پاڪستان ۾ ايڊز جا مريض امتيازي سلوڪ جو شڪار

0
1473

لاهور (ايمن طاهر وٽان) 58 سالن جو نذير مسيح ايڇ آءِ ويءَ جو مريض آهي، هو معاشري جي ڌِڪار جو نشانو ان وقت بڻيو، جڏهن هن اهو ظاهر ڪيو ته هو ايڇ آءِ وي جي بيماريءَ جو شڪار ٿي چڪو آهي. معاشري جي ڌِڪار آڏو آڻ مڃي مايوس ٿيڻ بجاءِ هن پاڪستان ۾ ايڊز جي مريضن جي مدد لاءِ هڪ تنظيم قائم ڪري ورتي ۽ ايڊز بابت پاڪستان ۾ آگاهي ڦهلائڻ وارو ڪم شروع ڪري ڏنو.

نيو لائيف ايڊز ڪنٽرول سوسائٽيءَ جي سربراهه جي حيثيت سان پنهنجي تنظيم جي آفيس ۾ نيوز لينز پاڪستان سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندي نذير مسيح ٻڌايو ته ”جڏهن منهنجي عمر 11 سال هئي تڏهن خاندان جي گذاري لاءِ ڪمائڻ واسطي مونکان زبردستي پڙهائي ڇڏرائي وئي. مون گاڏين جي مرمت وارو ڪم سکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تمام گھڻو وقت مزدوري ڪرڻ کانپوءِ به معاوضو گھٽ ملندو هيو جنهن ڪري مون اهو ڪم ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ ڪجهه دوستن سان گڏجي دبئي وڃي قسمت آزمائڻ جو فيصلو ڪيم.
اتي مونکي هڪ امير عرب خاندان جي گھر ۾ ملازم طور نوڪري ملي وئي ۽ ان جو تمام سٺو معاوضو ملندو هيو جيڪو مان پنهنجي گھر وارن ڏانهن اماڻيندو هيس“.
پاڻ کي مليل اذيتن بابت قصي کي جاري رکندي نذير مسيح وڌيڪ ٻڌايو ته ”ان کان ڪجهه سال پوءِ، مان واپس لاهور آيس ۽ شادي ڪيم. توڙي جو منهنجي آمدني بهترين هئي، پر جيئن ته دبئيءَ ۾ مان ٻن ماڻهن سان گڏجي هڪ جڳهه ۾ رهندو هئس ۽ مناسب رهڻ واري جڳهه نه هجڻ جي ڪري مان گھرواريءَ کي دبئي آڻي پاڻ سان گڏ رهائي نه پئي سگھيس“.

دبئيءَ ۾ گھرواريءَ کان پري رهڻ جي ڪري ئي، ”خواهشن جي فتني“ کان بچي پوڻ نذير لاءِ هڪ ڏکيو مسئلو بڻجي پيو. ان صورتحال ۾ مجبور ٿي هن آخر جسم فروش عورتن جي ٺڪاڻن تي وڃڻ وڌائي ڇڏيو ته جيئن هو پيسن عيوض ”جنسي لطف“ ماڻي سگھي. نذير مسيح ٻڌايو ته ”مان سمجهان ٿو ته ايڊز جو وائرس، جسم فروش عورتن جي ڪنهن هڪ ٺڪاڻي تي وڃڻ سبب منهنجي جسم ۾ داخل ٿيو“.

نذير کي اها خبر 1990 ۾ ان وقت پئي جڏهن هو پنهنجي پاسپورٽ ۽ ويزا جو مدو وڌرائڻ لاءِ ابو ظهبيءَ ۾ واقع پاڪستان جي سفارتخاني ويو. ويزا ۾ واڌ لاءِ درخواست ڏيندڙن مٿان لازم آهي ته هو طبي چڪاس ڪرائين. ان شرط مطابق سندس طبي معائني جي نتيجي ۾ اها حقيقت نروار ٿي ته سندس جسم ۾ ايڊز جو مرض موجود آهي.
نذير ٻڌايو ته ”مون اهو طبي معائنو معمول مطابق سمجهي ڪرايو ۽ جڏهن نتيجا مليا ته انهن ۾ ايڇ آءِ وي جو وائرس پازيٽوِ هجڻ جي رپورٽ سامهون آئي، جنهن ڪري مونکي ان ملڪ مان بيدخل ڪري واپس پاڪستان اماڻيو ويو“.

