لاهور (ماريه لاريب) لاهور جي چڙيا گھر ۾ رهندڙ مادي هاٿڻ سوزيءَ جي عمر 30 سال ٿي چڪي آهي. گذريل 24 سالن دوران ڪنهن به هن جي جذبن ۽ احساسن کي ناهي سمجهيو ۽ هوءَ پنهنجي نسل جي جانورن سان گڏجي محبت واري زندگي گذارڻ جو مزو ناهي چکي سگھي.

:Photo by News Lens Pakistan/ Maria Gul
:Photo by News Lens Pakistan/ Maria Gul

1872 ۾ قائم ٿيل لاهور جو جانورن وارو باغ، ساڳي نوعيت جي ٻين ماڳن جي ڀيٽ ۾ وڏي هاڪ وارو ۽ عوامي تفريح خاطر انتهائي بهترين انداز سان سنڀاليو ويندڙ پارڪ آهي. پنجاب صوبي جي گاديءَ واري شهر لاهور ۾ واقع جانورن جو اهو آستانو پنهنجي مدد پاڻ تحت هلندڙ آهي، 1992 ۾ ان پارڪ جي انتظاميا پاران 6 سالن جي عمر واري آفريڪي نسل جي هڪ هاٿڻ خريد ڪري آندي وئي هئي.

نيوز لينز پاڪستان کي انٽرويو ڏيندي لاهور چڙيا گھر جي ڊائريڪٽر شفقت عليءَ ٻڌايو ته هاٿيءَ جي ان ٻچڙي مٿان، سندس دوستاڻي ۽ فرمانبرداريءَ واري ورتاوَ جي ڪري “سوزي” نالو رکيو ويو. فنڊن جي کوٽ ۽ ٻيا آفريڪي هاٿي نه ملڻ ڪري هن کي اڪيلي ئي پاڪستان آندو ويو.

اهڙي صورتحال جي ڪري، پاڻيءَ ۾ پلندڙ جيوت ۽ چڙيا گھرن ۾ پلجندڙ جانورن بابت عالمي اداري ورلڊ ايسوسيئيشن آف زوز اينڊ اڪييوريمز (ڊبليو اي زيڊ اي) پاران ويجهڙائيءَ ۾ چڙيا گھرن بابت معياري سنَدون ۽ لاڳاپيل پاليسيون 2016 جي عنوان سان جيڪي سفارشون مرتب ڪيون ويون آهن، انهن ۾ چيو ويو آهي ته جن به چڙيا گھرن اندر هاٿين جي پالنا ڪئي وڃي ٿي انهن لاءِ ضروري آهي ته اهي گھٽ ۾ گھٽ 3 ماديون ۽ 2 نَر هاٿي گڏائي رهائين (يا ايتري جڳهه مهيا ڪن جتي 3 مادي هاٿي گڏجي رهن) يا ٻنهي جنسن جي 3 هاٿين کي گڏائي رهائين.

کوجنا ڪندڙ ڪرن سليم پاران رازداريءَ واري انداز ۾ اهو تسليم ڪيو ويو آهي ته، سوزي نر هاٿيءَ سان ميلاپ وارو عمل ڪڏهن به ناهي ڪيو. 1992 کان وٺي لاهور جي چڙيا گھر (راڻي باغ) جي انتظاميا هاٿين جي رهڻي ڪهڻيءَ سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪرڻ کان قاصر رهندي آئي آهي، سڀ کان وڏو مسئلو فنڊن جي کوٽ جو رهيو آهي، ان کان علاوه هڪ ئي وقت ٻن هاٿين کي گڏ رهائڻ لاءِ گھربل جڳهه جي کوٽ ۽ مادي هاٿيءَ جي ويم وقت گھربل سهولتون پڻ موجود ناهن رهيون. جهڙيءَ ريت شفقت عليءَ پاران ٻڌايو ويو آهي ته، جڏهن کان سوزيءَ کي چڙيا گھر ۾ آندو ويو آهي، ڪڏهن اهڙو منصوبو به ناهي جوڙيو ويو ته سوزيءَ کي نَرُ ساٿي آڻي ڏنو وڃي.

نيوز لينز پاڪستان سان ٽيليفون وسيلي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪِرن سليم اهو انڪشاف پڻ ڪيو ته لاهور چڙيا گھر پاران 322.17 ملين روپين جي بجيٽ مهيا ڪرڻ بابت هڪ سمري پنجاب صوبي جي ٻيلن، جهنگلي جيوت ۽ ماهيگيريءَ واري کاتي کي اماڻي وئي آهي، جنهن ۾ نون جانورن جي خريداريءَ کي سڀ کان گھڻي اهميت ڏيندي 114.95 ملين روپيا انهن جي خريداريءَ تي خرچ ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو ويو آهي.

