پشاور (شيراز اڪبر وٽان) پشاور جي هڪ نجي اسڪول ۾ ڇهين ڪلاس جو شاگرد حامد شاهه ويجهڙائيءَ ۾ ئي ذهني طور غيرحاضر رهڻ لڳو آهي. هُو ڪلاس اندر موجود ته هوندو آهي پر هن جو ڌيان پڙهائيءَ ڏانهن ناهي هوندو. اها ڳالهه هن جي ڪلاس ٽيچر لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻجي پئي آهي ڇو ته حامد شاهه ڪلاس جي هوشيار ترين شاگردن منجهان هڪ آهي.
پشاور جي انهيءَ اسڪول جتي حامد شاهه پڙهندو آهي، ان اسڪول ۾ فزڪس پڙهائيندڙ مريم خان جو چوڻ آهي ”جڏهن کان تعليمي اداران مٿان حملا ٿيڻ شروع ٿيا آهن، تڏهن کان اسان نه صرف حامد شاهه پر ٻين شاگردن جي رويي ۾ به تبديلي محسوس ڪري رهيا آهيون. حامد شاهه موڳائپ جي وَرِ چڙهيل ۽ الجهيل نظر ايندو آهي“.
دهشتگردن پاران پهريون حملو ڊسمبر 2014 ۾ آرمي پبلڪ اسڪول مٿان ڪيو ويو هيو. ان حملي ۾ اٽڪل 140 شاگرد شهيد ٿي ڪيا ويا هئا. ان سانحي قوم تي سڪتو طاري ڪري ڇڏيو هيو ۽ ان قتل عام بابت ميڊيا پاران جيڪي تصويرون ۽ خبرون جاري ڪيون ويون اهي گھرن ۾ ويٺل ٻارن پڻ ڏٺيون، جن جي ڪري انهن ۾ خوف پيدا ٿيو ۽ ٻارن اهڙي ڳالهه جي نشاندهي پنهنجي والدين سان به ڪئي.
ان حملي بعد دهشتگردن پاران اهڙا ئي حملا ٻين تعليمي ادارن تي ڪرڻ بابت ڌمڪيون ڏيڻ کانپوءِ ڪيترن ئي تعليمي ادارن کي ڳچ وقت لاءِ بند به رکيو ويو هيو. جڏهن ته والدين به پنهنجن ٻارن کي اسڪول اماڻڻ جي سلسلي ۾ خوف جو شڪار رهيا. اهڙي صورتحال ۾ سيڪيورٽيءَ جا انتظام پيشگي انداز سان ڪرڻ بعد ئي اسڪول ٻيهر کوليا ويا. استادن کي اها اجازت ڏني وئي ته اهي پاڻ سان گڏ هٿيار به کڻي اچي سگھن ٿا ۽ انتطاميا پاران استادن کي پوليس هٿان هٿيار هلائڻ جي تربيت پڻ ڏياري وئي.
ٻئي طرف ساڳي نوعيت جو حملو هڪ دفعو ٻيهر ٿيو. هن ڀيري دهشتگردن جنوري 2016 ۾ خيبرپختونخواه صوبي جي شهر چارسده ۾ واقع باچا خان يونيورسٽيءَ کي نشنو بڻايو، دهشتگردن يونيورسٽيءَ اندر داخل ٿي شاگردن کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 21 شاگرد شهيد ڪيا ويا. ساڳين ئي دهشتگردن جن پاران آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۽ باچا خان يونيورسٽيءَ تي حملو ڪيو، انهن پاران هڪ وڊيو پيغام وسيلي وري ڌمڪي ڏني وئي آهي ته هو ساڳي نوعيت جا ٻيا حملا به ڪندا. باچا خان يونيورسٽيءَ تي حملي بعد به سڄي ملڪ جا تعليمي ادارا ڪيترن ئي هفتن تائين بند رکيا ويا، جڏهن ته اهڙن حملن سبب شاگردن، سندن والدين ۽ استادن ۾ خوف ۽ غيريقينيءَ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.
