اسلام آباد (رحمت محسود وٽان) صحت جي شعبي سان واڳيلن جو چوڻ آهي ته، صحت وارين سهولتن جو نظام پهريان ئي ڀڳل ٽٽل آهي، اهڙي نظام اندر پاڪستان ۾ باهه ۾ زخمي ٿيندڙن جي علاج جي مرڪزن جي سخت کوٽ آهي، اهو ئي سبب آهي ته باهه ۾ سڙي زخمي ٿيندڙن جو مناسب علاج نه ٿيڻ ڪري انهن لاءِ خطرا وڌي وڃن ٿا.

Burn Care Center PIMS Islamabad : Photo by News Lens Pakistan/
Burn Care Center PIMS Islamabad : Photo by News Lens Pakistan/

ميڊيا سان ڳالهائڻ جي اجازت نه هجڻ جي ڪري قومي صحت، ضابطن ۽ رابطن واري وفاقي وزارت سان لاڳاپيل هڪ سينئر عملدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته مالي سال 2015-16 لاءِ رکيل ڪُل بجيٽ 4.451 ٽريلين مان صحت جي نظرانداز ٿيل شعبي لاءِ 20.88 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، ايتري ننڍڙي بجيٽ صحت جي بيمار ٿيل شعبي کي چاق ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهي.

اسلام آباد جي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ قائم برن ڪيئر سينٽر جي سينئر عملدار ڊاڪٽر آئزاڪ عاشر جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪُل ٽي بَرن سينٽر (باهه جي زخمين جي علاج وارا مرڪز) آهن جن مان به 2 فوج جي انتظام هيٺ هلندڙ آهن جتي عام مريضن جو علاج ٿي نه ٿو سگھي. ڊاڪٽر عاشر ٻڌايو ته پمز ۾ قائم برن ڪيئر سينٽر ۾ اندر انتهائي جديد سهولتون موجود آهن.
جرنل آف پاڪستان ميڊيڪل ايسوسي ايشن (جي پي ايم اي) پاران ترتيب ڏنل هڪ رپورٽ ۾ افسوس جو اظهار ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ صحت جي موجود سهولتن تحت باهه جي زخمين جو علاج سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ٿيل معاملو آهي. سڙي پوڻ وارن جي علاج جا مرڪز گھٽ هجڻ جي ڪري، 6 مهينن جي حامله عورت جو حمل ان ڪري ضايع ٿي ويو جو سڙي پوڻ بعد هوءَ علاج خاطر پمز جي برن سينٽر مان علاج جي سهولت حاصل نه ڪري سگھي.
35 سالن جي، ٻن ٻارن جي ماءُ نازيه بيبيءَ جو ٻار ان ڪري ضايع ٿي ويو جو علاج جي شديد ضرورت هوندي به اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ واقع برن سينٽر اندر سندس علاج نه ڪيو ويو. نازيه بيبيءَ جي هڪ ويجهي مائٽ نيوز لينز پاڪستان سان کي ٻڌايو ته پمز جي برن ڪيئر سينٽر (بي سي سي) ۾ انهن مريضن جو ئي علاج ڪيو ويندو آهي جن وٽ ڪا وڏي سفارش هوندي آهي پر اسان وٽ نه ته پيسا هيا نه ئي ڪا سفارش، ان ڪري علاج نه ڪيو ويو.

Burn victim under treatmen at BCC in PIMS Islamabad : Photo by News Lens Pakistan/
Burn victim under treatmen at BCC in PIMS Islamabad : Photo by News Lens Pakistan/