ڪرن سليم انتهائي حيرت جو اظهار ڪندي نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته جانورن جي خريداريءَ واري انهيءَ منصوبي ۾ سوزيءَ جو نر ساٿي خريدڻ لاءِ رقم شامل ناهي ڪئي وئي، توڙي جو سوزي ٻچا ڄڻڻ وارو بهترين وقت گذاري چڪي آهي.

جڏهن ته قيد ۾ رهندڙ جانورن جي لَڳَ ۽ ٻچن ڄڻڻ واري عمل بابت ڳالهائيندي لاهور چڙيا گھر جي ڊائريڪٽر شفقت عليءَ چيو ته چڙيا گھرن جو بنيادي مقصد جانورن جو لڳ ڪرائڻ يا نسل وڌائڻ نه آهي، ايتري تائين جو چڙيا گھرن بابت عالمي سطح جو ادارو (ڊبليو اي زيڊ اي) پڻ اهڙي پابندي لاڳو نه ٿو ڪري.

ان جي ابتڙ، جهنگلي جيوت جي ماهرن پاران پڌرو ڪيو ويو آهي ته آفريڪي نسل وارن جهنگلي هاٿين جي نسل کي تحفظ ڏيڻ جي سلسلي ۾ خطرا پيدا ٿي چڪا آهن.

هڪ غير سرڪاري اداري وٽرنري حب سان لاڳاپيل جانورن جي سينئر ماهر ڊاڪٽر جواد احمد، قيد ۾ رهندڙ جانورن جي لَڳَ وارن معاملن تي ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ ٻن ڏهاڪن دوران آفريڪن جهنگلي هاٿين جو نسل ايشيا ۾ اڻ لڀ ٿي ويندو. کير ڏيڻ وارن جانورن جي ٻين سمورن نسلن جي ڀيٽ ۾ هاٿين ۾ لڳ عمل جي خواهش 60 سيڪڙو وڌيڪ ٿيندي آهي.

لاهور جي مشهور گھوڙا اسپتال جي سينئر وٽرنري سرجن ڊاڪٽر وليد، ٽيليفون وسيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته آفريڪي نسل جي کير ڏيڻ وارن جانورن ۾ حمل سان ٿيڻ ۽ ٻچو پيدا ڪرڻ جي موذون عمر 10 کان 30 سالن جي وچ واري هوندي آهي، ان عرصي دوران لڳ مان گذرڻ نه صرف کين فطري خواهش جي اظهار جو موقعو مهيا ڪندو آهي پر ان سان گڏ ئي کين سندن نسل وڌائڻ جو موقعو به فراهم ڪندو آهي.

جڏهن ته سُوزيءَ جي لڳ عمل متعلق گھرجن کي بحث هيٺ آڻيندي شفقت عليءَ چيو ته هن جي عمر ۽ ٻچن ڏيڻ واري صلاحيت کي نظر ۾ رکندي اسان لاءِ ممڪن نه آهي ته هن کي نَرُ ساٿي مهيا ڪري ڏيون. لاهور چڙيا گھر جي انتظاميا لاءِ مالي مشڪلاتن کان علاوه سوزيءَ جي عمر جو نَرُ هاٿي ٻئي ملڪ مان آڻڻ تي لڳندڙ ٽرانسپورٽ جا خرچ، ان جي کاڌ خوراڪ، ان جي رهڻي ڪهڻيءَ لاءِ گھربل جڳهه ۽ ان جي رويي کي سمجهي ان لاءِ موذون انتظام ڪرڻ به مشڪل معاملا آهن.

:Photo by News Lens Pakistan/ Maria Gul
:Photo by News Lens Pakistan/ Maria Gul

ڪرن سليم ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي آهي ته انهن ڳالهين کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته هڪ هاٿيءَ جي کاڌ خوراڪ تي 14 لک روپيا خرچ اچي ٿو ۽ بجيٽ وارين مشڪلاتن جي پسمنظر ۾ سوزيءَ جي سٺي صحت خاطر اهو خرچ ئي ڪافي آهي.

:Photo by News Lens Pakistan/ Maria Gul
:Photo by News Lens Pakistan/ Maria Gul
Sugarcane to feed Suzi :Photo by News Lens Pakistan/ Maria Gul
Sugarcane to feed Suzi :Photo by News Lens Pakistan/ Maria Gul

سينئر وٽرنري آفيسر ڊاڪٽر بابر سليم نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته جيئن ته ان نسل جي جانورن ۾ رات واري پهر جي شروعات کان ئي جنسي سرگرمين جي خواهش ٿيندي آهي ان ڪري سوزيءَ کي شام جو چئين وڳي کان صبح ستين وڳي تائين هڪ پير ۾ زنجير هڻي رکيو ويندو آهي.

