لاهور: پاڪستان جي اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجه جي گھرواري بينا جواد پنهنجي گھريلو ملازمه جي بيڪار رهندڙ ٻارن کي ڏسي خوش نه رهندي هئي. هن جي ڌيءُ زينب جواد لاءِ به سندس پٽ جو لڳاتار اسڪول جي ڪم ۾ مصروف رهڻ خوشيءَ جو سبب نه پئي بڻيو. زينب جو پٽ جيئن ئي اسڪول جي ڪم مان واندو ٿيندو هو ته سندس سمهڻ جو وقت ٿي ويندو هيو.

ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهائيندي زينب جواد چيو ته سندس پٽ هر وقت اسڪول جي ڪتابن ۾ مصروف رهندو هو. جڏهن ته اسڪول ۾ جيڪي غيرنصابي سرگرميون کانئن ڪرايون وينديون هيون اهي سکڻ ۾ ڪافي مشڪل هيون. انهن اعتراضن ئي هن خاندان کي، لاهور جي پسگردائيءَ واري علائقي بيديان روڊ تي واقع سندن فارم هائوس ۾ ”هر سُک“ نالي اسڪول کولڻ لاءِ اڳتي وڌڻ تي مجبور ڪيو.

انهيءَ اسڪول ۾ هر طبقي جي ٻارن کي داخلا وٺڻ جي ڇوٽ ڏنل آهي ايتري تائين جو ڀرپاسي جي ڳوٺن سان تعلق رکندڙ ٻارن کي به داخلا ڏني وئي. زينب جواد لاهور ڪاليج آف آرٽس اينڊ سائنس ۾ پڙهندڙ پنهنجي ٻارن جي داخلا ختم ڪرائي کين ”هر سُک“ اسڪول ۾ داخل ڪيو.

ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهائيندي زينب جواد چيو ته جنهن اسڪول ۾ سندن ملازمه جا ٻار پڙهندا هجن اتي پنهنجي ٻارن جي داخلا ڪرائڻ تي کين ڪا به ڳڻتي نه آهي. رضاڪاراڻي انداز سان چينيءَ جا ٿانوَ ٺاهڻ وارو هنر سيکاريندڙ غنيا بدر به اسلام آباد جي هڪ مهانگي اسڪول ۾ پڙهندڙ پنهنجي ٻارن کي اتان ڪڍي ”هر سک“ اسڪول ۾ موڪلي ڏنو آهي.

بينا خواجه چيو ته ”هر سک“ اسڪول کولڻ واري سوچ پٺيان صرف اهو مقصد نه هيو ته پنهنجي ملازمه جي ٻارن لاءِ سٺي تعليم جو بندوبست ڪيان. بينا چاهيو پئي ته هڪ اهڙي تعليمي سرگرميءَ کي قائم ڪجي جنهن تحت ٻار ان وقت به علم پرائيندا رهن جڏهن هو راند ڪندا هجن.

ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته هڪ اهڙو اسڪول جتي ٻار ڪلاس روم ۾ ٿورو وقت گذارين، ان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وقت ڪلاس کان ٻاهر فطرت جي ويجهو رهندي گذارين. ”هر سک“ اسڪول جي انتظاميا مطابق، اسڪول ۾ هن وقت چار کان 11 سالن جي عمر جا 55 شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن.

ٻارن جي سکيا لاءِ نصابي توڙي غير نصابي سرگرمين ۾ هڪجيترو توازن رکيو ويو آهي. ”هر سک“ ۾ ٻارن کي اهڙي انداز سان علم پرائڻ جي سهولت ڏني وڃي ٿي جو اهي پنهنجي آسپاس واري ماحول سان جڙي وڃن.

زينب جواد جي راءِ هئي ته ٻار جڏهن ڪلاس روم اندر وقت گذاريندا آهن ته اهي ٻين تي ڀاڙڻ واري هڪ قسم جي روش جو شڪار بڻجي ويندا آهن. اسان وٽ عام طور تي جهڙي قسم جو مخصوص ماحول رائج ٿي چڪو آهي ان مطابق استاد ۽ شاگرد جو رشتو دڪاندار ۽ گراهڪ جهڙو ٿي پيو آهي. ان جي نتيجي ۾ هڪ ذهن کي صرف معلومات ۽ حقيقتن سان ڀريو وڃي ٿو.

زينب جو چوڻ هو ته هو چاهين ٿا ته ٻار کي اها ڄاڻ به ملي ته پٿر سخت ڇو آهي يا پاڻي پاڻياٺو ڇو آهي ۽ هوا نظر نه اچڻ باوجود سازگار ڇو آهي. اسان چاهيون ٿا ٻار هن دنيا جو حصو ٿي وڃن ۽ پاڻ کي هن دنيا جو صرف هڪ فرد تصور نه ڪن.

”هر سک“ ۾ اهڙي انداز سان ڏني ويندڙ تعليم جي اصول تحت پهرين کان ٽئين ليول جا ٻار مختلف قسم جي غيرنصابي سرگرمين ۾ حصو وٺندا آهن. رضاڪار، جيڪي مختلف شعبن سان پيشه وراڻي انداز سان لاڳاپيل آهن اهي اسڪول ۾ اچي ٻارن لاءِ اهڙين غير نصابي سرگرمين جو اهتمام ڪندا آهن.