سڀ کان پهريان نازيه بيبي جو علاج ڪندڙ جنرل سرجن ڊاڪٽر مست علي خان سان جڏهن رابطو ڪيو ويو ته هن ان واقعي کي ياد ڪندي اهو موقف ڏنو ته علاج جي اصولن مطابق جنهن به متاثر جو جسم 33 سيڪڙو سڙيل هوندو آهي ان کي ترت اسپتال ۾ داخل ڪيو ويندو آهي. پر نازيه جون ٻانهون، ڄنگهون ۽ پيٽ 40 سيڪڙو سڙيل هيا پر پمز اسپتال جي انتطاميا پاران کيس اسپتال ۾ علاج لاءِ اهو چئي داخل نه ڪيو ويو ته وٽن وڌيڪ ماڻهن جي علاج جون سهولتون موجود نه آهن.
نازيه بيبي ان وقت باهه ۾ سڙي پئي، جڏهن هوءَ تيل تي ٻرندڙ چلهي ۾ گاسليٽ وجهي، پنهنجي ٻارن لاءِ کاڌو پچائڻ جي تياري ڪري رهي هئي. هنن جو ڳوٺ اسلام آباد کان 7 ڪلاڪن جي مفاصلي تي واقع آهي.
بي سي سي جي ڊاڪٽر آئزاڪ عاشر جو چوڻ آهي ته نازيه جيان ٻيا ڪيترائي باهه ۾ سڙي پوندڙ مريض، علاج جون مناسب سهولتون نه هجڻ جي ڪري حياتيون بچائڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪري رهيا آهن ڇو ته پمز جي برن سينٽر ۾ 20 کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪرڻ جي سهولت موجود نه آهي.
صحت جي شعبي سان لاڳاپيل ڊاڪٽر امان الله خان جو چوڻ آهي ته باهه ۾ سڙي پوڻ وارا زخم زندگيءَ لاءِ سخت خطرو پيدا ڪري وجهندا آهن ۽ باهه ۾ سڙيل هڪ مريض کي فوري طور تي ٻين کان پري اڪيلائيءَ ۾ علاج جي ضرورت هوندي آهي. ٻين لفظن ۾ باهه جي سڙڻ جا زخم سنگين صورت اختيار ڪري وٺندا آهن.
پمز جي برن سينٽر ۾ علاج لاءِ ايندڙ ڪيترن مريضن پاران اهو سوال به اٿاريو ويو ته چونڊيل نمائندا جيڪڏهن کين صحت جون بنيادي سهولتون ڏيڻ جو به انتظام نه ٿا ڪن ته پوءِ هو کين ووٽ آخر ڇو ڏين.
پمز جي برن سينٽر ۾ داخل 34 سالن جي عشرت فاطمه، جنهن کي باهه ۾ سڙي پوڻ ڪري مُنهن، ڇاتي ۽ ٻانهن تي زخم ٿي پيا هئا، ٻڌايو ته ”توڙي جو سڙي پوڻ جي ڪيترن ڏينهن بعد مان علاج لاءِ هتي آيس پر خوشقسمتيءَ سان هتي ٿيل علاج جي ڪري منهنجي حالت بهتر ٿي رهي آهي“.

BCC medical staff seeing-off a burn victim after treatment : Photo by News Lens Pakistan/
BCC medical staff seeing-off a burn victim after treatment : Photo by News Lens Pakistan/

