Jan Mohamad a helper opening the the gate of closed printing press: Photo by News Lens Pakistan / Sana Ejaz
Jan Mohamad a helper opening the the gate of closed printing press: Photo by News Lens Pakistan / Sana Ejaz

پشاور (ثناء اعجاز وٽان) جان محمد دروازن تي لڳل تالا کوليا ۽ پشاور جي حيات آباد انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ قائم ڇپائي ۽ اشاعت واري ڪارخاني ۾ داخل ٿيو. 70 سالن جي ان پورهيت پلاسٽڪ ۽ ڪپڙن سان ڍڪيل ڳرين مشينن تي هڪ نظر وڌي جيڪي بيٺل ۽ بيڪار بڻيل هيون. ڳرين مشينن مٿان مٽي ۽ دز جا تهه ڄميل هجڻ ڪري اها جڳهه ڄڻ ته ڳرين مشينن جو هڪ ڪٻاڙخانو پئي لڳي.
فيڪٽريءَ جي ورانڊن ۽ وسيع هال تي خاموش پاڇن جو ديرو هيو ۽ ڪا به اهڙي سرگرمي نه هئي جيڪا سرگرمي پيدا ڪندي هجي. جڏهن جان محمد اهو چيو ته هڪ وقت اهو به هيو ته مشينون مسلسل هلنديون رهنديون هيون ۽ سڄو ڏينهن ڪم ٿيندو رهندو هيو، هن هتي ڪيترائي سال ڪم ڪيو آهي. اهڙي ويران جڳهه کي ڏسي اهو تصور ڪرڻ به مشڪل ٿو لڳي ته اتي ڪڏهن ڪم ڪار واريون سرگرميون به ٿيون هونديون.
جان محمد حسرت وارين نظرن سان مشينن ڏانهن نهاريندي ٻڌايو ته، مالڪ پاران تازو ئي ٻه مشينون انتهائي سستي اگهه تي وڪرو ڪيون ويون آهن. کيس لڳي ٿو فيڪٽريءَ جو مالڪ ترت سموريون مشينون وڪرو ڪري ڇڏيندو ۽ ان ڏينهن جو سوچي کيس گھڻي ڳڻتي ٿئي ٿي، ته جيڪڏهن ايئن ٿيو ته هتي جيڪي به مزدور ڪم ڪندا هئا انهن سڀني جي اها اميد به بي موت مري ويندي ته هڪ ڏينهن وري هو سڀ هتي روزگار ڪندا.
پنهنجي خاندان جو اڪيلو ڪمائڻ وارو هجڻ ڪري جان محمد پنهنجي مستقبل بابت تمام گهڻوپريشان آهي. گذريل 4 مهينن کان ڪو به ڪم نه هجڻ ڪري هو ڳڻتين ۾ وڪوڙجي چڪو آهي. هن جو ڪم صرف اهو وڃي بچيو آهي ته هر روز هتي چڪر لڳائي ۽ بيڪار پيل مشينن تي پيل ڪپڙا هٽائي انهن جي ڇنڊ ڦوڪ ڪري ۽ مٽي توڙي دز هٽائڻ بعد انهن کي وري مناسب انداز سان ڍڪي ڇڏي. جان محمد ٻڌايو ته هتي ايترا ته ماڻهو ڪم ڪندا هئا جو هيءَ جاءِ سوڙهي لڳندي هئي، هاڻي هو هتي اڪيلو ٽهلندو رهندو آهي ۽ ان اميد سان هن جڳهه جي صفائي سٿرائي ڪندو رهي ٿو ته هي مشينون وري هلڻ شروع ڪنديون.
هن سال جي مارچ مهيني ۾ خيبرپختونخواه حڪومت پاران ڇپائي متعلق پاليسي تبديل ڪندي، فيصلو ڪيو ويو ته ڇپائيءَ لاءِ کليل ٽينڊر واري پاليسيءَ تحت ٺيڪا ڏنا ويندا، ان پاليسيءَ تحت پبلشر چاهي ڪٿان جو به هجي اهو ٽينڊر ڀري سگھي ٿو، ان کان پهريان ڇپائيءَ جا ٺيڪا “فرنٽيئر پرنٽرز اينڊ پبلشرز ايسوسيئيشن (ايف پي پي اي) کي پرنٽنگ پريسن جي قابليت جي بنياد تي ڏنا ويندا هئا. ايف پي پي اي مطابق، نئين پاليسيءَ جو نتيجو اهو نڪتو ته اوپن ٽينڊر جي ڪري نصابي ڪتابن جي ڇپائيءَ جو 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪاروبار پنجاب جي پبلشرن کي ملي رهيو آهي، جنهن ڪري مقامي پبلشر پنهنجا ڇاپي خانا بند ڪرڻ ۽ مزدورن کي نوڪرين کان جواب ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
ايف پي پي اي جي چيئرمين اقتدار علي آخوندزاده جو چوڻ آهي ته پرنٽنگ پريسن جي مالڪن کي جيئن ته ڪو به ڪم نه پيو ملي ان ڪري انهن جيڪي مشينون اربين روپين جي ماليت سان لڳايون آهن اهي بيڪار ۽ بي فائده پيل آهن. اوپن ٽينڊر پاليسيءَ کان اڳ پرنٽنگ پريسن ۽ پبلشرن جو ڪم بنان ڪنهن رڪاوٽ جي هلندڙ هيو، ڪير به اهو نه ٿو چئي سگھي ته پنجاب وارن جي ڀيٽ ۾ اسانجي مشينن جي ڇپائيءَ جو معيار گهٽ آهي.