اندران ٽٽل ۽ اداس دل واري نذير لاءِ اهڙي ڀيانڪ حقيقت جو مقابلو ڪرڻ انتهائي ڏکيو ٿي پيو. هن ٻڌايو ته ”منهنجا دوست ۽ پاڙي وارا مونکان لنوائڻ لڳا، جڏهن ته منهنجي گھر ڀاتين سان به سماجي سرگرمين دوران اڻ برابريءَ وارو سلوڪ ڪيو ويندو هيو، ايتري تائين جو مٽن مائٽن ۽ دوستن خوشيءَ ۽ رسمي گڏجاڻين ۾ اسانکي دعوت ڏئي گھرائڻ به بند ڪري ڇڏيو. منهنجي غلطيءَ جي ڪري منهنجي سمورن گھرڀاتين کي سزا ڀوڳڻي ٿي پئي“.

هن چيو ته ”مونکي ايئن لڳڻ لڳو ته اسان ڄڻ ڌاريا ٿي پيا آهيون، اهڙي دٻاوَ ۾ اچي مون خودڪشيءَ جون 3 ناڪام ڪوششون ڪيون ڇو ته انهن ڏينهن ۾ پاڪستان اندر ايڊز جي مريضن جو ڪوئي علاج يا آگاهي ميسر نه هجڻ ڪري زندگيءَ جو خاتمو ويجهو نظر اچي رهيو هيو“.
نذير مسيح پنهنجي ڪهاڻي جاري رکندي ٻڌايو ته ”ڪڏهن به نه ٿيڻ جي مقابلي ۾ دير به چڱي“. لاهور ۾ ڪم ڪندڙ خيراتي عيسائي تنظيم جي مدد سان بعد ۾ مون ايترو حوصلو ۽ همٿ گڏ ڪري ورتي ته ايڇ آءِ ويءَ جي مرض جو مقابلو ڪري سگھان. جنهن بعد 1999 ڌاري مان پاڪستان ۾ ايڊز جي مريضن جي علاج ۽ بيماريءَ لاءِ ميسر دوائن بابت آگاهي ڏيڻ خاطر نيو لائيف ايڊز ڪنٽرول سوسائٽي ٺاهڻ جي قابل ٿي سگھيم.
ڪيترن محاذن تي گھڻن سالن جي جستجوءَ کانپوءِ 2003 ۾ پاڪستاني ايڊز جي مريضن خاطر مان رجسٽرڊ دوائون متعارف ڪرائڻ جي قابل ٿي سگھيس. ان کان علاوه اهو پڻ ممڪن ٿي سگھيو ته مان ملڪ اندر موجود ايڊز جي 14 سو مريضن جن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار پڻ شامل هئا انهن کي هڪ پليٽ فارم تي ڪٺو ڪري سگھيم. اهو ڪم مان ان طريقي سان ڪري سگھيس ته پاڻ عوام جي آڏو ويس ۽ کين ٻڌايم ته مان به ايڊز جو مريض آهيان ۽ انهن جي خاندانن کي قائل ڪيم ته هو ان خوف جو شڪار نه ٿين ته سماج کين ٿڏي ڇڏيندو.

