پشاور (اسد خان وٽان) هڪ اهڙي صوبي جتي ويجهڙائي وارن سالن دوران، آپگهاتي بم ڌماڪن سبب اسٽيڊيم رانديگرن ۽ تماشائين کان خالي ٿي ويا آهن. راندين جي ميدانن کي ٻيهر آباد ڪرڻ وڏو منصوبو هيو ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته، اهو منصوبو هڪ اهڙي شخص پاران ڏنو ويو هجي، جيڪو عام پاڪستانين لاءِ راند جي ڀرپور علامت بڻيل هجي. اهو ان ڪري به ممڪن لڳي رهيو هيو، ڇو ته خيبر پختونخواه ۾راندين جا 47 ميدان ٺاهڻ جو منصوبو، تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پاران ڏنو ويو هيو، جنهن جي پارٽيءَ جي خيبرپختونخواه صوبي ۾ حڪومت آهي.
2014 ۾ جڏهن عمران خان جي پارٽي تحريڪ انصاف اقتدار ۾ آئي ته، ان حڪومت پاران چيو ويو ته صوبي جي 25 ضلعن ۾ راندين جا 47 ميدان تيار ڪيا ويندا، جڏهن ته بعد ۾ راندين جي ميدانن جو انگ وڌائي 62 مقرر ڪيو ويو. تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پاران صوبائي حڪومت کي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي حدف ڏنو ويو ته سڄي صوبي ۾ 31 ڊسمبر 2015 تائين گھٽ ۾ گھٽ 33 راندين جا ميدان تيار ڪيا وڃن. ان هوندي به هن مهل تائين صرف 5 راندين جا ميدان تعمير ٿي سگھيا آهن.
خيبرپختونخواه حڪومت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته مالي وسيلن جي اڻهوند سبب هو ان مقصد کي ماڻڻ کان قاصر رهجي ويا آهن. ”خيبرپختونخواه حڪومت ان رٿا تحت هر ميدانِ لاءِ 15 لک روپيا مختص ڪيا، پر صوبي جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن بابت کاتي ۽ ورڪس توڙي تعميرات واري کاتي وچ ۾ رابطن جي گهٽتائي سبب تعميراتي ڪم سستيءَ سان هلندڙ آهي“، اها ڳالهه راندين ۽ نوجوانن جي معاملن بابت صوبائي کاتي جي هڪ عملدار پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌائي، ڇو ته هن کي ميڊيا سان ڳالهائڻ جو اختيار حاصل نه آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل سال جي ڊسمبر مهيني ۾ خيبرپختونخواه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي گھر تي ٿيل هڪ اجلاس دوران عمران خان پاران راندين جي ميدانن تي هلندڙ ڪم بابت رپورٽ طلب ڪئي وئي هئي. اجلاس ۾ موجود راندين جي کاتي واري ڊائريڪٽر پاران صوبي ۾ مختلف ميدانن بابت تعميراتي رٿائن جا تفصيل پيش ڪيا ويا هئا.
خيبرپختونخواه جي راندين واري کاتي جي عملدار پاران انڪشاف ڪيو ويو ته عمران خان پاران رٿائن جي تفصيلن مٿان اعتراض واريا ويا هئا، هن سرڪاري آفيسرن کي چيو هو ته هن ميدانن بجاءِ اسٽيڊيم تعمير ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته عمران خان پاران اهو به چيو ويو ته صوبائي حڪومت راندين جي ميدانن جي تعمير لاءِ جيڪي فنڊ مختص ڪيا آهن اهي فنڊ حڪومت جي اختيار ۾ هجڻ باوجود انهن جي مدد سان ميدانن جي تعمير رٿا مطابق نه ٿي ڪري سگھجي جڏهن ته ميدانن جي ڊزائين نئين سِر تيار ڪئي وڃي.
