ڪابل (ثناء اعجاز وٽان) هڪ سال اڳ افغانستان واپس اچڻ کانپوءِ عاصمه ان لائق ٿي سگھي آهي ته ڪابل يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي سگھي. هن ٻڌايو ته، سرحد جي هن پار پاڪستان جي شهر پشاور ۾ هن پناهه گير طور جيڪا تعليم حاصل ڪئي تنهن آڌار ئي هوءَ ان لائق ٿي سگھي آهي ته ڪابل يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي سگھي.

20 سالن جي عاصمه نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته توهان اسانکي پشاور مان ته ڌِڪي ڪڍي سگھو ٿا پرتوهان ان شهر کي اسانجي دل ۽ روح کان ڌار نه ٿا ڪري سگھو. پشاور ۾ هڪ پناهه گير طور 20 سال گذارڻ کانپوءِ هن جو پيءُ پنهنجي سموري خاندان کي وٺي ڪابل پهتو آهي. هن جا ست ئي ٻار اتي ڄاوا ۽ وڏا ٿيا آهن.

57 سالن جي سراج الدين، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته هو اتي رهيا، سندس ٻارن اتان جي اسڪولن ۾ تعليم پرائي ۽ پنهنجا دوست ٺاهيا پر اتان جي حڪومتي انتظاميا بار بار دستاويزن جي پڇا ڪري پريشان ڪندي رهندي هئي، جنهن ڪري نيٺ هو ڪابل هليا آيا.

پاڪستان ۽ افغانستان جي ٻه طرفن لاڳاپن ۾ جيئن ته بدمزگي پيدا ٿيڻ شروع ٿي آهي ۽ افغان پناهه گيرن متعلق پاڪستان طرفان جيڪو سخت رويو اختيار ڪيو ويو آهي ان متعلق تنقيد ۾ واڌ ٿي رهي آهي. ٻئي ملڪ هڪ ٻئي مٿان سرحدن جي اندر ٿيندڙ تشدد جي واقعن کي ڀڙڪائڻ جو الزام به لڳائيندا رهن ٿا.

پاڪستان پاران پشاور جي ڀرپاسي ۾ قائم افغان پناهه گيرن جي ٻن وڏين وسندين ”ڪچا ڳڙهي“ ۽ ”جلوزئي ڪيمپ“ کي بند ڪري اتي آباد ٿيل پناهه گيرن کي ان ڪري واپس سندن ملڪ اماڻي ڇڏيو ته اهي خدشا زور وٺي چڪا هئا ته اهي ڪيمپون دهشتگردن جي لِڪڻ لاءِ محفوظ پناهه گاهون بڻجي رهيون آهن.

سال 2016 جي ”افعانستان هيومينٽيرين نيڊز اوور ويو“ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ”واپس ايندڙن جي نگراني ڪرڻ جي نتيجي ۾ اهي اعتراض مستقل طور تي سامهون اچي رهيا آهن ته افغان پناهه گيرن کي واپس سندن ملڪ وڃڻ تي مجبور ڪرڻ خاطر کين ڌمڪايو ۽ مٿن دٻاءُ وڌو وڃي ٿو“.

انهيءَ جائزي ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته ”پناهه گيرن جي واپسيءَ لاءِ قائم ڪيل سينٽرن تي کين پنهنجي ملڪ اندر آباد ٿيڻ خاطر جيڪا مالي مدد مهيا ڪئي وڃي ٿي ان وسيلي صرف ٻن مهينن تائين گذارو ڪري سگھجي ٿو، جنهن بعد ڊگھي مدي واري آبادڪاريءَ خاطر واپس ايندڙ پناهه گيرن پاران سخت مشڪلاتن ۽ خدشن بابت آگاهي ڏني وئي آهي. واپس پنهنجي ملڪ ايندڙ اهڙن آبادڪارن لاءِ، جن وٽ شناخت جا دستاويز موجود نه ٿا هجن انهن جي اهڙي روش سبب صورتحال هيڪاندي خراب ٿي وڃي ٿي ۽ قانوني دستاويزن جي حاصلات خاطر سندن حالت تشويشناڪ ٿي پوي ٿي.

Girls on the streets of Kabul: Photo by News Lens Pakistan/
Girls on the streets of Kabul: Photo by News Lens Pakistan/

پناهه گيرن جي سار سنڀال متعلق گڏيل قومن جي اداري يو اين ايڇ سي آر مطابق، عاصمه جو خاندان انهن 58 هزار افغان خاندانن ۾ شامل هيو جيڪي گذريل سال پاڪستان ڇڏي پنهنجي ملڪ روانا ٿيا.

