اسلام آباد (رحمت محسود وٽان) قبائلي علائقن ۾ صحت جي شعبي سان لاڳاپيل عملدارن ٻڌايو آهي ته، دهشتگرديءَ ۽ ڊرون حملن جي مستقل خوف واري صورتحال ۾ وڏا ٿيندڙ قبائلي علائقن جا ڪيترائي نوجوان مايوسيءَ ۽ ذهني دٻاء واري ڪيفيت کي منهن ڏيڻ لاءِ آرام ڏيندڙ دوائن جو استعمال ڪري رهيا آهن.
ڏکڻ وزيرستان جي مرڪزي شهر وانا ۾ ڪيلنڪ هلائيندڙ ڊاڪٽر ظفر پاران نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ويو ته اهو مسئلو هاڻي عام ٿي ويو آهي جيڪو مقامي ماڻهن لاءِ وڏو خطرو ٿي پيو آهي. اڪثر نوجوانن جي صحت هاڻي انهن آرام وارين دوائن جي عادي ٿي چڪي آهي. هن جو چوڻ آهي ته قبائلي علائقن ۾ ٻاهرين ملڪن مان ٺهي ايندڙ اهڙين دوائن جو ڪاروبار عروج تي پهچي ويو آهي.

Youth using sedatives in FATA
:photo by News lens Pakistan/

هن ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي وڌيڪ ٻڌايو ته، ٻاهرين ملڪن جون اسمگل ٿي پهچندڙ دوائن تي انهن جي تياري ۽ مدي جي خارج ٿيڻ واري تاريخ به لکيل ناهي پر صحت جي شعبي جي مقامي عملدارن پاران ان معاملي جي مناسب چڪاس نه ڪرڻ سبب اهو ڪاروبار ڏينهون ڏينهن زور وٺي رهيو آهي. هن معذرت خواهانه لهجي ۾ حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته سڄو قبائلي علائقو هاڻي تشدد ۽ عدم تحفظ واري صورتحال سبب اسمگل ٿي ايندڙ غيرمعياري دوائن جي جڪڙ ۾ اچي چڪو آهي، نوجوان وڏي انگ ۾، آرام ڏيندڙ دوائون الپروزلم ۽ برومازيپم گوريون استعمال ڪري رهيا آهن.
قبائلي علائقن بابت ان تصور جي وڏي پيماني تي زور وٺڻ بعد ته اتي قانون جي عملداري ختم ٿي چڪي آهي پاڪستان جي فوج پاران 2009 ۾ طالبان خلاف پهريون ڀرپور آپريشن “آپريشن راهه نجات” جي نالي سان شروع ڪيو ويو ته جيئن پرڳڻي ۾ رياست ۽ قانون جي عملداري بحال ڪرائي اتان پرڏيهي دهشتگردن ۽ سندن حامين کي ڀڄايو وڃي.
وانا جي رهائشي 28 سالن جي شير حسن پاران نيوز لينز پاڪستان سان فون تي ڳالهائيندي چيو ويو ته گذريل ڪيترن سالن کان جاري غير يقينيءَ واري صورتحال سبب مان پريشانيءَ ۽ گھٻراهٽ محسوس ڪندو آهيان.
پريشاني ۽ گھٻراهٽ کي ختم ڪرڻ خاطر هو روزانو 4 الپروزلم ۽ برومازيپم گوريون واپرائيندو آهيان. حسن وڌيڪ ٻڌايو ته10 گوريون مونکي 10 روپين ۾ ملنديون آهن اهي گوريون مقامي طور تي تيار ٿيندڙ ليگزوٽنل گورين کان الاهي سستيون آهن. 10 ليگزوٽنل گورين جي قيمت 200 روپيا آهي. وانا ۾ ئي ميڊيڪل اسٽور هلائيندڙ حبيب خان جو چوڻ آهي ته ٻين ملڪن مان ٺهي ايندڙ دوائن تي مدي جي خارج ٿيڻ متعلق تاريخ ۽ قيمت لکيل ناهي هوندي، جڏهن ته نوجوانن جو هڪ وڏو انگ انهن جو عادي آهي.
نوجوان حسن پاران ٻڌايو ويو ته هو جيڪڏهن اهي گوريون ناهي واپرائيندو ته هن کي راتيون جاڳي گذارڻيون پونديون آهن ڇو ته هو هاڻي انهن جو عادي ٿي چڪو آهي.
