اسلام آباد (رحمت محسود وٽان) هڪ نئين اڀياس مطابق پاڪستان جي باراني قبائلي علائقن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ ويڙهه شروع ٿيڻ کانپوءِ عام ماڻهن جي لڏپلاڻ سبب اهي علائقا وڌيڪ سرسبز نظر اچڻ لڳا آهن.
ماحوليات بابت 2015 ۾ ڪرايل هڪ اڀياس ۾ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته اهي ماڻهو جيڪي وڻن جي ڪاٺ تي ڀاڙيندا آهن انهن جي لڏپلاڻ سبب اوليا، اوڪ (بلوط)، مونوٿيڪا، ديودار (جهنگ جو وڻ) ۽ چلغوزي (نيزي) جي وڻن جي اوسر ۾ 95 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.
ماحوليات جي مشهور ماهر ڊاڪٽر لعل بادشاهه پاران ”وڻن جو تحفظ ۽ وڻن مٿان دهشتگرديءَ خلاف جنگ جا اثر“ جي عنوان سان ڪيل هڪ اڀياس ۾ ان ڳالهه کي محسوس ڪيو ويو آهي ته مٿي ڄاڻايل وڻن جي قسمن ۾ 95 سيڪڙو تائين اوسر ڏٺي وئي آهي، اها اوسر خاص ڪري انهن علائقن ۾ ڏٺي وئي آهي جتان دهشتگردن خلاف قانون لاڳو ڪندڙ فورسز جي ڀرپور ڪارروائيءَ جي ڪري ماڻهن لڏپلاڻ ڪري ٻين علائقن ۾ وڃي پناهه ورتي.
ان اڀياس مان پتو پوي ٿو ته، انهن علائقن ۾ صورتحال بدتر ٿيڻ کان اڳ مقامي ماڻهو وڻن جو ڪاٺ گھريلو ۽ ڪاروباري مقصدن لاءِ استعمال ڪندا هئا. اڀياس ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته، انهن علائقن مان ڪيترن ئي خاندانن جي لڏي وڃڻ سبب ٻيلن جي واڌ ويجهه ۽ وڻن جي اوسر تي انتهائي مثبت اثر ظاهر ٿيا آهن، جنهن ڪري وڻن جا ڪيترائي قسم زور وٺي رهيا آهن.
اسلام آباد جي ڪامسيٽس يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ۽ ماحوليات جي ڄاڻو پروفيسر ڊاڪٽر خالد خان سان جڏهن رابطو ڪيو ويو ته هن نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته جي ها، اهو بلڪل صحيح آهي ته ٻيلا تڏهن ئي زور وٺندا آهن جڏهن ماڻهو انهن جي ڪٽائي نه ڪن. قيمتي وڻ ۽ ٻيا ٻوٽا تڏهن ئي درست انداز ۾ اوسر ماڻي سگھندا آهن جڏهن انساني آبادي انهن کان پري هجي.

Post-exodus snow covered rich Pirghar hills view in South Waziristan tribal region.
Post-exodus snow covered rich Pirghar hills view in South Waziristan tribal region.

آباديءَ جي لڏ پلاڻ واري رخ تي ڳالهائيندي پروفيسر خالد خان وڌيڪ چيو ته ٻيلن کي تحفظ ان صورت ۾ ڏئي سگھجي ٿو جڏهن مقامي ماڻهن کي وڻن جي پائيدار نوعيت واري ڪٽائيءَ ۽ پوکيءَ جو پابند ڪيو وڃي.
ڊاڪٽر لعل بادشاهه جو چوڻ آهي ته 2009 ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائيءَ جي ابتدا کان اڳ مقامي ماڻهو وڏي پئماني تي گھريلو ۽ ڪاروباري مقصدن خاطر وڻن جي واڍي ڪندا هئا. هن اهو پڻ واضح ڪيو ته، عمارتن جي تعمير لاءِ گھربل ڪاٺ جي حاصلات خاطر ڪاٺ مافيا پاران ٻيلن مان وڏي پيماني تي وڻن جي واڍي ڪئي ويندي هئي اهو ئي سبب هيو ته اڪثر ٻيلا ويران ٿي ويا.