سوزيءَ جي سار سنڀال لاءِ مقرر چڙهيا گھر جي ملازم محمد حسين چيو ته انهن ئي پهرن ۾ هوءَ متحرڪ ٿيڻ ۽ بيقراريءَ جون علامتو ظاهر ڪندي آهي. رات جي انهن ئي پهرن ۾ هوءَ بنهه پسند ناهي ڪندي ته مان هن جي ويجهو وڃان.

ڪرن سليم پاران مڪمل اعتماد سان اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته لاهور چڙيا گھر جي هن شاهي جانور سوزيءَ جي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ سار سنڀال لاءِ جيڪي انتظام ڪيا ويا آهن اهي عالمي اداري ڊبليو اي زيڊ اي جي معيار تي پورا لهندڙ آهي، ان ڪري ئي ٻچا ڄڻڻ خاطر جنسي لَڳ ڪرائڻ اهڙو مسئلو ناهي جنهن کي حل ڪيو وڃي.

ڊاڪٽر سليم پاران تصديق ڪئي وئي آهي ته ابتدائي طور تي مادي هاٿيءَ کي مختصر وقت لاءِ زنجير هڻي رکيو وڃي ٿو. تنهن هوندي به اسان سندس فطري گھرجن کي ان طرح سان پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته هن جي انسانن سان لهه وچڙ ۾ اضافو آڻيندي هن جي گھمڻ ڦرڻ واري روزانو واري مشق جو وقت وڌائي ڇڏيو اٿئون.

ڊاڪٽر سليم ٻڌايو ته هوءَ رزوانو چڙيا گھر جي رستن تي صبح جو ستين وڳي کان نائين وڳي تائين واڪ ڪندي آهي، ان چڪر دوران چڙيا گھر اندر ٻين جانورن کي ڏسي هوءَ گھڻو خوش ٿي ويندي آهي. سوزي پاران سندس ڀرسان رهندر گينڊي کي هيلو (کيڪارڻ) وارو منظر انتهائي مزيدار هجي ٿو.

هن سڄي ڪهاڻيءَ جو ڏکوئيندڙ رخ ان حقيقت تي ٻڌل آهي ته سوزيءَ کي پنهنجي زندگيءَ دوران ميلاپ جي گرمجوشي ۽ مزو حاصل ناهي ٿي سگھيو ۽ هن کي ڪڏهن به پنهنجو ٻچڙو ڄڻڻ جو موقعو نه ملي سگھندو.

انتهائي منفرد نقطه نظر رکندي، جانورن جي حقن جي سرگرم ڪارڪن ڊاڪٽر جواد احمد چيو ته جانورن جي فطري خواهشن جو اڪيلو مقصد صرف ۽ صرف ٻچا ڄڻڻ ئي ناهي هوندو. جنسي عمل هاٿين لاءِ انتهائي اهم آهي، پوءِ ڀلي ته ان جي نتيجي ۾ ٻچن جي پيدائش نه ٿئي. سڄي دنيا ۾ انسانن پاران پاڻ وٽ رکيون ويندڙ تقريبن 29 سيڪڙو آفريڪي نسل جون مادي هاٿيون ويم متعلق جسماني مسئلن جي ڪري ٻچن ڄڻڻ جي صلاحيت کان محروم هونديون آهن، ان هوندي به اهي گروهن جي صورت ۾ نر هاٿين سان گڏ رهنديون ۽ لڳ وارو عمل ڪنديون رهنديون آهن.

ايشيائي نسل جو هڪ هاٿي ”ڪاوان“ کي 2012 ۾ هن جي مادي هاٿي سهيليءَ جي فوت ٿي وڃڻ بعد اسلام آباد جي مرغزار چڙيا گھر ۾ نشي آور دوائون ڏئي ۽ زنجيرن ۾ ٻڌي رکيو ويو هيو. ان هاٿيءَ به سوزيءَ جهڙين حالتن کي منهن پئي ڏنو.

ڪاوان سان جيڪا وارتا ٿي هئي ان متعلق سڄي دنيا مان اعتراض سامهون آيا هئا ۽ ”ڪاوان کي آزاد ڪيو“ جي عنوان سان 2015 ۾ هڪ مهم شروع ٿي، جنهن تحت سڄي دنيا ۾ جانورن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ 3 لک 95 هزار 245 سرگرم ڪارڪنن پاران ان مهم تي صحيحون ڪيون ويون هيون.

ڊاڪٽر وليد جو چوڻ هو ته قيد ۽ اڪيلائي جانور لاءِ پيڙا ڏيندڙ عمل هجي ٿو، 2012 ۾ سهيليءَ جي وفات بعد ابتدائي طور تي اسلام آباد جي ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران سندس جسماني ۽ نفيساتي ضرورتن جو پورائو .نه ڪيو ويو. اداري پاران ڪاوان کي ڪا ٻي مادي هاٿي مهيا ڪري نه ڏني وئي يا هن کي هاٿين جي ڪنهن ڌڻ سان نه گڏايو ويو هيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here