پمز اسپتال جي برن سينٽر ۾ داخل ڪجهه مريضن جي نگهباني ڪرڻ وارن مائٽن ٻڌايو ته خاص ڪري غريب مريضن لاءِ نه صرف اهو مشڪل پر ناممڪن به آهي ته هن سينٽر مان علاج ڪرائي سگھن ڇو ته هتي داخل ٿيڻ لاءِ سفارش ضرور ڪرائڻي پوي ٿي.
هڪ مريض فاطمه جو چوڻ آهي ته هتي علاج جون سهولتون گھڻيون بهتر آهن پر حڪومت کي کپي ته ڳوٺن جي سطح تي به باهه ۾ سڙي پوندڙن جي علاج جون سهولتون مهيا ڪري ته جيئن زخمي ٿي پوندڙن کي علاج جون تڪڙيون سهولتون ملن. ڊاڪٽر عاشر ٻڌايو ته فاطمه جو 50 سيڪڙو جسم سڙي چڪو هيو پر هوءَ تيزيءَ سان صحتياب ٿي رهي آهي.
قومي صحت، ضابطن ۽ رابطن واري وفاقي وزارت جي سينئر عملدار کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته ڇا حڪومت ملڪ اندر باهه ۾ سڙي پوندڙن جي علاج جا وڌيڪ مرڪز قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪا رٿابندي ڪري رهي آهي؟ ان سوال جي جواب ۾ اُن سينئر عملدار ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ ٿڪائيندڙ گڏجاڻيون هلندڙ آهن ته جيئن ملڪ جي وڏين اسپتالن اندر سڙي پوندڙن جي علاج لاءِ وڌيڪ مرڪز قائم ڪرڻ بابت رٿابندي ڪري سگھجي.
ارڙهين ترميم کانپوءِ زندگيون بچائيندڙ صحت جو شعبو بنهه معمولي بجيٽ سيمت صوبن حوالي ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر عاشر ٻڌايو آهي ته سردين جي موسم ۾ گيس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب سڙي پوندڙن جو تعداد 100 سيڪڙو وڌي ويندو آهي. اوچتو گيس بند ٿي وڃڻ جي ڪري اڪثر گھرن ۾ گيس جا هيٽر ٻرندي ٻرندي بند ٿي ويندا آهن ۽ ٻيهر گيس اچي وڃڻ کانپوءِ گھر جو ڪوئي ڀاتي هيٽر ٻارڻ لاءِ ماچيس جي تيلي ٻاريندو آهي ته ڌماڪي سان باهه لڳي ويندي آهي. ڊاڪٽر عاشر ڳالهه جاري رکندي چيو ته، ان باوجود افسوس اهو آهي ته نه حڪومت ۽ نه ئي نجي شعبو سڙي پوندڙن جي علاج جا مرڪز وڌائڻ لاءِ قدم نه پيا کڻن.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته پمز جو برن ڪيئر سينٽر سِولين ادارو آهي جڏهن ته فوج جي انتظام هيٺ به 2 سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن، پر فوج جي انتظام وارن مرڪزن ۾ عام شهرين جو علاج ڪيو وڃي اهڙو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ڊاڪٽر عاشر اها ڄاڻ پڻ ڏني ته سڙي پوندڙن جو علاج انتهائي مهانگو آهي. مريض جي علاج تي هڪ ڏينهن ۾ 25 هزارن کان 50 هزار روپيا خرچ اچي ويندو آهي.
هن ٻڌايو ته، سردين جي موسم ۾ پمز جي برن سينٽر ۾ هر مهيني 15 سو جي لڳ ڀڳ مريضن جو علاج ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته ان برن سينٽر جو هڪ رڪارڊ اهو به آهي ته اتي هر مهيني 20 جي لڳ ڀڳ اهڙا مريض جان جي بازي هاري ويهندا آهن، جيڪي علاج لاءِ ڏورانهن علائقن کان هتي پهچندا آهن.
بَرن سينٽر اندر هڪ بيڊ تي 12 سالن جي ڇوڪري عائشه داخل ٿيل هئي، جنهن جو مُنهن باهه ۾ ايترو ته گھڻو سڙي پيل هيو جو ان جي سڃاڻپ ڪرڻ به مشڪل هيو. هوءَ باهه ۾ ان وقت سڙي پئي هئي جڏهن سندس هٿن ۾ کنيل گاسليٽ جي بوتل کي باهه وڪوڙي ورتو هيو. اڪثر مريض جڏهن علاج پورو ٿي وڃڻ بعد اتان وڃڻ لڳن ٿا ته برن سينٽر جي عملي پاران مسڪرائيندي کين گلن جا تحفا ڏئي الوداع ڪيو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر عاشر راءِ ڏيندي چيو ته حڪومت کي ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي سڙي پوندڙن جي علاج جا مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪوششون ڪرڻ گھرجن ته جيئن پمز جي هن اڪيلي برن سينٽر تي پوندڙ مريضن جي بار کي به گھٽائي سگھجي ۽ سڙي پوڻ بعد جن جي زندگيءَ لاءِ خطرا پيدا ٿي پون ٿا انهن کي علاج سندن گھرن ڀرسان ئي ملڻ گھرجي ته بهتر آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here