پشاور (شيراز اڪبر وٽان) 50 سالن جي عمر کي پهچي ويل محمد علي ٻالڪپڻ کان وٺي ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليل ڪاروبار ۽ هنر سان واڳيل آهي، پشاور جي پراڻي شهر واري حصي ۾ واقع دڪان اندر هو ٽامي ۽ پتل مان مختلف ٿانوَ ۽ شيون ٺاهي انهن جو وڪرو ڪندو آهي.
پشاور جي قديم مسگران بازار جي ٽامي وڪڻڻ وارن جي گھٽيءَ جي ٻين رهواسين ۽ دڪاندارن جيان، محمدعليءَ جيان، سندس پٽن کي به ساڳيو ڪاروبار ورثي ۾ مليو آهي، جنهن ۾ سندن خاندان کي ڪيترين پيڙهين کان مهارت ۽ تجربو حاصل آهي.
جنهن بازار ۾ محمد علي ۽ ان علائقي جي ٻين ماڻهن پاران جيڪو ڪاروبار ڪيترن نسلن کان ڪيو پئي ويو، ڪجهه سالن کان ان جو مستقبل ڄڻ ته گروي ٿي اونداهو ٿيڻ لڳو آهي. سرپرستي نه هجڻ ڪري هاڻي پراڻي بازار فنا ٿي رهي آهي، پر هڪ وقت اهو به هيو جڏهن سياح ۽ ٻين شهرن جا دڪاندار پشاور جي مسگران بازار جي ڪاريگرن پاران ٽامي ۽ پتل مان ٺاهيل بي داغ شيون خريدڻ لاءِ هتان جو چڪر ضرور هڻندا هئا.
نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي محمد عليءَ ٻڌايو ته ”تمام ڦهليل هجڻ مان گھٽجي هاڻي هي ڪاروبار اچي صرف ٻن دڪانن تائين محدود ٿي ويو آهي، ان جو هڪ وڏو سبب ته اهو ٿو نظر اچي ته گذريل ڪجهه سالن کان هتي وڪرو ٿيندڙ شين جي خريداريءَ ۾ بحران جهڙي گھٽتائيءَ آئي آهي. ڇو ته گذريل ڪجهه سالن کان شهر بدامنيءَ جي ور چڙهيل آهي، شهر ڇا سڄو ملڪ ئي بدامنيءَ جي ور چڙهيل آهي ۽ ان مٿان اوچتو ئي اوچتو پِتل ۽ ٽامي جا اگهه به چوٽ چڙهي ويا، جنهن ڪري به هن ڪاروبار ۾ تمام گھڻي ٻاڙائي آئي آهي“.
ڪاروباري رستي شاهراهه ريشم سان لڳو لڳ واقع هڪ قديم شهر، جتي پراڻين خانقاهن ۽ شهر جي پراڻي عظمت مان ماضيءَ جي جهلڪ کي هاڻي به پسي سگھجي ٿو، اتي ڪن وقتن ۾ واپاري، مسافر ۽ جاسوس سبز چانهن جون چَسڪيون ڀري هڪ ٻئي کي پنهنجي سفر ۽ سازشن جون ڪهاڻيون ٻڌائيندا هئا. سفر جي ٿڪاوٽ ختم ٿيڻ بعد جيئن ئي سندن پير ٻيهر هلڻ جي قابل ٿيندا هئا ته هو پشاور جي قِصا خواني بازار جو رخ ڪندا هئا، اها بازار (ڪهاڻيون ٻڌائڻ وارن جي) بازار طور مشهور هوندي هئي.
پراڻي شهر جي گھٽين ۾ پوءِ دڪاندار ساڻن ڪاروبار به ڪندا هئا ته کين قصا پڻ ٻڌائيندا هئا.
جڳ مشهور ناول نگار ۽ شاعر ”رڊيارڊ ڪپلنگ“ پنهنجي تحريرن ”ڪِم“، ”جنگل بوڪ“ ۽ ان بعد ”اهو ماڻهو جيڪو بادشاهه ٿيندو“ ۾ انگريزن جي حڪمرانيءَ واري هندوستان جي شهر پشاور جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪري ان کي امر بڻائي ڇڏيو آهي:
”بهار جي مند ۾ جڏهن ريگستان ۾ ساوڪ ڦهلجي رهي هئي،
اسانجو قافلو تنهن وقت خيبر لنگهه وٽان گذريو پئي،
اُٺ ته تيز ڊوڙڻ وارا هئا، پر سنڌَ اسانجا ساڻا هئا.
کِيسا اسانجا خالي، پر ٻورا ڀريل ڀريل هئا،
اتر ۾ برف سان سلهاڙيل ڪاروبار ۾ مندي آيل هئي،
۽ اسان پشاور شهر جي مارڪيٽ واري حصي ۾ هئاسون“.