مون مٿن زور ڀريو ته هو اڳتي اچن ۽ ايڊز جا مريض پنهنجا نالا داخل ڪرائين ته جيئن سندن علاج ڪرائي سگھجي، اهو ئي سبب هيو جنهن جي ڪري ايڊز جي مريضن جي چوگرد موجود سماجي داغ کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ مان تمام گھڻي اڳڀرائي ڪري سگھيس“. يو ايس ايڊ پاران لڳايل ڪاٿي مطابق پاڪستان اندر ايڇ آءِ ويءَ جي مرض ۾ 94 هزار ماڻهو مبتلا آهن، جن مان 26 هزار عورتون آهن جن جي عمر 15 سال ۽ ان کان مٿي آهي، جڏهن ته 14 سالن تائين جي عمر وارا 2 هزار 100 ٻار به ايڊز جا مريض آهن. ايڊز جي ڪري پاڪستان جا 2 هزار 800 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پاڪستان گلوبل ايڊز ريسپانس پراگريس رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ ايڊز جي بيماريءَ جي شروعات 1980 جي ڏهاڪي کان ٿي ۽ پاڪستان کان ٻاهر روزگار لاءِ ويندڙ ماڻهن ۾ ئي اڪثر ڪري بيماريءَ جون علامتون ظاهر ٿيڻ شروع ٿيون. ايڊز جي گھٽ موجودگيءَ وارو رجحان ان بعد به ٻن ڏهاڪن دوران تيستائين جاري رهيو جڏهن ڪراچيءَ ۾ ان بيماريءَ جي نگرانيءَ لاءِ ٿيل سروي دوران اها حقيقت آشڪار ٿي ته ڪراچيءَ ۾ منشيات جي عادي (26 سيڪڙو) ۽ لاڙڪاڻي جي (9.7 سيڪڙو) ماڻهن ۾ ان بيماريءَ جون علامتون موجود آهن.
مختلف طريقن سان منتقل ٿيندڙ ايڇ آءِ ويءَ جي گھٽ موجودگيءَ وارو رجحان ان بعد تبديل ٿي وڏي خطري وارو بڻجي پيو ۽ 2002 ڌاري پاڪستان ۾ ان بيماريءَ جي شرح وڌي گھڻي ڌيان طلبڻ جي سطح تي پهچي وئي.
پاڪستان ۾ آباديءَ جا ٻه ڌڙا ان وچڙندڙ بيماريءَ جي زورآور اثر جو شڪار ٿي ويا، هڪ اهي ماڻهو جيڪي مختلف طريقن سان منشيات واپرائيندا آهن انهن ۾ بيماريءَ جي موجودگيءَ جي شرح 5.2 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته ٻئي نمبر تي ٽين جنس جا اهي فرد هن بيماريءَ جي جڪڙ ۾ آيا جيڪي ”جنسي“ ڌنڌي سان لاڳاپيل هئا انهن ۾ بيماريءَ جي موجودگيءَ جي شرح 5.2 ۽ انهن جي مقابلي ۾ جسم فروشيءَ سان لاڳاپي ۾ ايندڙ مردن جي شرح 1.6 سيڪڙو هئي. خوشقسمتيءَ سان جسم فروش عورتن ۾ بيماريءَ جي موجودگيءَ جي شرح ان بعد به گھٽتائيءَ واري رهي آهي ۽ انهن جا 0.6 سيڪڙو ڪيس سامهون آيا آهن.
پاڪستان گلوبل ايڊز ريسپانس پراگريس رپورٽ مطابق ايڊز جي بيماريءَ جي وچڙڻ وارو گھٽ رجحان غير طبي مقصدن لاءِ انجيڪشن وسيلي منشيات واپرائيندڙن جي انگ ۾ اضافي سبب وڌي ويو. انجيڪشن وسيلي غير طبي مقصدن لاءِ منشيات استعمال ڪرڻ وارن جي شرح 10.8 سيڪڙو مان وڌي 37.8 سيڪڙو تي پهچي وئي. ساڳيءَ ريت مرد توڙي عورتن سان جنسي عمل ڪندڙن ۾ بيماري وچڙڻ جا لڳ ڀڳ 39.5 سيڪڙو ڪيس ظاهر ٿيا.
اجوري عيوض جنسي لطف ماڻيندڙن پاران ”ڪنڊوم“ استعمال ڪرڻ جو رجحان مستقل طور تي گھٽ 13 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته اجرت کان بغير جنسي عمل ڪندڙن ۾ ڪنڊوم جي استعمال جي شرح ان کان به گھٽ 11 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. پاڪستان ۾ ٽين جنس وارن کي گھڻي خطري جي زد ۾ آيل تصور ڪيو وڃي ٿو.

رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪا معلومات حاصل ٿي آهي ان مطابق جسم فروش عورتن وٽ هڪ ڏينهن ۾ سراسري طور 3 گراهڪ ويندا آهن. انهن گراهڪن کي وقت ڏيڻ دوران ڪنڊوم جو انتهائي گھٽ استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ عام طور تي ڪنڊوم استعمال ڪرڻ جي شرح گھڻي گھٽ آهي ۽ ڪل 33.2 سيڪڙو گراهڪ ڪنڊوم استعمال ڪن ٿا. جڏهن ته معاوضي بنان جنسي عمل ڪندڙن مان صرف 20 سيڪڙو مستقل طور تي ڪنڊوم استعمال ڪن ٿا. انهيءَ باوجود جنسي لطف سان لاڳاپيل ماڻهن جي ٻين گروهن جي ڀيٽ ۾، جسم فروش عورتن ۾ ايڊز جي وچڙڻ جي شرح پوءِ به گھڻي گھٽ 0.6 سيڪڙو طور سامهون آئي آهي.
مٿي ڄاڻايل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻار جي پيدائش کان اڳ واري علاج جي ڪلينڪس مطابق اها بيماري اڃان تائين عام آباديءَ ۾ ڦهلجي ناهي سگھي ۽ عام آباديءَ ۾ ايڇ آءِ وي جي بيماريءَ جا انتهائي گھٽ ڪيس سامهون آيا آهن. عام آباديءَ سان واسطو رکندڙ مردن بابت ڪيل 2 اڀياسن ۾ پڻ ساڳي نوعيت جا نتيجا سامهون آيا آهن.