انهن دستاويزن مطابق، جيڪي خيبرپختونخواه جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي وٽان حاصل ڪيا ويا آهن، صوبائي حڪومت پاران 47 راندين جا ميدان تعمير ڪرڻ لاءِ 705 ملين روپيا مختص ڪيا ويا هئا. جڏهن ته راندين جي ميدانن جو انگ وڌائي 62 ڪرڻ سبب فيصلو ڪيو ويو ته واڌو 225 ملين روپيا ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ مختص ڪرايا ويندا. انهن دستاويزن مان اهو پڻ پڌرو ٿي رهيو آهي ته هن وقت 33 راندين جا ميدان تعمير هيٺ آهن ۽ هڪ ميدان جي تعمير تي 15 لک روپيا لاڳت ايندي. جڏهن ته جن ايراضين تي راندين جا ميدان ٺاهڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
انهن مان 13 جايون تڪراري آهن جنهن ڪري تڪرار ختم ڪرڻ خاطر صوبائي حڪومت پاران پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ پٽيشن پڻ داخل ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه راندين جو هڪ ميدان اڏڻ لاءِ ٺيڪو 3 ڀيرا رد ڪيو ويو آهي جنهن ڪري صوبي جو مواصلات ۽ ورڪس وارو کاتو اڃان تائين نئون ٺيڪيدار هٿ ڪري ميدان جي تعمير وارو ڪم شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
جڏهن ته خيبرپختونخواه جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري ڊائريڪٽوريٽ ۾ ترقيات بابت ڊائريڪٽر نعمت الله خان نيوز لينز سان ڳالهائڻ وقت پراميد نظر آيو، هن ٻڌايو ته سندن کاتو ترت راندين جا 33 ميدان هنگامي بنيادن تي تعمير ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري وٺندو. هن ٻڌايو ته2015 ۾ خيبرپختونخواه جي راندين واري کاتي پاران ورڪس واري کاتي کي 200 ملين روپيا جاري ڪيا ويا، جڏهن ته رهيل سموار فنڊز 2016 ۾ جاري ڪيا ويندا. هن اهو پڻ ٻڌايو ته راندين جي ميدانن واري رٿا لاءِ اضافي 225 ملين روپيا مالي سال 2016-17 جي بجيٽ ۾ مختص ڪيا ويندا.
ان رٿا تحت صوبي جي ڊيره اسماعيل خان ضلعي ۾ راندين جا 5 ميدان تعمير ڪيا ويندا. اهي ميدان ڪُلاچي، پهاڙپور، پرووا، دربان ۽ ڊي آءِ خان شهر ۾ تعمير ٿيندا. جڏهن ته 3 ميدان ڪرڪ ضلعي جي بنده دائود شاهه، تخت نُصِرتي ۽ ڪرڪ شهر، لوئر دير ضلعي جي ثمر باغ، لال قلعه ۽ بلمبت، چترال جي ٻن علائقن مستوج ۽ چترال شهر، هنگو ضلعي جي 2 علائقن تَل ۽ هنگو شهر، چارسده ضلعي جي 3 علائقن تنگي، شب قدر ۽ چارسده شهر ۾ تعمير ڪيا ويندا.
جڏهن ته ٽانڪ ۽ شانگله ضلعي ۾ هڪ هڪ ۽ سوات ضلعي ۾ 6 هنڌن تي ميدان تعمير ڪيا ويندا. انهن علائقن ۾ بابو زئي، بري ڪوٽ، خوازه خيله، مٽا، ڪبل ۽ چار باغ شامل آهن. اهڙيءَ ريت ڪوهاٽ ضلعي جي 2 هنڌن بابري بنده ۽ لاچي جڏهن ته هريپور ضلعي جي 2 هنڌن غازي ۽ هريپور شهر ۾ پڻ راندين جا ميدان تعمير ڪيا ويندا.
انهن کان علاوه اضافي طور تي اپر دير، مردان، نوشهره، پشاور ۽ صوابيءَ ۾ 3، بٽاگرام ۾ 2، بنير ۾ 4، ڪوهستان، ايبٽ آباد، بنون، مالاڪنڊ ۽ لڪي مروت ۾ 2 ۽ مانسهره ۾ 1 راندين جو ميدان تعمير ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.
راندين واري کاتي جي عملدار نعمت الله خان جو چوڻ آهي ته جن 33 هنڌن تي راندين جا ميدان تعمير ڪرڻ وارو ڪم هلي رهيو آهي، ان ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ خيبرپختونخواه صوبي جي راندين بابت ڊائريڪٽوريٽ ۽ ايليمينٽري توڙي سيڪنڊري اسڪولن واري کاتي ۾ يادداشت جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جنهن تحت اسڪولن ۽ ڪاليجن اندر راندين جا ميدان تعمير ڪرڻ لاءِ زمين فراهم ڪئي ويندي.
نعمت الله خان پاران نيوز لينز کي تفصيل ٻڌائيندي چيو ويو ته لڳ ڀڳ 20 راندين جا ميدان اسڪولن ۽ ڪاليجن جي زمين تي تعمير ڪيا ويندا، جڏهن ته باقي هنڌن تي نجي زمين معاوضي عيوض حاصل ڪري ميدانن جي تعمير ڪئي ويندي. هن اهو پڻ ٻڌايو ته تعميرات ۽ ورڪس واري کاتي پاران ان ڳالهه جي پڪ ڏني وئي هئي ته 31 ڊسمبر تائين راندين جا 10 ميدان تعمير ٿي ويندا پر مختلف سببن جي ڪري انهن ميدانن جي تعمير وارو ڪم مڪمل ٿي ناهي سگھيو، پر ان کاتي پاران هڪ دفعو ٻيهر اهڙو يقين ڏياريو ويو آهي ته ترت 10 ميدان تيار حالت ۾ راندين واري کاتي حوالي ڪيا ويندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here