ميڊيڪل اسٽور جي مالڪ حبيب خان وڌيڪ ٻڌايو ته آرام واريون اڪثر دوائون ايران ۽ ڀارت ۾ تيار ٿيل آهن جيڪي ملڪ اندر ٺهندڙ دوائن کان الاهي سستيون آهن.
دوائن جي استعمال جي هڪ ماهر اسحاق برڪيءَ جو چوڻ آهي ته حڪومت کي گھرجي ته ڊرگ ايڪٽ 1976 کي قبائلي علائقن مٿان به لاڳو ڪري ته جيئن دوائن جي غيرقانوني ڪاروبار کي ٻُنجو ڏئي سگھجي.
هن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته قبائلي علائقن جي هر هڪ ايجنسيءَ ۾ ڊرگ انسپيڪٽرن کي مقرر ڪرڻ گھرجي، ان ڪري 14 ڊرگ انسپيڪٽرن جي ضرورت پوندي. هن اها صلاح پڻ ڏني ته حڪومت دوائن جي چڪاس وارو سيل يا ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽريون پڻ هن غير يقينيءَ جي شڪار ٿيل علائقي ۾ قائم ڪري.
اسحاق برڪيءَ پاران وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان جي دوائن جي چرپر تي نظر رکندڙ اداري “ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي (ڊي آر اي پي) جا نمائندا به هن علائقي ۾ موجود هجڻ گھرجن ته جيئن اهي مدي خارج ۽ جعلي دوائن تي نظر رکي سگھن.
تحفظ سان لاڳاپيل معاملن جي ڪري پنهنجو نالو ظاهر نه ڪندڙ 30 سالن جو هڪ شخص جيڪو وانا بازار ۾ واقع پنهنجي ميڊيڪل اسٽور تي دوائن جي وڪري ۾ مصروف هيو، ٻڌايو ته ٻين ملڪن ۾ ٺهيل دوائن جي هتي پهچ مقامي انتظاميا جي مدد ۽ تعاون سان ئي ممڪن ٿي رهي آهي.
جڏهن ته حبيب خان جو چوڻ آهي ته، ٻين ملڪن ۾ تيار ٿيل دوائون جهجهي تعداد ۾ افغانستان مان اسمگل ٿي هتي پهچن ٿيون، پر اسمگل ٿي ايندڙ دوائن جي انگن اکرن بابت ڪجهه به يقين سان نه ٿو چئي سگھجي ڇو ته اسمگلنگ واريون سرگرميون گھٽ وڌ ٿينديون رهنديون آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته، ماڻهو غيرملڪي دوائون ئي خريد ڪن ٿا ڇو ته اهي الاهي سستيون آهن.
هڪ قبائلي چڱي مڙس حاجي نظام جو چوڻ آهي ته دوائن جو اهو ڪاروبار ان ڪري به تيزيءَ سان ڦهلجي رهيو آهي ڇو ته اهو ڪاروبار ڪندڙ بنهه ٿورا پيسا لڳائي جهجها ڏوڪڙ ڪمائي وٺن ٿا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته توهان پاڻ به ڏسي سگھو ٿا ته وانا جي هر هڪ ڪنڊ ۾ نوان نوان ميڊيڪل اسٽور تيزيءَ سان کلي رهيا آهن ڇو ته پرڏيهي دوائن جي ڌڙا ڌڙ وڪري سبب اهو ڪاروبار فائديمند ثابت ٿي رهيو آهي.
قبائلي علائقن مان افغانستان سان لڳندڙ پاڪستان جو بارڊر 2611 ڪلوميٽر ڊگھو آهي ۽ وفاقي انتظام هيٺ رهندڙ قبائلي علائقا ان سرحد جي ڄڻ ته کاڏيءَ هيٺيان واقع آهن. ان سرحد تي، واپار جا 3 لنگهه ۽ ٻنهي ملڪن ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ 100 کان وڌيڪ معمول وارا يا گھٽ استعمال ٿيندڙ رستا موجود آهن.
فاٽا رسرچ سينٽر (ايف آر سي) جي ڊائريڪٽر سيف الله خان محسود پاران وڌيڪ ٻڌايو ويو ته، افغانستان سان لڳندڙ بارڊر سولو تصور ڪيو ويندو آهي جيڪو ٻاهرين ملڪن ۾ ٺهيل دوائن ۽ ٻين شين جي اسمگلنگ آسانيءَ سان ڪرڻ جي ڄڻ ته آڇ ڪندو رهندو آهي.
پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد تي ڪيترائي هنڌ “اسمگلنگ لاءِ موذون” آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهو چئي سگھجي ٿو ته هن پرڳڻي ۾ تشدد جي لهر سبب نوجوان آرام وارين دوائن جا هيراڪ ٿيڻ تي مجبور ٿي پيا آهن، پر اهڙين دوائن يا ٻين شين جي آسانيءَ سان اسمگلنگ جو ذمو بارڊر تي نرميءَ وارا انتظام رکڻ تي وجهي سگھجي ٿو.
مقامي انتظاميا جي هڪ آفيسر پاران سندس نالو راز ۾ رکڻ جي شرط تي، ڇو ته هو ميڊيا کي موقف ڏيڻ وارا اختيار رکندڙ نه هيو، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ويو ته فاٽا پرڳڻي ۾ ڪسٽم کاتي جا ڪي به عملدار مقرر نه آهن جيڪي اسمگلنگ تي نظر رکن، پر “مقامي طور تي ڪم ڪندڙ خاصا دار فورس” جنهن جي تربيت به گھٽ ۽ ان کي ٻيا ڪيترائي ڪم ڪرڻا هوندا آهن، ان فورس کي اسمگلنگ جي غيرقانوني چرپر روڪڻ لاءِ مشهور هنڌن تي مقرر ڪيو ويندو آهي.
هن مڃيو ته گورنر پاران مقامي انتظاميا کي قبائلي پرڳڻي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سرحد جي آر پار ٿيندڙ غيرقانوني چرپر ۽ اسمگلنگ روڪڻ بابت سختيءَ سان هدايتون ڪيل آهن پر بارڊر تمام گھڻو طويل آهي ان جي ڪري ئي ان جي نگراني ڪرڻ آسان نه آهي.
“مدافعتي طاقت جي ڦهلاوَ بابت پروگرام” بابت هڪ تفصيلي رپورٽ جيڪا فاٽا جي صحت وارين سهولين متعلق ڊائريڪٽويڪٽوريٽ پاران تيار ڪئي وئي آهي، اها رپورٽ اهي حقيقتون ۽ انگ اکر ٻڌائي ٿي ته 2012 دوران فاٽا ۾ ڪل 751 ڊاڪٽر ڪم ڪري رهيا هئا. رپورٽ اهو پڻ ٻڌائي ٿي ته فاٽا ۾ ميسر ٿيندڙ صحت جي سهولتن مطابق 5728 ماڻهن لاءِ 1 ڊاڪٽر دستياب آهي. رپورٽ ۾ ان ڳالهه جو به ذڪر آهي ته بي آراميءَ جي شڪار ٿيل ان پرڳڻي اندر صحت جون خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽرياڻين ۽ ٻين عورت ملازمائن جو انگ بنهه ٿورو آهي.
ڊاڪٽر ظفر جو چوڻ آهي ته پريشانيءَ ۽ گھٻراهٽ جي خاتمي لاءِ فاٽا پرڳڻي جا 50 سيڪڙو ماڻهو آرام واريون دوائون استعمال ڪن ٿا. قوت خريد گھٽ هجڻ سبب اهي ٻاهرين ملڪن مان تيار ٿي ايندڙ دوائن جي استعمال کي ئي ترجيح ڏين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته “اهي دوائون صحت واري کاتي جي اجازت بنان وڪرو ڪيون وڃن ٿيون پر نجي طور تي دوائون سپلاءِ ڪندڙ ۽ ميڊيڪل اسٽورن وارا اهي دوائون ڏوارنهن علائقن جي ڳوٺن ۾ به انهن جي فراهميءَ کي يقيني بڻائي وٺن ٿا.
اسحاق برڪيءَ جو چوڻ آهي ته، هر قسم جي دوائن خاص ڪري آرام ڏيندڙ گورين جي ضابطي هيٺ اچي نه سگھندڙ اسمگلنگ ماڻهن جي صحت ۽ ملڪ اندر ڪم ڪندڙ ڪمپنين لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي پئي آهي. هن وڌيڪ چصو ته گذريل ڪيترن سالن کان غيرملڪي دوائون بنان روڪ ٽوڪ جي ڌرا ڌڙ اسملگل ۽ وڪرو ٿي رهيون آهن جنهن جي ڪري ملڪ اندر تيار ٿيندڙ دوائن جي کپت انتهائي گھٽجي وئي آهي.