جيتوڻيڪ هن مهل تائين جي انگن اکرن مطابق ايڇ آءِ وي جي بيماري هڪ سنگين مسئلي طور سامهون آئي آهي ۽ 2014 ۾ ڪنڊوم جي اشتهار هلائڻ تي بندش وجهڻ واري قدم مان سمجهي سگھجي ٿو ته پاڪستان جي حڪومت ان ڳڻتيءَ جوڳي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيتري سنجيده آهي، ڇو ته ايڊز سان لاڳاپيل معاملن کي ملڪ ۾ هلندڙ رواج تحت اڃان به ڌِڪار لائق معاملي طور تسليم ڪيو وڃي ٿو، جنهن تي ڳالهائڻ کي پڻ پسند نه ٿو ڪيو وڃي.

رحيم يار خان سان تعلق رکندڙ ايڇ آءِ ويءَ جي هڪ مريض، جنهن پنهنجو نالو راز ۾ رکڻ واري خواهش جو اظهار ڪيو آهي، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”2010 ۾ لاهور اندر لڳل ميڊيڪل ڪيمپ دوران طبي معائنو ڪرائڻ بعد کيس ٻڌايو ويو ته هو ايڊز جو شڪار ٿي چڪو آهي“. 29 سالن جي ڄمار واري ان شخص وڌيڪ ٻڌايو ته ”هو 20 سالن کان به گھٽ عمر دوران منشيات واپرائڻ جي عادت اختيار ڪري چڪو هيو، منشيات واپرائڻ لاءِ مان گھڻي ڀاڱي سِرنج جو استعمال ڪندو هيس ۽ اها ساڳي سرنج منهنجا ٻيا ساٿي به استعمال ڪندا هئا“.

هن جيڪي ڳالهيون ٻڌايون انهن مطابق ايڊز جي مرض جي نشاندهي ٿيڻ کانپوءِ هن سان به سڀ ڪجهه ساڳيو ئي ٿيو جهڙو پاڪستان ۾ ٻين مريضن سان ٿيندو رهيو آهي. انهن ئي سببن جي ڪري هو بيماريءَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻ کان ڪيٻائيندو رهيو پر کيس ڪيترن سالن تائين مستقل سمجهاڻيون ڏنيون ويون جنهن بعد هن نه صرف پاڻ کي ايڊز جي اهڙي مريض طور رجسٽر ڪرايو جنهن جو علاج ڪيو وڃي پر هن منشيات واپرائڻ به ڇڏي ڏني.
ان باوجود به امتيازي ۽ ڌِڪار واري روئي سبب هو ماڻهن کي اها حقيقيت ٻڌائڻ جي همٿ ساري ناهي سگھيو ته هو ايڇ آءِ وي جو مريض آهي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي پنجاب ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر فيصل مجيد چيو آهي ته ”حڪومت ايڇ آءِ وي/ايڊز جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ تمام گھڻيون ڪوششون ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ محفوظ انداز سان رت جي منتقلي، ايس ٽي ڊيءَ جي منتقليءَ کي گھٽائڻ، نگرانيءَ جو نظام قائم ڪرڻ ۽ ايڇ آءِ وي سان لاڳاپيل نفرت کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. حڪومت پاران سڄي پاڪستان ۾ ڊسمبر 2015 تائين ايڇ آءِ ويءَ جي 14 هزار 705 مريضن کي رجسٽر ڪيو ويو آهي پر ثقافتي بدناميءَ سان ويڙهه ڪرڻ اڃان به هڪ ڏکيو ڪم آهي“.

گڏيل قومن جي اداري يو اين ايڊز مطابق ايڇ آءِ ويءَ جي مريضن جون زندگيون ايڇ آءِ ويءَ سان جڙيل ڌِڪار جو به شڪار ٿي پون ٿيون. جنهن ڪري ايڇ آءِ وي جي مريضن سان عام طور تي امتيازي سلوڪ روا رکيو وڃي ٿو پر ڪڏهن ڪڏهن ته ايڇ آءِ ويءَ جي مريضن ۽ سندن خاندانن سان تشدد وارو رويو به اختيار ڪيو وڃي ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here