اڀياس مان پتو پوي ٿو ته پاڪستان جي فوج پاران دهشتگردن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ کانپوءِ مقامي آباديءَ جي لڏپلاڻ سبب پرڳڻي ۾ وڻن جي اوسر تي مثبت اثر پيا. اهو پرڳڻو دهشتگردن پاران افغانستان جي مقامي توڙي غيرملڪي فورسز مٿان ۽ پاڪستان جي اندروني علائقن ۾ دهشتگرد حملا ڪرڻ خاطر استعمال ڪيو ويندو هيو.
2009 ۾ پاڪستان جي هٿياربند فورسز پاران ڪارروائي شروع ڪرڻ کانپوءِ مقامي ماڻهن کي ان علائقي مان لڏپلاڻ ڪرڻي پئجي وئي. اها ڳالهه اڀياس ۾ درج ڪئي وئي آهي ته مقامي ماڻهن جي لڏپلاڻ کان اڳ 2005 کان 2008 تائين وڻن مان 83 هزار 619 ميٽرڪ ٽن ڪاٺ حاصل ڪيو ويندو هيو، اها شرح 2009 کان 2014 تائين گھٽجي وئي.
ڊاڪٽر لعل بادشاهه صلاح ڏيندي چيو ته مقامي ماڻهو جڏهن ٻيهر اچي پنهنجي علائقي ۾ آباد ٿيندا ته جنگلات واري کاتي کي گھرجي ته ان پاران مقامي ماڻهن کي پائيدار انداز سان وڻن جي ڪٽائي ۽ پوکيءَ جو قائل ڪيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته وڻن جي پائيدار انداز واري پوکي ۽ ڪٽائيءَ جو مطلب آهي ته مقامي ماڻهن کي وڻ پاڙئون ڪٽڻ کان بنهه منع ڪيو وڃي جنهن جي ڪري فائدو اهو ٿيندو ته وڻ ٻيهر ڦٽي سگھندو.
لاهور جي گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ۽ ماحوليات جي ماهر ڊاڪٽر زمان شير پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته وڻن جي موثر واڌ ويجهه جا ماحوليات تي مثبت اثر پوندا آهن. سرسبز وڻ ۽ ٻوٽا ماحوليات کي نج ۽ شفاف بڻائڻ ۾ مدد ڪندا آهن. هن اهو خيال پڻ ظاهر ڪيو ته، ٻيلن مان حاصل ٿيندڙ ڪاٺ ۽ ٻين شين جي پائيدار استعمال جو طريقو طئي ڪرڻ جي به سخت ضرورت آهي.

Post exodus Quercus forest in South Waziristan tribal region.
Post exodus Quercus forest in South Waziristan tribal region.

هڪ مقامي اڳواڻ نور نواز، جنهن جو خاندان ويجهڙائيءَ ۾ واپس پنهنجي ماڳ موٽي آيو آهي، ان نيوز لينز سان ڳالهائيندي چيو ته جي بلڪل اها ڳالهه درست آهي ته ٻيلا انتهائي ساوا ۽ سرسبز نظر اچي رهيا آهن، اهو وڻندڙ نظارو آهي پر لڏي ويل ماڻهو واپس اچي رهيا آهن ۽ ماڻهن هاڻي کان ئي وڻن جي واڍي شروع ڪري ڇڏي آهي ته جيئن گھرن اندر ٻارڻ طور استعمال ڪري سگھن.
ڊاڪٽر لعل بادشاهه جو چوڻ آهي ته، حڪومت واپس موٽندڙ خاندانن کي گيس ۽ بجليءَ جي سهولت ميسر ڪري ته جئين اهي انهن کي متبادل توانائيءَ طور استعمال ڪري گھريلو ضرورتون پوريون ڪن ۽ وڻن جي حفاظت ڪري سگھجي. هڪ ٻئي قبائلي شخص محمد انور جو خيال آهي ته، ڪاٺ مافيا پاران اڳواٽ ئي وڻن جي واڍي شروع ڪئي وئي آهي ۽ انهن وڻن جو ڪاٺ ملڪ جي ٻين ضلعن ڏانهن عمارتن ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ اماڻيو پيو وڃي.