هندوستان ڏانهن سفر ڪرڻ وارن لاءِ پشاور جي قصه خواني بازار اهڙو پسنديده ٺڪاڻو بڻيل هوندي هئي، جنهن جي ڇِڪ سبب هو اتي هلي ايندا هئا ۽ انهن مسافرن جي سفر متعلق حڪمت عمليءَ ۾ ان بازار جي هوادار گھٽين ۾ گھمڻ جو منصوبو ضرور شامل هوندو هيو.
قصه خواني بازار جي انهن گھٽين ۾ شاهراهه ريشم وسيلي ٿيندڙ واپار ۾ مهارت رکندڙ ڪاروباري ماڻهو موجود هوندا هئا جيڪي ريشم، مصالحن، ٽامي، پِتل، لوهه خشڪ ميوي ۽ ٻين شين جو واپار ڪندا هئا. انهن وقتن ۾ ئي، هنن گھٽين جي سڃاڻپ اُن هنر ۽ مهارت جي ڪري ٿيڻ لڳي جنهن وسيلي پٽل ۽ ٽامي مان شيون ٺاهيون وينديون هيون.
قصه خواني بازار جون گھٽيون جتي ختم ٿين ٿيون، اتي ئي هڪ گھٽيءَ ۾ مِسگران بازار واقع آهي. اها بازار هندوستان جي ورهاڱي کان به گھڻو اڳ وجود ۾ اچي چڪي هئي ۽ سٺن وقتن دوران ان بازار ۾ پِتل توڙي ٽامي مان ٿانوَ ۽ ٻيون شيون ٺاهڻ، انهن جي مرمت توڙي وڪري جا درجنين دڪان کليل هوندا هئا.
هن بازار ۾ گذاريل ماضيءَ جي خوشگوار ڏينهن کي ياد ڪندي محمد عليءَ ٻڌايو ته ”اها ڪا ايڏي پراڻي ڳالهه به ناهي، جڏهن هتي گراهڪن جي گھڻي رش هوندي هئي ۽ اهي هٿ جي هنر وسيلي تيار ڪيل پتل جي شين عيوض سٺا پيسا ادا ڪندا هئا“.
گذريل 10 سالن کان محمد علي ۽ هن جا پٽ هڪ اهڙي ڪاروبار کي جاري رکڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهن جيڪو بدامنيءَ جي ڪري آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي، ڇو ته بدامنيءَ سبب ٻاهرين ملڪن توڙي ملڪ جي ٻين شهرن مان ايندڙ گراهڪن به هاڻي هن بازار مان ڀيرو ڀڃڻ کان بس ڪري ڇڏي آهي، نه ته هڪ وقت اهو به هيو ته سڄي بازار مان ڪاريگرن پاران آرٽ جي نموني طور پتل ۽ ٽامي جي شين ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ اوزارن جا آواز ايندا رهندا هئا.
محمد عليءَ جو دڪان به انهن مان هڪ هيو جتي پتل ۽ ٽامي مان ٺهيل بهترين شيون وڪري لاءِ موجود هونديون هيون. آڪٽوبر 2009 ۾ مينا بازار سان لڳو لڳ هڪ ڪار بم ڌماڪو ٿيڻ جي ڪري 137 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا هئا. جڏهن ته قصه خواني بازار اندر 2010 ۾ ٿيل هڪ ٻئي بم ڌماڪي جي ڪري 23 ماڻهو زندگي وڃائي ويٺا. ان بعد هڪ ٻئي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 40 ماڻهو مارجي ويا جن مان 18 ته هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي هئا. بازار اندر اهو ڌماڪو سيپٽمبر 2013 ۾ ٿيو هيو.
اهڙي صورتحال جي ڪري مسگران بازار هاڻي ته پنهنجي ماضيءَ جو بس هڪ پاڇو بڻجي پئي آهي، جيڪي ڪاريگر پهريان بازار اندر ئي پتل ۽ ٽامي مان شيون تيار ڪندا هئا اهي هاڻي ٻين هنڌن تي روزگار ڪرڻ لڳا آهن، ان ڪري بازار جو منظر به گھڻو بدلجي ويو آهي.
پشاور جي پجگي روڊ تي واقع افغان ميٽل مارڪيٽ اندر گذريل 25 سالن کان مرمت وارو ڪم ڪندڙ شير خان ٻڌايو ته ”هڪ وقت هيو ته ان بازار ۾ 40 ڪاريگر ان ڪم سان جڙيل هوندا هئا ۽ شين جي جيتري طلب هوندي هئي ان کي پورو ڪرڻ لاءِ انهن کي ڪڏهن ڪڏهن ته 24 ڪلاڪ به ڪم ڪرڻو پوندو هيو. هاڻي ته بس 4 ڪاريگر ئي بچيا آهن باقي ٻيا سڀ ٻين منافعي وارن ڪاروبارن سان وڃي لڳا آهن“.