توڙي جو اسڪول ته کُلي ويا پر ميڊيا پاران حملن جي پسمنظر ۽ امڪانن بابت جيڪا ڳڻتي ۽ ويچار ڦهلايا ويا اهي ٻارن جي ذهنن تائين به پهتا، جنهن ڪري هو انهن سوچن ۾ جڪڙجي ويا ته جيڪڏهن سندن اسڪول تي حملو ٿيندو ته هو ڪيئن ۽ ڪهڙو ردعمل ڪري سگھندا. اسڪول جي ٽيچر مريم خان وڌيڪ ٻڌايو ته ”شاگرد ان حوالي کان گھڻا فڪرمند آهن ۽ هر وقت انهيءَ موضوع تي ئي ڳالهه ٻولهه ڪندا رهن ٿا ته دهشتگردن جو حملو ٿي وڃڻ جي صورت ۾ هو ڪيئن جان بچائيندا ۽ اتان ڪيئن بچي نڪرندا. پڙهائيءَ ۽ راندين بجاءِ شاگردن جي ڳالهه ٻولهه هاڻي صرف دهشتگردن جي حملن تائين محدود ٿي وئي آهي“.
اهڙا ڪيترائي شاگرد جن کي استاد هوشيار سمجهندا آهن، اهي توڙي سندن ٻيا ساٿي تعليمي ادارن تي دهشتگرد حملن سبب ذهني ڇڪتاڻ ۾ مبتلا ۾ ٿي ويا آهن.
پشاور جي هڪ نجي اسڪول جي پرنسيپال شهباز خان نيوز لينز پاڪستان سان پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته ”آرمي پبلڪ اسڪول مٿان ٿيل حملي کان ڪيترا ڏينهن پوءِ جڏهن اسڪول کليا ۽ شاگرد ٻيهر تعليم وٺڻ لاءِ آيا ته حاضري اڳ جي ڀيٽ ۾ گھڻي گھٽ هئي ڇو ته ٻارن جا والدين کين اسڪول موڪلڻ کان احتياط ڪري رهيا هئا، پر پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ صورتحال مناسب ٿيندي وئي ۽ والدين ٻارن کي اسڪول اماڻڻ شروع ڪري ڏنو ته تعليمي سرگرميون به معمول واري انداز سان هلڻ لڳيون.
آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي بعد اڃان معمول وارو ماحول جڙيو ئي مس هيو ته چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽيءَ مٿان حملي ٿيڻ بعد شاگرد، سندن والدين ۽ استاد هڪ دفعو ٻيهر خوف ۽ پريشانيءَ جي وَرِ چڙهي ويا“.
شاهزيب خان پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ”ان بعد ماحول ۾ آيل تبديلين جهڙوڪ؛ اسڪولن جي ديوارن جو اوچو ٿيڻ ۽ انهن مٿان ڪنڊيدار تارن جو لڳڻ، اسڪول جي دروازن تي هٿياربند محافظن پاران ڊيوٽي ڪرڻ توڙي اسڪول ۾ داخل ٿيندڙ هر هڪ ٻار جي ٿيلهن جي جهڙتي وٺڻ، اهڙين تبديلين کي ڏسڻ سان ٻارن ۾ زندگي محفوظ هجڻ يا نه هجڻ واري پريشانيءَ ۾ واڌارو ٿيو. انهن سڀني سببن جي ڪري هاڻي استادن ۽ شاگردن ۾ اها منفرد ۽ نئين سوچ به جنم وٺي چڪي آهي ته تعليمي ادارا اڳ جيان هاڻي محفوظ جڳهه ناهن رهيا“.
شاهزيب خان پاران ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي وئي ته آرمي پبلڪ اسڪول ۽ چارسده يونيورسٽيءَ مٿان ٿيل حملن کانپوءِ اسڪولن اندر حفاظت واريون جيڪي مشقون مسلسل ٿينديون رهن ٿيون انهن جي ڪري به تشويش وڌي وئي آهي. انهن مشقن ۾ شاگردن کي شامل ڪرڻ سان ٻارن ۾ خوف ۽ پريشاني جي سوچ ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ سندن ڌيان هاڻي پڙهائي تان هٽي ويو آهي“.
پشاور جي ”ملڪ سعد پوليس لائين“ ۾ جنوري 2016 دوران نجي توڙي سرڪاري اسڪولن جي هيڊماسترن ۽ پرنسيپالن سان ٿيل هڪ گڏجاڻيءَ دوران پشاور پوليس جي هڪ سينئر عملدار عباس مجيد مروت پاران شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ پوليس اهلڪارن جو ڪل تعداد 68 هزار ۽ سڄي صوبي ۾ قائم تعليمي ادارن جو تعداد 64 هزار آهي. ان بنياد تي پوليس عملدار پاران واضح ڪيو ويو ته تعليمي ادارن کي پنهنجي حفاظت جا بندوبست پاڻ ڪرڻا پوندا ڇو ته گھٽ تعداد هجڻ جي ڪري پوليس هر هڪ تعليمي اداري جي سيڪيورٽي نٿي ڪري سگهي.
