پشاور: گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي اداري يونيسڪو مطابق پاڪستان جون 30 مقامي ٻوليون پنهنجو وجود وڃائڻ جي ويجهو پهچي چڪيون آهن، جن مان 15 خيبرپختونخواه صوبي ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون.
خاتمي جي گهيري ۾ آيل دنيا جي ٻولين متعلق گڏيل قومن جي اداري (UNESCO) جي جنتريءَ ۾ پاڪستان جي اهڙين 27 ٻولين کي شامل ڪيو ويو آهي جيڪي خاتمي جي ويجهو پهچي چڪيون آهن. خيبرپختونخواه جون جيڪي ٻوليون خطري ۾ اچي چڪيون آهن، انهن جي درجي بندي ٽن مختلف نوعيتن تحت ڪئي وئي آهي. انهن مان هڪڙيون اهي ٻوليون آهن جن لاءِ خطرو هوريان هوريان وڌي رهيو آهي. اهي ٻوليون ٻار به ڳالهائي سگھن ٿا پر اهي صرف گھرن جي حد تائين محدود ٿي چڪيون آهن.
ٻيون ٻوليون اهي آهن جن جي خاتمي جو يقيني خطرو پيدا ٿي چڪو آهي، انهن ٻولين کي ٻار پنهنجي گھر اندر به هاڻي مادري ٻوليءَ طور سکي ناهن رهيا. ٽيون اهي ٻوليون آهن جيڪي شديد خطري جي وَرِ چڙهي چڪيون آهن. اهي ٻوليون اڄوڪن وقتن جي ٻارن جي ماءُ پيءُ جا والدين يا پراڻي پيڙهيءَ جا فرد ئي ڳالهائي رهيا آهن ۽ صرف ٻارن جا والدين ئي ان ٻوليءَ جو مطلب سمجهي سگھن ٿا ۽ ٻار اهي ٻوليون ڳالهائي به نه ٿا سگھن، نه ئي انهن جو مطلب سمجهي سگھن ٿا.
خيبرپختونخواه صوبي ۾ خطري هيٺ آيل ٻولين جي جاگرافيائي بيهڪ جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته خاتمي جي ويجهو پهچي ويل 8 ٻولين جو لاڳاپو چترال پرڳڻي سان آهي جڏهن ته باقي سڀ ڪوهستان، سوات ۽ دِير پرڳڻن ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون.
ٻولين جي خاتمي بابت پيدا ٿي پيل خطري جي شدت کي جيڪڏهن سمجهڻ جي ڪوشش ڪبي ته ٻن ٻولين کُوار (02 لک 22 هزار 800 ڳالهائڻ وارا) ۽ مائيا (02 لک 20 هزار ڳالهائڻ وارا) لاءِ خطري واري صورتحال ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. 8 ٻولين ٻٽيري (29 هزار)، گوار باٽي (9500)، ڦالوا (8600)، ساوي (3000)، طوروالي (60 هزار)، اُشوجو (2000) يِدگا (5500) ۽ ڪاٽي (18 هزار 700) يقيني خطري جي وَرِ چڙهي چڪيون آهن. جڏهن ته پنج اهڙيون ٻوليون آهن جن لاءِ خطرو شدت اختيار ڪري چڪو آهي، انهن ۾ چِليسو (2000)، دميلي (5500) گُوارو (200)، ڪلاشا (5000) ۽ ڪالڪوٽي ٻوليون شامل آهن.
خيبر پختونخواه صوبي ۾ آباديءَ جو ڪاٿو 27 ملين لڳايو ويو آهي، پر نئين آدمشماريءَ جي انگن اکرن جي عدم موجودگيءَ سبب سرڪاري سطح تي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن جي حقيقي تعداد متعلق اندازو لڳائڻ انتهائي مشڪل آهي ۽ ان متعلق صرف ڌُڪا ئي هڻي سگھجن ٿا.
”پاڪستان ۾ ٻولين جي پاليسي ۽ مقامي اهميت: رواج جي تبديليءَ متعلق هڪ صلاح“ جي عنوان سان تحرير ٿيل تحقيقي مقالي مطابق، پاڪستان ۾ جيڪي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون انهن جو ڪل تعداد گھٽ ۾ گھٽ 64 آهي، جن ۾ 58 ننڍيون ۽ 6 وڏيون زبانون آهن. 1998 واري آدمشماريءَ مطابق، پنجابي ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ زبان آهي ۽ ملڪ جي 44.15 سيڪڙو آبادي اها زبان ڳالهائي ٿي. پشتو ٻئي نمبر تي وڏي زبان ۽ ملڪ جي آباديءَ جي تناسب سان اها ٻولي ڳالهائڻ وارن جي شرح 15.42 سيڪڙو آهي.
لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر طارق رحمان جو چوڻ هو ته ڪنهن به ٻوليءَ جي ختم ٿي وڃڻ جو سڀ کان وڏو سبب اهو هوندو آهي ته ان سان ڪي به معاشي فائدا سلهاڙيل ناهن رهندا.
ڊاڪٽر طارق موجب جيڪا ٻولي جياپي خاطر مالي سهولت مهيا ڪرڻ کان لاچار ٿي ويندي آهي، ان جا اصلوڪا ڳالهائڻ وارا معاشي فائدي خاطر پوءِ ٻين بالادست ٻولين ڏانهن منتقل ٿي ويندا آهن. اهو ئي سبب آهي ته، اهڙا ماڻهو هڪ مڪمل ثقافت، سماج، تاريخ، لوڪ ورثي کي اختتام پذير ڪرڻ جو سبب بڻجي هڪ ٻي رواج جو حصو بڻجي ويندا آهن. اها منطق ئي ٻوليءَ جي موت، خودڪشيءَ يا وڌيڪ چٽائيءَ سان ٻولين واري رواج جي مٽا سٽا تي لاڳو ٿئي ٿي.
مقامي سطح تي ڳالهائجندڙ ننڍين زبانن جي خاتمي کي روڪڻ ۽ کين هٿي وٺرائڻ خاطر پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سان تعلق رکندڙ سينيٽر ڪريم احمد خواجه پاران 27 جولاءِ 2016 تي سينيٽ ۾ هڪ آئيني ترميمي بل جو مسودو پيش ڪيو ويو. جڏهن ته، سينيٽ جي قانون ۽ انصاف واري قائمه ڪاميٽيءَ پاران پهرين سيپٽمبر 2016 واري ڏهاڙي انهيءَ مسودي تي وڌيڪ عملي ڪم کي روڪي ڇڏڻ جو فيصلو ڏنو ويو. ڪاميٽيءَ پاران اظهار ڪيو ويو ته، هن نوعيت جي قانونسازيءَ متعلق صوبائي اسيمبليون وڌيڪ لاڳاپيل ادارو آهن، ڇو ته آئين کين اهڙو اختيار مهيا ڪري ٿو ته اهي ٻولين جي معاملن متعلق فيصلا ڪري سگھن ٿيون.
هوڏانهن ڊاڪٽر طارق رحمان سمجهي ٿو ته ٻولين جي بقا خاطر اهڙي نه هجڻ جي برابر قانونسازي مفيد نه ٿي ٿي سگھي. قانونن تي عمل سان ئي نتيجا حاصل ڪري سگھجن ٿا. جيتوڻيڪ غير سرڪاري شعبي پاران انهيءَ سلسلي ۾ جوڳا قدم کڻندي مقامي ٻولين کي نجي اسڪولن جي نصاب جو حصو بڻايو ويو آهي پر اها گنجائش به محدود آهي. حڪومت جي مدد سان ئي خطري جي وَرِ چڙهيل ٻولين جي لاڀائتي بقا برقرار رکي سگھجي ٿي ۽ ختم ٿيندڙ ٻولين جي رواج کي ٻيهر بحال ڪري سگھجي ٿو.
صلاح ڏيڻ وارو انداز اختيار ڪندي ڊاڪٽر طارق رحمان چيو ته پهريون قدم اهو ٿي سگھي ٿو ته اهڙين ٻولين کي درسي نصاب جو حصو بڻايو وڃي، ان جي نتيجي ۾ استادي پيشو اپنائڻ وارن لاءِ ٻولين سان لاڳاپيل ملازمت، ليکڪن لاءِ ڪهاڻيون، ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي پروگرامن، ادبي مواد جي اشاعت، گيتن جي رڪارڊنگ ۽ مصورن توڙي ٻين هنرمندن لاءِ به نوان موقعا نڪرندا. اهو ئي طريقو آهي جنهن وسيلي ختم ٿيندڙ ٻوليءَ جي بقا کي برقرار رکي سگھجي ٿو.
باچا خان ٽرسٽ فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر ۽ لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر خادم حسين ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته ٻولين لاءِ جيڪو اصطلاح عام طور تي گھڻو استعمال ڪيو وڃي ٿو اهو اصطلاح ”علائقائي“ پنهنجي پَرِ ۾ ئي دل آزاريندڙ آهي، ٻولين کي علائقائي حدبندين ۾ ورهائڻ انهن جي توهين ڪرڻ برابر آهي. پاڪستان ۾ جيڪي به ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون اهي سموريون قومي ٻوليون آهن ۽ هڪ قوم جي حيثيت سان اها اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ته انهن ٻولين جي تحفظ ۽ واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪندا رهون.