ڊاڪٽر لعل بادشاهه جي راءِ آهي ته، وڻن جي ڪاٺ کي گھريلو سطح تي ٻارڻ جي ذريعي طور استعمال ڪرڻ وڏو نقصان نه آهي پر وڻن جي ڪاروباري مقصدن لاءِ ڪٽائي ٻيلن کي نقصان پهچائي ٿي. ڊاڪٽر لعل بادشاهه ۽ ماحوليات جي ٻين ماهرن پاران ٻڌايو ويو آهي ته وزيرستان جي ”پِرگھر“ پهاڙي ٻيلي ۾ وڻن جو ڦهلاءُ وڌيو آهي. جڏهن ته اهڙا اڀياس مانسهره، ناري واري ٿر، چغرزئي، چڪوال، سوات ۽ آزاد ڪشمير جي ڪوٽليءَ واري علائقي ۾ به ڪيا ويا آهن.
گذريل پنجن سالن دوران دهشتگرديءَ خلاف جنگ سبب ڏکڻ وزيرستان ۾ وڻن جي اوسر ٿيڻ سبب اتي ٻيلا هاڻي سرسبز ۽ گهري ساوڪ وارا ٿي پيا آهن. اڀياس دوران ان علائقي مان گونچن، پاڙن، جڙي ٻوٽين، ٻوٽن ۽ وڻن جا جزا چڪاس لاءِ ڪٺا ڪيا ويا.
اڀياس جي نتيجي ۾ معلوم ٿيو آهي ته قبائلي علائقن جي ڏکڻ وزيرستان پرڳڻي ۾ سماجي نوعيت جو اهو مسئلو به سامهون آيو ته علائقي جا سمورا اسڪول بند ٿي ويا. انهيءَ علائقي ۾ ئي طالبان جي زور وٺڻ ۽ پاڪ فوج جي آپريشن کان اڳ خاندان جو هڪ ماڻهو ئي جياپي لاءِ هٿ پير هڻندو هيو جڏهن ته هن جي خاندان جا ٻيا ڀاتي ڪجهه به نه ڪندا هيا.
اڀياس مان اهو به پتو پوي ٿو ته بي گھر ٿيل ماڻهن خاص ڪري ڏکڻ وزيرستان سان تعلق رکندڙ ماڻهن هاڻي ٽيڪسي ڊرائيور، دڪاندار ۽ روزانو جي استعمال واريون ٻيون شيون وڪرو ڪري آمدني ڪمائڻ وارو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. لڏپلاڻ کان اڳ ان علائقي جي هڪ خاندان جي مجموعي ماهوار آمدني پهريان 15 هزار روپيا هوندي هئي جيڪا هاڻي وڌي 60 هزار تائين پهچي چڪي آهي، اڀياس ۾ اها ڳالهه پڻ نوٽ ڪئي وئي آهي.
اڀياس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، وڻن کي واڌ ويجهه لاءِ پنجن سالن تي ڦهليل ڳچ وقت ملي ويو ۽ هڪ وڻ کي اوسر لاءِ ايترو ئي وقت گھربل هوندو آهي، جنهن ڪري وڻن جي اوسر وڏي پيماني تي ٿي چڪي آهي. وڻن جو هڪ قسم “بونسئي” تيزيءَ سان وڏو ٿي وڻ ٿي چڪو آهي جڏهن ته اولي، ڪيورڪس ۽ مونٿيڪا جي وڻن کي موقعو مليو آهي ته ٻيهر ڦٽي وڏا ٿين.
جڏهن ته جڙي ٻوٽين جا به ڪيترائي قسم نسري آيا آهن جنهن ڪري ان علائقي جو ڏيک مڪمل طور تي چچ سائو ۽ سرسبز ٿي چڪو آهي. وڻن متعلق ٿيل ان اڀياس مان اها ڳالهه به پڌري ٿي آهي ته وڻن کي جيڪڏهن 5 کان 7 سالن تائين اڻ ڇهيل ڇڏيو وڃي ته اهو ٻيهر پاڙ وٽان ڦٽي گھاٽو ۽ سرسبز وڻ ٿي ويندو آهي.
ڊاڪٽر لعل شاهه آخر ۾ چيو ته هڪ قوم جي حيثيت ۾جيڪڏهن اسان ٻيلن کي سرسبز ۽ شاداب رکئون ته اسان کي پنهنجي ماحوليات صاف رکڻ، ٻوڏن ۽ زمين جي کاڌ کان بچاءُ حاصل ٿي پوندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here