گذريل 35 سالن کان پاڪستان، دنيا جي سڀ کان وڏي پناهه گير آباديءَ جي مهمانوازي ڪندو رهيو آهي. جنگ جي شروعات ۽ جنگ بعد اندروني ويڙهه واري صورتحال جي ڪري افغانستان جي پناهه گيرن جو معاملو جڏهن پنهنجي چوٽ تي رسي چڪو هيو ته اهڙن وقتن ۾ 40 لکن کان وڌيڪ افغان پناهه گير پاڪستان جي مختلف شهرن ڀرسان قائم ڪيل پناهه گير ڪيمپن ۾ اچي آباد ٿيا، پناهه گيرن جي وڏي اڪثريت پاران اجها پاڪستان جي سرحدي صوبن بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه ۾ اڏيا ويا.

پاڪستان جي ”رياستن ۽ سرحدي معاملن واري وزارت (سيفران) مطابق ”2002 کان هن مهل تائين 39 لک افغان پناهه گير رضاڪاراڻي انداز سان واپس پنهنجي ملڪ وڃي چڪا آهن. جيتوڻيڪ پناهه گيرن جو هڪ وڏو تعداد واپس پنهنجي ملڪ روانو ٿي چڪو آهي، ان باوجود يو اين ايڇ سي آر پاران اندازو لڳايو ويو آهي ته هن وقت به 15 لک رجسٽرڊ افغان پناهه گير پاڪستان اندر موجود آهن جيڪي “ٽه ڌرئي-افغانستان، پاڪستان ۽ يو اين ايڇ سي آر“ فيصلي تحت ڊسمبر 2017 تائين پاڪستان اندر رهڻ جا مجاز آهن.

ڪابل ۾ مقرر پاڪستان جي سفير سيد ابرار حسين نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ جيڪي افغان پناهه گير موجود آهن انهن مان 16 لک رجسٽرڊ آهن جڏهن ته اڻ رجسٽرڊ 10 لک افغان پناهه گير غيرقانوني طور پاڪستان اندر رهيل آهن.

The former Afghans refugees who are returned to the  outskirts of Kabul live in slums and have no improvement in life: Photo by News Lens Pakistan/
The former Afghans refugees who are returned to the outskirts of Kabul live in slums and have no improvement in life: Photo by News Lens Pakistan/

گڏيل قومن جي ”هيومينٽيرين افيئرز“ متعلق رابطن واري آفيس (يو اين او سي ايڇ اي) پاران تيار ڪيل سال 2014 جي ”هيومينٽيرين نيڊز اوور ويو“ رپورٽ مطابق، جيڪي پناهه گير واپس پنهنجي ملڪ اچي رهيا آهن اهي پنهنجي ملڪ جي، کين جذب ڪري سگھڻ واري صلاحيت جي لحاظ کان هڪ قسم جو وڏو مسئلو بڻجي رهيا آهن.

جڏهن ته 2007 ۽ 2008 ۾ جيئن ئي پاڪستان پاران خيبرپختونخواه صوبي ۾ واقع افغان پناهه گيرن جون ٻه وڏيون وسنديون ختم ڪرايون ويون ته پنهنجي ملڪ واپس ويندڙ افعان پناهه گيرن جي تعداد ۾ مجموعي طور تي گھٽتائي اچي وئي، ٻئي طرف پناهه گيرن کي پاڻ اندر جذب ڪرڻ واري محدود صلاحيت کي نظر ۾ رکندي افغان حڪومت، پاڪستان کان مسلسل اهو مطالبو ڪندي رهي آهي ته افغان پناهه گيرن جي پاڪستان اندر رهڻ واري مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي.

افغانستان جي پناهه گيرن ۽ سندن واپسي بابت وزير سيد حسين آلمي بلخيءَ اپريل ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ پاڪستاني حڪومت تي زور ڀريو ته اهي پناهه گيرن جي قيام واري مدي ۾ واڌ ڪن. اهڙي واپسي جيڪا پائيدار نوعيت واري هجي ان خاطر واپس ايندڙن کي مالي امداد، نوڪرين، زمينن ۽ مناسب هنڌ تي بنيادي سهولتن، افغان صدر اشرف غنيءَ جي چوڻ مطابق ”قابو ڪري وٺڻ واري عنصر“ جي گھرج آهي.

يو اين سي ايڇ آر مطابق، واپس پنهنجي ملڪ ايندڙ، جيڪي افغانستان جي موجوده آباديءَ جو لڳ ڀڳ چوٿون حصو آهن، اهي هن وقت تائين اهڙين سهولتن جي حاصلات کان محروميءَ واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن جيڪا کين مجبور ڪري پئي ته هو ٻيهر پاڪستان واپس هليا وڃن يا وري پائيدار جياپي ۽ امداد جي ڳولا خاطر پنهنجي ملڪ اندر ئي لڏپلاڻ ڪن.