بينا خواجه ڪلاسيڪل ڊانس جو سبق پڙهائيندي آهي. لاهور ۾ واقع نيشنل ڪاليج آف آرٽس سان لاڳاپيل غنيا بدر چينيءَ جا ٿانوَ ٺاهڻ سيکاريندي آهي. جڏهن ته سقراط جي فلسفي بابت لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز جو استاد فرخ عباس پڙهائيندو آهي. بيڪن هائوس يونيورسٽيءَ جي تربيت يافته استاد عِصمت جواد آرٽ ۽ ڪرافٽس جو مضمون پڙهائيندي آهي. لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز ۾ پڙهندڙ حامد اليڪٽرانڪس جي مضمون جو درس ڏيندو آهي ۽ عثمان لطيف تار وارن سازن بابت پڙهائيندو آهي جڏهن ته هر هفتي هڪ دفعو ڪرڪيٽ به کيڏائي ويندي آهي.

11 سالن جي محمد عثمان اسڪول جي ويجهڙائيءَ ۾ واقع ننڍڙي ڳوٺ ملکوئيءَ جو رهائشي آهي ۽ اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن مان هڪ آهي. ”هر سک“ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ هو انهيءَ علائقي جي هڪ نجي اسڪول ۾ تعليم وٺندو هيو. هن ٻڌايو ته، انهيءَ اسڪول جا استاد اڪثر ڪري کيس ماريندا پڻ هئا.

ٽرٿ ٽريڪر کي عثمان ٻڌايو ته ايتري حد تائين جو کانئن ڪا معمولي غلطي به ٿيندي هئي ته ان جي سزا خاطر ڪافي دير تائين اٿ ويهه يا ڪڪڙ ٺاهيو ويندو هيو. عثمان جو چوڻ هو ته کيس ”هر سک“ سان بيحد چاهه ٿي پيو آهي ڇو ته هتي کيس روايتي انداز سان پڙهڻ بجاءِ غير روايتي انداز سان پڙهڻ جو موقعو مليو آهي.

اسڪول کي 05 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. زينب ٻڌايو ته ”اسڪول ۾ نرسري، پريپ، ليول 01، ليول 02 ۽ ليول 03 رکيون ويون آهن. هو ٻار لاءِ ڪلاس جو تجزيو هن جي هوشيارپ ۽ هن پاران ڄاڻ کي سمجهي سگھڻ جي بنياد تي ڪندا آهن. اسڪول واري پسگردائيءَ ۾ واقع هڪ ڳوٺ جون ٻه ڀينرون ليول 01 ۾ داخل آهن. هڪ جي عمر ست سال ۽ ٻيءَ جي عمر 11 سال آهي. جيئن ته 11 سالن جي عمر واري ڇوڪري ليول 02 ۾ ڏني ويندڙ تعليم کي سمجهي سگھڻ جي قابل نه آهي ان ڪري ئي کيس ليول 01 ۾ پڙهائي رهيا آهن.

”هر سک“ جي هيڊماستر آفتاب شيخ جو چوڻ هو ته اسڪول ۾ انگريزيءَ، اردوءَ، رياضيءَ ۽ سائنس جا بنيادي اهميت وارا مضمون پڙهايا ويندا آهن. هي اسڪول عطين وسيلي هلايو پيو وڃي ۽ توڙي جو ٻارڙا ٻهراڙيءَ جي علائقن سان تعلق رکن ٿا پر هر هڪ ٻار کي هڪ هزار روپيا في ادا ڪرڻي هوندي آهي.

ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهائيندي بينا جواد چيو ته ٻارن کي مذهب جي تعليم منفرد انداز سان ڏني ويندي آهي. پاڪستان ۾ هڪ ٻار جي ذهن اندر خدا جي جيڪا تصوير جڙندي آهي اها هيءَ هوندي آهي ته خدا ماڻهن کي صرف جنت ۽ جهنم ۾ وجهڻ وارو ڪم سرانجام ڏيندو آهي. اهو رجحان ٻار جي انهيءَ صلاحيت کي جڏو ڪري ڇڏيندو آهي جنهن تحت هو ٻين جو هڏ ڏوکي بڻجي سگھي.

اهو بينا جو يقين آهي ته خوف جي ڪري وحشت جي حوصلي افزائي ٿيندي آهي. خوف جي ڪري ڪمزور شخصيت وارا لاڙا زور وٺندا آهن. خوف خوداعتمادي کسي وٺندو آهي ۽ ماڻهوءَ کي وڌيڪ خرابين ڏانهن ڌڪي ڇڏيندو آهي. فرخ عباس جو چوڻ هو ته، ”هر سک“ ۾ تعليم استاد شاگرد جي بهتر تعلق جي بنياد تي ڏني ويندي آهي.

”پنجاب ۾ انتظامي عملداريءَ کي سڌارڻ“ جي عنوان سان فورمين ڪرسچين ڪاليج جي ويب سائيٽ تي شايع ٿيل تحقيقي مقالي ۾ چيل آهي ته جنهن ڪلاس ۾ شاگردن جو تعداد 10 کان وڌيڪ نه هوندو ته ان جو مطلب اهو آهي ته هر هڪ ٻار تي وڌيڪ توجهه ڏئي سگھبو. جڏهن ته پنجاب ۾ استادن ۽ شاگردن جو موجوده تناسب هڪ استاد ۽ 50 شاگرد آهي، اهو رجحان محدود وسيلن جي شاهدي ڏئي رهيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here