ڊاڪٽر خادم حسين جو چوڻ هو ته ٻولين جو تحفظ ۽ ترقي بنيادي طور تي رياست جي ذميواري هوندي آهي، جڏهن ته جن ٻولين جي وجود لاءِ خطرو پيدا ٿي رهيو آهي انهن لاءِ صوبائي اسيمبليون به مناسب ۽ جوڳو فورم آهن جنهن وسيلي قانونسازي ڪري سگھجي ٿي ۽ بعد ۾ مرڪزي حڪومت کي به ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.
خادم حسين جي راءِ هئي ته جيڪي رياستون مختلف قسمن وارن رواجن جي ڦهلاءَ کي برداشت ناهن ڪري سگھنديون اهي رياستون ئي حقيقي معنيٰ ۾ صرف هڪ مخصوص سوچ کي هٿي وٺرائينديون آهن ۽ گھڻين ثقافتن جي همت افزائي ناهن ڪنديون. ختم ٿيندڙ ٻولين جي بحاليءَ لاءِ انتهائي ضروري آهي ته انهن ٻولين جي الفابيٽ تيار ڪئي وڃي ۽ ان الفابيٽ کي پرائمري اسڪولن ۾ رائج ڪيو وڃي ۽ مقبوليت ماڻي سگھندڙ ڪلام رڪارڊ ڪرايا وڃن ۽ شاعري شايع ڪرائي وڃي. ان قسم جا قدم جيڪڏهن گڏوگڏ کنيا ويندا ته ختم ٿيندڙ ٻولين جي بقا برقرار رکي سگھبي.
خادم حسين جو چوڻ هو ته، پشتو، هِندڪو، سرائيڪي، طوروالي ۽ کُوار جهڙين ٻولين کي پرائمري اسڪولن ۾ سکيا وسيلي طور رائج ڪرڻ گھرجي ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ انهن ٻولين کي لازمي مضمون طور پڙهايو وڃڻ گهرجي. جنهن بعد آهستي آهستي اهي ٻوليون مارڪيٽ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺنديون. اهڙين ٻولين جي رڪارڊ ڪيل يا ڇپيل مواد کي مارڪيٽ ۾ عام ڪرڻ گھرجي ۽ ان سان گڏ ئي اهڙين ٻولين کي راندين، ميڊيا، ڪاروبار، تعليم ۽ ايتري حد تائين جو صوبائي اسيمبليءَ ۾ متعارف ڪرايو وڃي.
سال 2012 ۾ عوامي نيشنل پارٽيءَ جي تڏهوڪي صوبائي حڪومت پاران خيبرپختونخواه ۾ علائقائي ٻولين کي هٿي وٺرائڻ واري اٿارٽيءَ جو ايڪٽ منظور ڪرايو ويو هيو، پر اها اٿارٽي اڄ ڏينهن تائين قائم ٿي ناهي سگھي. هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده صوبائي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هيءَ حڪومت گھڻين ٻولين ۽ رواجن جي همت نه وڌائي رهي آهي ۽ مقامي ٻولين بجاءِ انگريزيءَ ۽ اردوءَ کي اسڪولن ۾ سکيا جو وسيلو بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
گنڌارا هندڪو بورڊ جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر صلاح الدين مطابق، اها صوبائي توڙي وفاقي حڪومتن جي گڏيل ذميواري آهي ته اهي خيبرپختونخواه ۾ ڳالهائجندڙ علائقائي ٻولين جي ترقيءَ لاءِ ڪوششون ڪن. هن جو چوڻ هو ته، صوبي جي صرف ٻن پشتو ۽ هندڪو ٻولين جي سرڪاري سطح تي سرپرستي ڪئي وڃي ٿي باقي ٻين ننڍين ٻولين جي تحفظ ۽ واڌ ويجهه کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان لاءِ اها ڳالهه هاڻي گھڻي ضروري ٿي پئي آهي ته پشتو، هندڪو ۽ کُوار جهڙين ٻولين کي پرائمري اسڪولن ۾ رائج ڪرڻ وارو ابتدائي قدم کڻئون.
ڊاڪٽر صلاح الدين جي راءِ هئي ته ان بعد اسان ٻين ننڍين ٻولين کي به ساڳي ريت پنهنجي عام زندگيءَ جي وهنوار ۾ شامل ڪندا رهئون. انهن ٻولين جا حق به ٻين وڏين ٻولين جيترا ئي اهم آهن. ان سلسلي ۾ اهو فرق نه ڪرڻ گھرجي ته اهي ٻوليون ٿورائيءَ وارن ماڻهن جون آهن يا اهي ماڻهن جي هڪ وڏي تعداد پاران ڳالهايون وڃن ٿيون. هر هڪ ٻوليءَ لاءِ ضروري آهي ته ان جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ ان کي وڌڻ ويجهڻ ڏنو وڃي.