ان پوليس آفيسر اهو پڻ چيو هيو ته تعليمي ادارن کي پنهنجي حفاظتي انتظامن کي وڌيڪ سڌارڻ گھرجي ۽ انهن قدمن تحت استادن کي پنهنجو دفاع پاڻ ڪرڻ وارن بنيادن تي هٿيارن سان ليس ٿي اچڻ جي به اجازت ڏني وڃي.
هوڏانهن نجي اسڪول جو پرنسيپال شاهزيب خان پنهنجو دفاع پاڻ ڪرڻ وارن بنيادن تحت استادن جي هٿيار رکڻ واري عمل کي نامناسب سمجهي ٿو. هن جو چوڻ آهي ته ان جي اجازت هرگز نه هجڻ گھرجي ڇو ته شاگرد جڏهن ڪلاس اندر پنهنجي استاد وٽ هٿيار ڏسندا ته انهن جي ذهنن تي ان ڳالهه جا منفي اثر پوندا.
ان باوجود پشاور جي هڪ اسڪول جي استادياڻي شبانه ان خيال جي حامي آهي ته هٿيارن هلائڻ توڙي انهن کي ڳجهي انداز ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ بابت موذون تربيت ڏيڻ بعد ئي استادن کي هٿيار کڻي اچڻ جي اجازت هجڻ گھرجي.
نفسياتي ماهرن جو خيال آهي ته اهي ٻار جيڪي بعد ۾ رونما ٿيندڙ ذهني دٻاوَ ۽ ذهني خلل جو شڪار ٿي وڃن ٿا انهن لاءِ اهي امڪان وڌي ويندا آهن ته موڳائپ يا وري اڳرائيءَ وارن عملن جو اظهار ڪندا رهن.
پشاور يونيورسٽيءَ ۾ نفسيات جي شعبي جي ليڪچرار ڊاڪٽر رومانه زيب نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ماڻهو پنهنجي زندگيءَ دوران ٻن قسمن وارين آفتن جو شڪار ٿي سگھن ٿا، هڪ فطري آفت ۽ ٻي ماڻهن پاران پيدا ڪيل آفت. جهڙيءَ ريت تعليمي ادارن مٿان ٿيل حملن بعد ٻار جنهن خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، اهڙيءَ طرح جي ماڻهن پاران پيدا ڪيل آفتن جو علاج ڪرڻ نفيسات جي ماهرن لاءِ به مشڪل هوندو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته هو اڃان ان عمر جا آهن جنهن ۾ خوف وڌيڪ ٿيندو آهي.
ڊاڪٽر رومانه پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته اسڪولن اندر ته ڇڏيو پر اسڪول بعد ٻارن کي جن غيرنصابي سرگرمين جي سخت ضرورت هوندي آهي اهي سرگرميون اسڪولن پاران به ختم ڪيون ويون آهن. ان ڪري اسڪولن جي انتظاميا کي گھرجي ته اهي اسڪولن اندر غيرنصابي سرگرميون هر صورت ۾ جاري رکن ته جيئن ٻار نفسياتي طور تي صحتمند رهي سگھن.
ڊاڪٽر رومانه وڌيڪ چيو ته حفاظتي اپائن تحت اسڪولن جي ديوارن مٿان ڪنڊيدار تارن کي وڇائڻ، شاگردن جي ٿيلهن جي تلاشي وٺڻ ۽ استادن کي هٿيار ساڻ کڻي اچڻ جي اجازت ڏيڻ جا شاگردن جي ذهني صحت ۽ ظاهري رويي تي ته منفي اثر ضرور پوندا.
ڊاڪٽر رومانه صورتحال تي تبصرو ڪندي وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽيءَ جي صورتحال ڪهڙي به هجي ۽ ٻارن جي ذهنن تي ان جا ڪهڙا منفي اثر پون ٿا، باوجود ان جي حفاظت لاءِ احتياطي قدم کڻڻ واري ڳالهه کان لنوائي نه ٿو سگھجي. حڪومت کي گھرجي ته شاگردن ۽ استادن جي ذهني تندرستيءَ لاءِ پروگرام منعقد ڪري ته جيئن اهي خوف ۽ دٻاوَ واري صورتحال مان نڪري اچن.
اسڪولن جي انتظاميا کي اهڙا پروگرام پنهنجي سرِ پاڻ به منعقد ڪرڻ گھرجن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ گھرجي ته هڪ نفسياتي ماهر اسڪول ۾ ايندو رهي جيڪو شاگردن ۽ استادن کي خوف ۽ پريشانيءَ واري سوچ مان نڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگھي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here