لاهور (دردانه نجم وٽان) گذريل ڪجهه هفتن دوران پاڪستان جا 4 مشهور باڊي بلڊر پراسرار طور فوت ٿي چڪا آهن.
ڏکڻ ايشيائي مقابلن ۾ پِتل جو ٻلو حاصل ڪرڻ جي ٻئي ڏينهن، 3 اپريل 2016 واري ڏهاڙي حامد علي عرف گُجو لاهور ۾ فوت ٿيو. هن جي موت جو ڪارڻ دل جو دورو ٻڌايو پيو وڃي.
همايون خان نالي هڪ ٻيو باڊي بلڊر، جيڪو مسٽر لاهور، مسٽر پنجاب ۽ مسٽر پاڪستان جا اعزاز ماڻي چڪو هيو، ان پڻ پنهنجا آخري پساهه پورا ڪيا. تازو ئي هن ڏکڻ ايشيا باڊي بلڊنگ چئمپين شپ 2016 ۾ به سونو ٻلو کٽيو هو.
ساڳين ئي حالتن ۾ گوجرانوالا سان تعلق رکندڙ هڪ تربيت ڪار محمد رضوان به فوت ٿيو.

انهيءَ ۾ قطار ۾ شامل آخري ماڻهو، مطلوب احمد، اڀرندڙ باڊي بلڊر هيو جيڪو پڻ ساڳين علامتن سبب فوت ٿيو، جيڪي مٿي ذڪر ڪيل ٻين باڊي بلڊرن جي موت بعد پڌريون ٿيون.
انهن سڀني مشهور باڊي بلڊرن جي هڪ مهيني اندر فوت ٿيڻ وارن واقعن باڊي بلڊرن کي سينٽرن اندر ڏني ويندڙ تربيت توڙي باڊي بلڊنگ سيکاريندڙن متعلق ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

جيتوڻيڪ انهن باڊي بلڊرن جي لاشن جو پوسٽ مارٽم ناهي ڪرايو ويو، پر پيشه ور باڊي بلڊر ان خيال تي متفق آهن ته ڄاڻايل نوجوان ۽ اڀرندڙ باڊي بلڊر طاقت وڌائڻ توڙي راندين وارين دوائن کي حد کان وڌيڪ واپرائڻ سبب فوت ٿيا آهن، ان سان گڏ ئي بي ضابطا انداز سان قائم ٿيل ڪسرت وارن سينٽرن (جِم) اندر کين غير پيشه ورانه انداز سان ڏنل تربيت به سندن موت جو سبب ٿي سگھي ٿي.

پاڪستان باڊي بلڊنگ فيڊريشن (پي بي بي ايف) جي صدر شيخ فاروق اقبال نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ”اسانجي فيڊريشن پاران ڪسرت وارن مرڪزن ۽ ڪلبن جي رجسٽريشن ڪئي ويندي ته جيئن باڊي بلڊنگ جي مقصد خاطر طاقت، جسم وڌائڻ ۽ ڪشتن وارين دوائن جي حد کان وڌيڪ استعمال تي ضابطو آڻي سگھجي ۽ انهن غلط عملن آڏو بند ٻڌي سگھجي جيڪي زور وٺي رهيا آهن“.
هن اهو پڻ چيو ته ”اها پڻ بدقسمتي آهي ته پاڪستان سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي باڊي بلدرن کان سندن طبي معائني بعد کٽيل اعزاز واپس وٺڻ وارا ڪيس سامهون ايندا رهيا آهن، ڇو ته طبي معائني بعد اهو ثابت ٿيندو رهيو آهي ته پاڪستان جا باڊي بلڊر اهڙين دوائن واپرائڻ جا ذميوار ثابت ٿيا، جن تي بندش پيل آهي. اهڙي صورتحال باوجود حڪومت ان لعنت کي روڪڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو“.
شيخ فاروق اقبال پنهنجي ڳالهه جاري رکندي ٻڌايو ته ”جيئن ته اسان وٽ جهجها مالي وسيلا موجود نه آهن، ان ڪري اسانجون سرگرميون صرف راندين جا مقابلا ڪرائڻ ۽ اڀرندڙ باڊي بلڊرن جي چونڊ ڪرڻ تائين محدود آهن. باقي جيستائين تربيت وٺڻ جو معاملو آهي ته ان جو بندوبست ڇوڪرن کي پنهنجي سِر پاڻ ڪرڻو هوندو آهي.