Water scarcity in Kabul, a child is filling his pots with  a hand pump in Kabul city : Photo by News Lens Pakistan/
Water scarcity in Kabul, a child is filling his pots with a hand pump in Kabul city : Photo by News Lens Pakistan/

امدادي ادارن جو چوڻ آهي ته واپس پنهنجي ملڪ ايندڙ به اهڙي قسم جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن جهڙي ويڙهه سبب پنهنجي ملڪ اندر لڏپلاڻ ڪري بي گھر ٿيل افغاني ڪيتري وقت کان گذاري رهيا آهن. ڪيترن ڏهاڪن کان پنهنجي گھرن ۽ ڳوٺن کان پري زندگي گذارڻ وارن افعانين کي واپس پنهنجي ملڪ اچي خبر پئي آهي ته سندن زمينن تي ٻيا قبضو ڪري چڪا آهن ۽ هنن لاءِ روزگار توڙي ٻني کيڙي زندگي گذارڻ وارو وسيلو به باقي نه بچيو آهي.

پناهه گيرن جو هڪ وڏو تعداد جن جنگ جي ڪري افغانستان جي ڳوٺاڻن علائقن مان ڀاڄ کاڌي هئي اهي گھڻي ڀاڱي پاڪستان جي شهري فضائن اندر پليا ۽ وڏا ٿيا آهن.

هاڻي جڏهن هو واپس ٿيا آهن ته افغانستان اندر به هو ڪوشش ڪري وڏن شهرن اندر يا انهن جي ڀرپاسي ۾ رهڻ جي چونڊ ڪن ٿا جنهن ڪري ڪابل ۽ جلال آباد جي پسگردائين ۾ نيون شهري ڪچيون آباديون قائم ٿي چڪيون آهن.

افغانستان واپس پهچڻ کانپوءِ سراج الدين، عالمي سطح جي هڪ غيرسرڪاري اداري ۾ نوڪري حاصل ڪري ورتي آهي. هن جا ٻار هن کي هميشهه اهو چوندا رهن ٿا ته ويڪيشن جون موڪلون پشاور ۾ گذاري اچجن.

سراج الدين ٻڌايو ته هو هاڻي پاڪستان جي معاشري جي ريتن رسمن جا پوئلڳ ٿي چڪا آهن ڇاڪاڻ ته هو اتي لڳ ڀڳ چار ڏهاڪن تائين زندگي گذاريندا رهيا آهن. ڪابل ۾ زندگي گذارڻ جو هيراڪ ٿيڻ ۾ کين اڃان ڪجهه وقت ٻيو به لڳي ويندو. سراج الدين جو چوڻ هو ته تحفظ، تعليم، صحت ۽ امن امان جهڙين بنيادي سهولتن جي اڻهوند ئي واپس پنهنجي ملڪ موٽي آيل افغان پناهه گيرن کي چيڙائيندي رهي ٿي.

اهڙن مسئلن ۽ اعتراضن واري صورتحال جي ڪري به پاڪستان ۾ موجود ڪيترائي افغان پناهه گير واپس پنهنجي ملڪ وڃڻ وارين ڪوششن جي مزاحمت ڪندا رهن ٿا.

جواد احمد نالي هڪ نوجوان جيڪو پڙهي به پيو ۽ گذاري خاطر ڪجهه وقت لاءِ درزڪو ڪم به ڪندو آهي، چاهي ٿو ته پاڪستان ۾ ئي رهائش پذير رهي ڇو ته هو جيڪڏهن پنهنجي ملڪ واپس ويو ته اتي عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويندو. 27 سالن جي جواد ٻڌايو ته اندروني ويڙهه ۽ طالبان جي حملن متعلق ايندڙ خبرون ان ڳالهه جي شاهدي آهن ته افغانستان ۾سندن زندگي پرسڪون ۽ پرامن انداز سان نه گذرندي. ان ڪري اهو بهتر آهي ته جيستائين صورتحال مڪمل طور تي ٺيڪ ٿئي تيستائين پاڪستان ۾ رهيا پيا هجن.

پشاور يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ آف پيس اينڊ ڪانفلڪٽ اسٽڊيز سان لاڳاپيل محقق ظهور رحمان موجب، جنگ جي ڪري تباهه ٿيل ملڪ ۾ ٻيهر آباد ٿيڻ انهن افغانين لاءِ ڪو سولو فيصلو ناهي، جن پاڪستان ۾ ڪيترائي سال گھاريا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستانين کي ايئن نه ڪرڻ گھرجي ته افغانين کي ڌِڪا ڏئي هتان ڪڍئون ڇو ته کين هتي رهڻ خاطر عالمي قانونن ۽ عهدنامن جو تحفظ حاصل آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here