38 سالن جي هڪ ٻئي قبائلي شخص محمد بلال جو چوڻ آهي ته، پاڻ کي سڪون ۾ رکڻ لاءِ هو انڊيا جي ڪمپني ”گلوبل ڪامبيٽڪ پرائيويٽ لميٽيڊ پاران تيار ڪيل گروسڊ ۽ اوميپرازول 40 ايم جي استعمال ڪندو آهي. انتهائي سستيون هجڻ ڪري ئي منهنجا سمورا گھرڀاتي به اهي غيرملڪي دوائون استعمال ڪندا آهن. هن جو چوڻ هو ته علائقي ۾ درجنين ميڊيڪل اسٽور ڀارتي دوائون وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ انهن اسٽورن جي مالڪن وٽ دوائن جو جهجهو اسٽاڪ موجود آهي.
ميڊيڪل اسٽور جي مالڪ حبيب خان ٻڌايو ته خوشحال مريض ملڪي ڪمپنين جون ٺهيل مهانگيون دوائون استعمال ڪن ٿا پر غريبن جي هڪ وڏي اڪثريت سستيون دوائون خريدڻ کي اوليت ڏئي ٿي.
هن پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو ته انڊيا ۾ ٺهيل الپريزولم جي 10 گورين جو پتو، ڏهن روپين ۾ ملي وڃي ٿو ۽ ماڻهو وڏي انگ ۾ اهي گوريون استعمالي ڪرڻ جا عادي ٿي چڪا آهن.
هڪ ميڊيڪل اسٽور جي نوجوان مالڪ پاران ٻڌايو ويو ته، هو پاڻ ۽ هن جا ڪجهه دوست ٻَڌي تعداد ۾ ڏورانهن علائقن جي ڳوٺن ۾ واقع ميڊيڪل اسٽورن تي اهي اسمگل ٿيل دوائون پهچائيندا آهن.
ملڪ اندر دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين پاران تيار ٿيندڙ الپريزولم گورين جو هڪ پتو جنهن ۾ 30 گوريون هونديون آهن اهو ڏيڍ سئو کان ٻه سو روپين ۾ وڪرو ٿيندو آهي جڏهن ته الپريزولم گورين جي متبادل طور استعمال ٿيندڙ ايگزيميڪس جو 100 گورين وارو پيڪٽ صرف 30 کان 35 روپين ۾ ملي وڃي ٿو.
صحت جي شعبي سان لاڳاپيل ماهرن جو چوڻ آهي ته، قبائلي علائقن ۾ ڊگهي عرصي تائين جاري رهندڙ تشدد ۽ جنگي صورتحال ماڻهن کي ذهني بي سڪوني، پريشاني ۽ اوچتا دورا پوڻ واري ذهني مرض جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي.
مقامي ماڻهن پاران ٻڌايو ويو ته اڪثر دوائن تي ڀارتي هدايتون درج ٿيل آهن. نفيساتي مسئلن بابت انسٽيٽيوٽ جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر فريد اسلم فاٽا ۾ موجود اهڙي صورتحال تي گِهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. هن جو چوڻ آهي ته قبائلي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي نفسياتي مسئلن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽرن کي تربيت ڏيڻ خاطر سيمينار ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي.
ڊيرا اسماعيل خان جيڪو قبائلي علائقن اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان سان ڳنڍيل آهي، ان شهر سان تعلق رکندڙ نفسياتي مسئلن جي ماهر ڊاڪٽر خورشيد جو چوڻ آهي ته 2003 کانپوءِ جڏهن قبائلي علائقن ۾ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون زور وٺڻ لڳيون ان کانپوءِ اتان جي ماڻهن ۾ نفسياتي الجهنن جو شڪار ٿيڻ وارو رجحان زور وٺڻ لڳو. هن جو چوڻ آهي ته هو روزانو 20 اهڙا مريض چيڪ ڪندو آهي جيڪي نفسياتي مرضن يا الجهنن جو شڪار هوندا آهن ۽ سندن فرسٽريشن جي سطح انتهائي وڌيل هوندي آهي.
ڊيرا اسماعيل جي ٽيچنگ اسپتال ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر منير داوڙ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته هن کي روزانو 100 اهڙن مريضن جو علاج ڪرڻو پوندو آهي جن کي پنهنجي نفسياتي مسئلن جو تڪڙو علاج ڪرائڻو هوندو آهي ۽ انهن مريضن جو تعلق گھڻي ڀاڱي قبائلي علائقن سان هوندو آهي.
ڊاڪٽر منير داوڙ اهو پڻ چيو ته اڪثر مريض ننڍي عمر وارا، گھڻو ڪري شاگرد هوندا آهن جيڪي ڊپريشن ۽ سماجي خوف جي دٻاوَ متعلق شڪايت ڪندا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here