اها ڳالهه پڻ رڪارڊ تي موجود آهي ته اهي باڊي بلڊر جيڪي اعزاز کٽندا رهيا آهن اهي طاقت واريون دوائون ۽ ڪُشتا واپرائڻ وارا نسخا استعمال ڪندا رهيا آهن. غيرقانوني دوائون واپرائڻ جي جاچ ڪرڻ بابت جيڪا ٽيسٽ ڪرائي ويندي آهي ان تي 30 کان 35 هزار روپيا خرچ ايندو آهي ۽ فيڊريشن جي سڄي سال جي ڪل بجيٽ 14 لکن کان وڌيڪ ناهي، ته اهڙيون ٽيسٽون ڪرائڻ اسان لاءِ مممڪن نه ٿو ٿئي“.
هن اهو پڻ ٻڌايو ته، سڄي دنيا ۾ اهڙي ٽيسٽ ڪرڻ بابت ٽي مستند ليبارٽريون آهن جيڪي چين، ڀارت ۽ ڪوريا ۾ واقع آهن.
فوت ٿي ويل باڊي بلڊر گُجوءَ جي هڪ ويجهي دوست، جنهن پنهنجو نالو ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته “توڙي جو گُجو تمام گھڻي محنت ڪندو هيو، ان باوجود به هو طاقت واريون دوائون واپرائڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگھيو، جنهن ڪري ئي هن جو اوچتو موت واقع ٿيو“. هن اهو پڻ ٻڌايو ته ”ڊاڪٽرن کان علاوه هوميوپيٿڪ علاج جا ماهر به رانديگرن پاران استعمال ڪيون ويندڙ دوائون وڪرو ڪرڻ واري ڪم ۾ ملوث آهن“.
لاهور جي شادمان واري علائقي ۾ ”شوڪت جِم“ جي مالڪ شوڪت عليءَ ٻڌايو ته ”طاقت وڌائڻ وارين دوائن جون گھڻيون انجيڪشنون لڳرائڻ سبب گُجوءَ جي ڪرنگهي واري هڏي ۾ ڳوڙها ٿي پيا هئا“.
اڳوڻي باڊي بلڊر اشرف شريف نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته ”لڳ ڀڳ ڏهه سال اڳ طارق محمود نالي هڪ باڊي بلڊر طاقت وارين دوائن جو گھڻو ڊوز وٺڻ سبب فوت ٿي ويو ۽ هاڻي سندس ٻه ڀائر جاويد اختر ۽ ڊاڪٽر شاهد اختر پڻ ترتيبوار 36 ۽ 35 سالن جي ڄمار ۾ فوت ٿيا آهن. اهي ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ۽ مشهور باڊي بلڊر پڻ هئا“.

اشرف شريف جو چوڻ آهي ته ”ٻين راندين جيان ئي، باڊي بلڊنگ به چُست ۽ سگھارو رهڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته هن راند تي ضابطو رکڻ وارو ڪو ادارو توڙي مناسب مالي وسيلا نه هجڻ جي ڪري هن راند کي ڪجهه ماڻهن منافعي وارو ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي. مان يقين سان چوان ٿو ته باڊي بلڊنگ جي تربيت ڏيڻ وارا تربيت جي ڪم مان صرف 10 سيڪڙو باقي 90 سيڪڙو پيسا باڊي بلڊرن کي غيرمعياري ۽ هٿرداو انداز سان تيار ڪيل طاقت واريون دوائون وڪڻي ڪمائين ٿا“.
انهيءَ معاملي کي وڌيڪ وضاحت سان سمجهائڻ خاطر اشرف شريف چيو ته ”باڊي بلڊر سڄي دنيا ۾ طاقت واريون دوائون ۽ ڪُشتا استعمال ڪندا آهن. سڌريل ملڪن ۾ تربيت ڏيڻ وارا ان ڳالهه جا ماهر هوندا آهن ته انهن دوائن جا منفي اثر گھٽائڻ تي پڻ محنت ڪرائيندا آهن، پاڪستان ۾ اهڙي ڪا به ڪوشش ناهي ڪئي ويندي. حقيقت ته اها آهي ته پاڪستان ۾ پيشه ور تربيت ڪارن جي سخت اڻاٺ آهي ۽ عام طور تي اڳوڻا باڊي بلڊر ڪسرت وارا سينٽر کولي جِم جي مالڪ ۽ تربيت ڏيڻ واريون ٻئي ذميواريون هڪ ئي وقت ادا ڪندا آهن“.