Abdur Rehman a daily wager: Photo by News Lens Pakistan / Sana Ejaz
Abdur Rehman a daily wager: Photo by News Lens Pakistan / Sana Ejaz

اقتدار علي آخوندزاده تحريڪ انصاف جي اڳواڻيءَ ۾ قائم صوبائي حڪومت مٿان الزام هڻندي چيو ته ان پارٽيءَ جون اصل پاڙون خيبرپختونخواه ۾ نه پر پنجاب ۾ آهن، ان ڪري اها پارٽي هتان جي پريس مالڪن ۽ ڏهاڙي مزدورن جو معاشي قتل ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته صوبي ۾ 5 سئو پرنٽنگ پريسون قائم آهن، هر هڪ پريس ۾ 8 مزدور 3 شفٽن ۾ ڪم ڪندا آهن، انهن سڀني جو حساب گڏائي ڪبو ته ان جو مطلب اهو نڪرندو ته 15 هزارن کان به وڌيڪ مزدورن جو روزگار ڇپائيءَ وارن هن صنعت سان واڳيل آهي.
نيشنل ليبر فيڊريشن پشاور جي ضلعي صدر ملڪ هدايت خان نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ڇپائيءَ ۽ اشاعت واري صنعت سان لاڳاپيل خيبرپختونخواه جا 10 هزار کان وڌيڪ مزدور روزگار کان محروم ٿي ويا آهن.
تعليم جي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ خيبرپختونخواه اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سردار حسين بابڪ جو چوڻ هو ته 18هين ترميم جي پسمنظر ۾ ڇپائيءَ جو ڪم صرف ۽ صرف صوبي جي پرنٽنگ پريسن کي ملڻ گھرجي ته جيئن مقامي صنعت کي اسرڻ جو موقعو ملندو رهي.
جڏهن ته تعليم بابت صوبي جي موجوده وزير عاطف خان نيوز لينز پاڪستان سان ٽيليفون وسيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران اڳ ۾ نصابي ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم جهڙيءَ ريت ڏنو ويندو هيو اهو شفاف نه هيو ڇاڪاڻ ته وزير ۽ حڪومتي عملدار ڇپائيءَ جا ٺيڪا من پسندن کي ڏيندا هئا. حڪومت کي ڇپائيءَ جي ٺيڪن ڏيڻ وقت ٿيندڙ اهڙي پسند ۽ ناپسند واري پاليسيءَ بابت جيئن ئي خبر پئي ته ان طريقي ڪار کي تبديل ڪيو ويو.
عاطف خان ٻڌايو ته، پريسن جي بند ٿيڻ ۽ مزدورن جي بيروزگار ٿيڻ وارو معاملو هن جي ڄاڻ ۾ ان وقت آيو جڏهن فرنٽيئر پرنٽنگ پريس اينڊ پبليڪيشن ايسوسيئيشن جي نمائندن اوپن ٽينڊر واري سرگرميءَ ۾ حصو نه ورتو. عاطف خان جو چوڻ آهي ته پريسن جي بند ٿيڻ ۽ مزدورن جي بيروزگاريءَ جا ذميوار پريسن جا مالڪ پاڻ آهن. اسان اوپن ٽينڊر پاليسي گھٽ قيمتن جي رجحان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اختيار ڪئي آهي. اها ميرٽ ۽ مقابلي واري رجحان تي ٻڌل آهي.
اسڪولي ڪتابن جو وڪرو ڪندڙ واپارين ۽ استادن پاران ٻڌايو ويو آهي ته نصابي ڪتابن جي ڇپائي پنجاب مان ٿيڻ ڪري اسڪولن ۾ نصابي ڪتابن جي کوٽ پڻ سامهون آئي آهي، ڇاڪاڻ ته پنجاب مان خيبرپختونخواه تائين نصابي ڪتابن جي پهچ ۽ ورڇ ۾ الاهي وقت لڳي ٿو.