شير خان جو چوڻ آهي ته، پشاور ۾ پتل ۽ ٽامي جون جيڪي شيون تيار ڪيون وينديون آهن، انهن جا 2 قسم آهن: هڪڙيون صرف سجاوٽ لاءِ هونديون آهن ۽ ٻيون جيڪي گھريلو ڪمن لاءِ استعمال ڪيون وڃن ٿيون. گراهڪ عام طور تي پتل جا نقش نگارن وارا پيالا، کاڌي رکڻ وارا ٿانو، ڪُنيون ۽ انهن کان علاوه هر وقت جو پسنديده اسم چانهن جي هوٽلن تي سبز چانهن ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندڙ رشِين سمووار جي به گھڻي طلب هوندي هئي.
شيرخان جو چوڻ آهي ته ”پتل ۽ ٽامي مان پشاور جا ڪاريگر جهڙا نفيس ٿانو ۽ ٻيون شيون ٺاهيندا هئا، ملڪ ۾ انهن جو ثاني ٻيو ڪير نه ٿي سگھندو“. پنهنجي اهڙي فخريه ڳالهه جي ثبوت خاطر شير خان پنهنجي دڪان ۾ رکيل شين ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ”اهو ئي سبب هيو ته هي شيون پشاور جي سڃاڻپ بڻجي پيون هيون“.
اهي شيون خريدڻ لاءِ آيل رخسانه خان، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ”مان سدائين محمد عليءَ جي دڪان تان ئي پتل ۽ ٽامي مان ٺهيل شيون خريد ڪندي هيس، پر انهن شين جي اگھن ۾ واڌ اچڻ سبب ئي هاڻي مان گھريلو استعمال لاءِ مجبور ٿي پلاسٽڪ، اسٽيل ۽ چانديءَ جا ٺهيل ٿانو خريد ڪندي آهيان“. مارڪيٽ ۾ هلندڙ رجحان تحت ڪاروبار کي جاري رکڻ لاءِ محمد علي ۽ ان جا پٽ به هاڻي سستي اگهه واريون شيون تيار ڪرڻ لڳا آهن.
محمد عليءَ جي پٽ سعد خان پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته ”اسان وٽ هاڻي جيڪي گراهڪ اچن ٿا اهي به هاڻي گھڻو ڪري گھرن ۾ استعمال ٿيندڙ چانديءَ ۽ اسٽيل جا ٿانوَ ئي طلب ڪن ٿا ۽ اسان جي آمدني به هاڻي گھڻي ڀاڱي انهن شين جي وڪري مان جڙي ٿي ڇو ته ڪير به هاڻي پتل ۽ ٽامي جا ٿانو نه ٿو وٺي“.
سعد خان پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ”پتل ۽ ٽامي جي اگھن ۾ اوچتو تمام گھڻي واڌ ٿي وئي جنهن جي ڪري انهن ڌاتن مان ٺهيل شين جي قيمت اسٽيل ۽ چانديءَ جي ٿانون کان چئوڻ تي وڌيڪ آهي، اهو به وڏو سبب آهي ته پتل ۽ ٽامي جي شين جي طلب به گھڻي گھٽجي وئي. مان ته پنهنجي اولاد کي منع ڪندس ته اهي هن ڪاوربار (پتل ۽ ٽامي مان شيون ٺاهڻ ۽ انهن کي وڪرو ڪرڻ) کان پري رهن ڇو ته هن ۾ مستقبل روشن نه آهي“.
سعد خان اهي ڳالهيون ڪندي اهو پڻ چوندو رهيو ته ڪو وقت هيو جو هن ڪاروبار ۾ شامل ٿيڻ کي فخر جي علامت سمجهيو ويندو هيو. سعد خان چيو ته ”1958 ۾ لاهور ۾ ٿيل هٿ جي هنرن مان ٺهيل شين جي نمائش دوران اسان کي پتل ۽ ٽامي مان بهترين شيون تيار ڪرڻ تي اعزازي سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو هيو. هاڻي به حڪومت کي گھرجي ته هن ڪاروبار جي حوصلي افزائي ڪري ۽ اهڙا وسيلا مهيا ڪري ته جيئن هنن شين جي ملڪي توڙي عالمي سطح تي نمائش ڪئي وڃي ۽ اهي شيون ٺاهيندڙ ڪاريگرن کي مڃتا ڏني وڃي ته هن ختم ٿيندڙ هنر کي بچائي سگھجي ٿو“.
سعد خان آخر ۾ اها صلاح پڻ ڏني ته ”ملڪ ۾ امن قائم ٿيڻ کان علاوه جيڪڏهن پتل ۽ ٽامي جي قيمتن ۾ لاٿ آندي وڃي، ڪاريگرن پاران ٺاهيل شين جي مناسب سطح تي نمائش ڪرائي حڪومت اسان جي هن هنر ۽ ڪاروبار جا اوج وارا ڏينهن هڪ دفعو وري موٽائي ڏئي سگھي ٿي“.