شوڪت بنيادي طور تي دڪاندار آهي ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ ٿانوَن جو دڪان اٿس، جيتوڻيڪ هو مسٽر پاڪستان جو اعزاز کٽي چڪو آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته هو سٺو ڪوچ يا تربيت ڪار به آهي.
پاڪستان اسپورٽس بورڊ (پي ايس بي) جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اڪيڊمڪ شاهد اسلام، باڊي بلڊرن پاران طاقت وڌائڻ وارين دوائن ۽ ڪشتن جي ضرورت کان وڌيڪ استعمال جي ذميواري پاڪستان باڊي بلڊنگ فيڊريشن تي وجهي ڇڏي آهي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ”اڪيڊميءَ جي ذميواري اها آهي ته اها صرف عالمي مقابلن لاءِ خواهشمند رانديگرن جي چونڊ کي حتمي شڪل ڏئي. جيستائين قومي سطح جي باڊي بلڊرن جو معاملو لاڳاپيل آهي، ان متعلق سموري ذميواري باڊي بلڊنگ فيڊريشن تي لاڳو ٿئي ٿي ته اها رانديگرن کي ڏني ويندڙ تربيت جي معيار کي جاچي. رانديگرن کي غيرقانوني دوائن جي استعمال بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ اسان معلوماتي پروگرام ڪرائڻ چاهيون ٿا ان ڏس ۾ راندين واري وزارت کان اجازت وٺڻ لاءِ لکپڙهه ڪئي وئي آهي“.

شاهد اسلام اهو پڻ چيو ته ”پاڪستان اسپورٽس اڪيڊميءَ جي انتظام هيٺ تربيت ڏيڻ وارن کي سکيا ڏيڻ جو پروگرام جاري رهندو اچي ٿو ۽ اسان چاهيون ٿا ته پابندي پيل دوائن جو استعمال روڪرائڻ وارا قدم مستقل بنيادن تي کنيا وڃن ته جيئن تربيت ڏيڻ وارن ڪوچن کي به آگاهي ڏني وڃي ته اهي راندين سان لاڳاپو رکندڙ دوائن واري معاملي کي ڪيئن سنڀالي سگھن ٿا“.
پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ريهيبليٽيشن اينڊ ٽريٽمينٽ طور ذميواريون نڀائيندڙ وقار اي خان جو چوڻ آهي ته جهڙيءَ ريت 4 ئي باڊي بلڊرن جو اوچتو موت ٿيو آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي دوائن ۽ ڪشتن جا ڳرا ڊوز وٺي رهيا هئا. ان مان ئي اهو پڻ ثابت ٿئي ٿو ته باڊي بلڊنگ فيڊريشن وٽ جاچ پڙتال جو اهڙو ڪو نظام موجود نه آهي، جنهن تحت دوائن ۽ ڪشتن جي استعمال کي ضابطي ۾ رکي سگھجي“.

هن وڌيڪ چيو ته، جيڪي ڇوڪرا اجل جو شڪار ٿي ويا، اهي پاڪستان باڊي بلڊنگ فيڊريشن جا سرموڙ باڊي بلڊر هئا. انهن جو موت پيشه ورانه تربيت ۽ سهولتن جي اڻهوند جي ڪري ٿيو ۽ سندن موت فيڊريشن اندر موجود بدانتظامي جو هڪ ڀوائتو مثال پڻ آهي. هن ڪيس جي مڪمل جاچ ٿيڻ گھرجي. هو سمجهي ٿو ته پوليس کي هن معاملي ۾ شامل ڪندي ان جي جاچ ڪري معاملي جي تهه تائين وڃڻ گھرجي ته جيئن هن ڏوهه جا جيڪي ذميوار آهن انهن جي نشاندهي ٿئي ۽ انهن کي قانون جي جڪڙ ۾ آڻي کين سزا ڏني وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here