن دهشتگرد گروهن جي سرپرستي ڪرڻ  سبب شديد تنقيد جو نشانو بڻايو. بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو ته ڪوئيٽا جي پوليس ٽريننگ اڪيڊميءَ مٿان ٿيل حملي جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ملڪ جو گھرو وزير سٺن طالبان سان تصويرون ڪڍرائڻ ۾ مصروف نظر آيو.

رضا روميءَ نالي هڪ صحافيءَ، جنهن کي هڪ دهشتگرد گروپ قاتلاڻي حملي جو نشانو بڻايو، جيڪو هاڻي آمريڪا جي اِٿاڪا (Ithaca) ڪاليج ۾ استاد طور ذميواريون ادا ڪري رهيو آهي، جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ تشدد جي نظرئي تي عمل ڪندڙ انتها پسند گروهن جي موجودگي ۽ انهن جو طاقتور هجڻ ٽن حقيقتن جي نشاندهي ڪري ٿو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته قومي ايڪشن پلان جي موجودگيءَ باوجود انهن گروپن جي مستقبل بابت رياست جي ڪا به واضح پاليسي نه آهي، جڏهن ته سندن موجودگي بابت فوج پاران 1980 واري ڏهاڪي ۾ جوڙيل قومي سلامتيءَ واري حڪمت عملي تي اڃان به عمل ڪيو پيو وڃي، جنهن مان اسانجي سمجهدار هجڻ واري اها ڪوتاهي به عيان ٿي رهي آهي ته اسان انهن گرپن کي پنهنجي مضبوط دفاع جي علامت سمجهي انهن جي سار سنڀال واري ذميواري ادا ڪرڻ تي مجبور آهيون. توڙي جو انهن گروپن جي قيادت کي طاقت وسيلي منظر عام تان هٽايو به ويو آهي پر پوءِ به انهن جي پوئلڳن متعلق ڪو هڪ فيصلو ڪرڻ بابت اسان سنجيدگيءَ  کان وانجهيل آهيون.

دفاع پاڪستان ڪائونسل جي اڳواڻن سان گھرو وزير چوڌري نثار جي ملاقات کان هڪ هفتو پوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران شيعه تنظيم مجلس وحدت المسلمين جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي ڪراچيءَ مان گرفتار ڪيو ويو.

4 نومبر 2016 واري ڏهاڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابديءَ کي به گرفتار ڪيو ويو، جنهن ڪجهه وقت اڳ مذهبي نوعيت جي فرقيوارانه واقعن ۾ مبينا طور ملوث هجڻ ۽ غيرقانوني هٿيار برآمد ٿيڻ بعد پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کان عليحدگي اختيار ڪندي سينيٽ جي رڪنيت تان پڻ استيعفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. جڏهن ته، وٽائنس برآمد ٿيل هٿيارن جا لائسنس پيش ڪرڻ کانپوءِ ڪراچيءَ جي هڪ عدالت 10 نومبر واري ڏينهن سندس ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

وحدت المسلمين جي سربراهه راجا ناصر عباس ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهائيندي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران سنڌ صوبي ۾ حڪومت جي رضامنديءَ سان ڪيل اها ڪارروائي غيرمنطقي توازن واري پاليسيءَ جو حصو آهي ۽ ان جو هڪ مطلب اهو  به آهي ته بندش پيل انهن شدت پسند گروپن کي خوش ڪيو پيو وڃي جيڪي حڪومت سان هٿ ملائي رهيا آهن. جڏهن ته اسانجي پارٽيءَ جي جن اڳواڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي اهي ڪنهن دهشتگرديءَ واري سرگرميءَ سان لاڳاپيل نه رهيا آهن.

راجا ناصر عباس جو چوڻ هو ته افسوس جي ڳالهه ته اها به آهي جو انتها پسند گروپن کي خوش ڪرڻ خاطر سمجهه ۾ نه ايندڙ توازن واري پاليسيءَ تحت دهشتگرديءَ جو نشانو بڻيلن سان به دهشتگردن جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.

ملڪ جي هڪ مکيه انگريزي اخبار ۾ شايع ٿيل خبر به اهڙن ارادن جي نه هجڻ متعلق انڪشاف ڪيو آهي. انگريزي اخبار ۾ شايع ٿيل انهيءَ خبر کي گھرو معاملن جي وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان پاران بي بنياد ۽ سول توڙي فوجي قيادت وچ ۾ ملڪي سالميت وارن معاملن  بابت ويڇا وڌائڻ جو سبب قرار ڏنو ويو آهي.

ان خبر ۾ اها ڳالهه عيان ڪئي وئي آهي ته ملڪ جي سولين قيادت پاران مبينه طور تي انٽيليجنس ايجنسين کي بندش پيل دهشتگرد گروپن جي پٺڀرائي ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏيندي واضح ڪيو ويو آهي ته دهشتگرد گروپن خلاف گھربل نوعيت جي ڪارروائي نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ ئي پاڪستان مٿان عالمي سطح تي تنقيد سبب ملڪ سفارتي سطح تي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي رهيو آهي. 29 آڪٽوبر 2016 واري ڏهاڙي چوڌري نثار پريس ڪانفرنس ڪندي انهيءَ خبر متعلق چيو ته دهشتگرد گروپن متعلق ملڪ جي سول ۽ فوجي قيادت جو موقف هميشهه ساڳيو رهيو آهي ۽ انگريزي اخبار جي خبر گمراهه ڪندڙ آهي.