نصابي ڪتابن جي وڪري وارو ڪاروبار ڪندڙ هڪ دڪاندار محمد عمران، جيڪو صوبي جي 190 مڊل ۽ هاءِ اسڪولن ۾ نصابي ڪتاب فراهم ڪندو آهي، ٻڌايو ته نائين ۽ ڏهين درجي جي ڪيمسٽري، فزڪس ۽ بايولاجي مضمون جا ڪتاب اڃان تائين مارڪيٽ ۾ موجود ناهن. انهن ڪتابن کي اسڪولن تائين پهچائڻ ۾لڳي ٿو ته هڪ کان ٻه هفتا ٻيا به لڳي ويندا.
ضلعي چارسده سان تعلق رکندڙ هڪ استادياڻي نورين بيبيءَ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته هو پنجين درجي جي شاگردن کي رياضي ۽ اردو، چوٿين ڪلاس جي شاگردن کي پشتو ۽ ٽئين ڪلاس جي شاگردن کي انگلش ۽ جنرل ناليج جا مضمون نه ٿا پڙهائي سگھن ڇو ته درسي ڪتاب اڃان تائين اسڪولن تائين ناهن پهچايا ويا.
تعليم واري صوبائي وزير عاطف خان جي تڪ واري شهر مردان جي اسڪولن ۾ به نصابي ڪتابن جي کوٽ واري صورتحال کي منهن ڏنو پيو وڃي. مردان سان تعلق رکندڙ اسڪولي ٻارن جي ماءُ عابده جو چوڻ هو ته سندس ڌي اسڪول ته هر روز وڃي ٿي پر هو دانهون ٿي ڪري ته ٽئين ۽ چوٿين درجي جي شاگردن لاءِ جنرل ناليج، انگلش ۽ اردوءَ جا ڪتاب اسڪولن توڙي مارڪيٽ ۾ موجود نه آهن.
تعليم جي اڳوڻي صوبائي وزير سردار حسين جو چوڻ هو ته، نصابي ڪتابن جي پنجاب صوبي جي پريسن مان ڇپائي وڌيڪ وقت وٺندڙ عمل آهي جنهن جو نتيجو آخرڪار اهو نڪرندو ته صوبي جي تعليمي نظام تي منفي اثر پوندا.
هن وڌيڪ چيو ته نصابي ڪتابن جي ڇپائيءَ کان وٺي اهم سرڪاري عهدن تي پنجاب سان تعلق رکندڙ عملدارن کي مقرر ڪري پي ٽي آءِ حڪومت درحقيقت خيبرپختونخواه جا وسيلا استعمال ڪندي پنجاب ۾ پنهنجي ووٽ بينڪ کي محفوظ ڪرڻ جي هڪ ڪوشش ڪري رهي آهي.
ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي اڳوڻي صوبائي پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر راشد خان موجب، نصابي ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ پاليسيءَ کي تبديل ڪندي ان جو بنياد مقابلي واري رجحان تي رکڻ مثبت قدم هيو پر ان جي ڪري ڪتابن جي کوٽ واري صورتحال پيدا ٿي آهي. راشد خان چيو ته هو اڪثر ڪري مقامي پريسن کي غيرمعياري پنو، مس ۽ ليمينيشن ڪرڻ تي سزائون پڻ ڏيندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته قاعدن ۽ معيار جي اصولن جي پوئواري نه ڪرڻ جي صورت ۾ پريسن کي ڇپائي لاءِ ڏنل آرڊر رد ڪري ڇڏيندا هئاسين. مان نه ٿو سمجهان ته جيڪا ڪاميٽي خيبرپختونخواه ۾ ويٺل آهي اها پنجاب جي پريسن بابت اهڙيون ڪارروايون ڪري سگھندي.
هن اهو پڻ چيو ته، اوپن ٽينڊر پاليسيءَ تحت مقابلي واري فضا پيدا ڪرڻ سان ممڪن آهي ته صوبائي خزاني جي مالي وسيلن جي بچت ٿي پوي پر نصابي ڪتابن جي ڇپائيءَ تي نظر رکندڙ خيبرپختونخواه جي ڪاميٽي ۽ ڪتاب ڇاپيندڙ پنجاب جي پريسن وچ ۾ رابطي جي کوٽ سبب اهڙي قسم جي پاليسي جا ڪجهه منفي اثر به ضرور ظاهر ٿيندا ان جو سڀ کان خراب نتيجو ڪتابن جي موجودگيءَ ۾ ٿيندڙ غيرضروري دير به آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here