مڃيل حقيقتن مان هڪ اها به آهي ته، پنجاب صوبي جي موجوده حڪمران پارٽي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پاران مالي سال 2009-10 جي بجيٽ ۾ جماعت الدعوه سان لاڳاپو رکندڙ تعليمي ادارن لاءِ هڪ ڪروڙ روپيا رکيا ويا هئا. حد ته اها ٿي جو مالي سال 2009-10 جي بجيٽ دستاويزن ۾ اهڙا مالي وسيلا رکڻ ۽ انهن جي خرچ جي مقصدن جي تحريري نشاندهي پڻ ڪئي وئي. پنجاب جي قانون واري وزير رانا ثناءُ الله پاران سرڪاري سطح تي ان ڳالهه جي تصديق به ڪئي وئي. هن جو چوڻ هيو ته اها رقم انساني همدرديءَ جي بنيادن تحت تنظيم جي اسپتال ۽ اسڪولن کي مهيا ڪئي وئي. اهڙي نوعيت جو هڪ ٻيو قدم 2008 ۾ ساڳيءَ پارٽيءَ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پنجاب حڪومت پاران کنيو ويو جڏهن لشڪر جهنگويءَ جي سربراهه ملڪ اسحاق جي خاندان کي مالي مدد مهيا ڪئي وئي ڇو  ته ملڪ اسحاق ان وقت جيل ۾ قيد هيو، اهو ئي ملڪ اسحاق 2015 ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان مقابلو ۾ مارجي ويو. پنجاب حڪومت پاران ملڪ اسحاق جي خاندان کي نقد رقم مهيا ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ويو ته ”بلڪل، ملڪ اسحاق جي خاندان کي نقد رقم ڏني وئي آهي“.

حڪمران پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران کنيل هڪ ٻيو قدم به نيشنل ايڪشن پلان تي عمل جي سلسلي ۾ وڏو سواليه نشان بڻيل آهي، اهو سوال ان وقت اٿيو جڏهن گھرو معاملن جي وفاقي وزير چوڌري نثار دفاع پاڪستان ڪائونسل جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ کين اسلام آباد جي مرڪزي علائقي ۾ خاص ان وقت ريلي ڪڍڻ جي اجازت ڏني جڏهن وفاقي حڪومت پاران پنهنجي سياسي مخالف پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف 28 آڪٽوبر 2016 واري ڏهاڙي کان ڪارروائيءَ جو آغاز ڪيو ويو.

ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهائيندي صحافي رضا روميءَ چيو ته سولين حڪومت کي هڪ ته اهڙو اختيار ئي حاصل نه آهي ۽ ان سان گڏ ئي اهڙن دهشتگرد گروپن سان لاڳاپيل معاملن کي ختم ڪرڻ ۾ به وفاقي حڪومت کي ڪا خاص دلچسپي نه آهي جهڙيءَ ريت انگريزي اخبار ڊان جي خبر شايع ٿيڻ بعد اها راءِ جڙي رهي آهي ته انهيءَ معاملي جي بنياد تي حڪومت جا اسٽيبلشمينٽ سان شديد اختلاف موجود آهن.

پنجاب صوبي جي مرڪزي علائقن ۾ حڪمران پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا جيئن ته اهڙن گروپن سان اليڪشني اتحاد وارا ناتا رهيا آهن اهو ئي سبب آهي ته هن معاملي جي پسمنظر ۾ سمورو ڏوهه عسڪري ادارن مٿان نه ٿو وجهي سگھجي.

رضا روميءَ جو اهو به چوڻ هو ته، وزيراعظم نوازشريف جنهن نيشنل سيڪيورٽي ڪاميٽيءَ جو سربراهه آهي ان ڪاميٽيءَ کي گھرجي ته اهڙن قدمن متعلق ويچار ڪري ۽ اهڙا رستا ڳولي لهي جن وسيلي ملڪ کي بندش پيل دهشت گرد گروپن کان پاڪ ڪري سگھجي. ان سلسلي ۾ طاقت جو استعمال سولو ۽ هڪ حد تائين موثر به ثابت ٿي سگھي ٿو پر ٿيڻ ايئن گھرجي ته حڪمت عملي اهڙي جوڙي وڃي جنهن وسيلي انهن گروپن کي بي هٿيار ڪري سندن طاقت ختم ڪئي وڃي. اهڙي حڪمت عمليءَ لاءِ ضروري آهي ته ملڪ جي عوام ۾ اها اتفاق راءِ قائم هجي ته جهادي گروپ ملڪ لاءِ شديد خطرو بڻيل آهن“.

رضا رُومي پنهنجي ڳالهه مڪمل ڪندي چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين سياسي پارٽين کي گھرجي ته اهي فرقيوارانه سرگرمين ۾ ملوث گروپن جي سياسي سرگرمين کان مڪمل لاتعلقي اختيار ڪن. ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ کي به گھرجي ته اها پنهنجي متبادل طور جهادين بجاءِ ڪنهن ٻي قوت کي متعارف ڪرائي. موجوده وقتن ۾ عمران خان جهادين کي ملڪ لاءِ خطرو نه ٿو سمجهي ۽ هو مستقل طور تي سندن خيرخواهه بڻيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن معاملي متعلق فوج کي مشغول ڪرڻ بابت پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو ڪردار به ڪمزور ٿي پوي ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here