کوئيٽا: آباديءَ ۾ واڌ ۽ گھڻي استعمال سبب ڪوئيٽا ۾ زير زمين پاڻيءَ جي سطح ڏينهون ڏينهن گھٽجي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي ته زمين ويهجڻ لڳي ۽ عمارتون، روڊ توڙي پائيپ لائينون ٽٽڻ لڳيون آهن.
بلوچستان يونيورسٽيءَ جي جيالاجي شعبي سان تعق رکندڙ پروفيسر دين محمد ڪاڪڙ چيو آهي ته ”جيتري مقدار ۾ جَر جو پاڻي ڪٺو ٿيندو آهي ان جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي پاڻي استعمال خاطر ڪڍيو پيو وڃي اهو ئي سبب آهي ته زمين ويهجڻ لڳي آهي“.
برساتن تي گذران ڪندڙ بلوچستان ۾ برساتون گھٽ پوڻ سبب ڏڪار ڦُٽي پوڻ جي تاريخ ڪافي پراڻي آهي.
ڊاڪٽر دين محمد ڪاڪڙ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته، گذريل 40 سالن دوران جَرَ جي پاڻيءَ جي سطح 300 فوٽ اونهي ٿي وئي آهي ۽ پاڻيءَ جي سطح هر سال 10 کان 15 فوٽ وڌيڪ اونهي ٿيندي رهي ٿي. پاڻيءَ جي سطح ۾ مناسب انداز سان واڌارو نه ٿيڻ جي ڪري اها وڌيڪ اونهي ئي ٿيندي رهندي، نتيجي ۾ زمين جو تهه سڪڙجڻ لڳي ٿو ۽ زمين جهنوڻ شروع ڪري ڏئي ٿي.
هن وڌيڪ ڄاڻ ڏيندي چيو ته ”گلوبل پوزيشننگ سسٽم (جي پي ايس) جي انگن اکرن مطابق ڪوئيٽا زون ۾ زمين هر سال 10 سينٽي ميٽر هيٺاهينءَ ڏانهن ويهجي رهي آهي. زمين جي جهِنوڻ جو منطق اهو به آهي ته اها ٻيهر مٿي اڀري نه سگھندي. عمارتون ۽ زمين ڪنهن ريت به ٻيهر اصلي مٿاڇري تي بحال نه ڪري سگھبيون ڀلي نوان ڊيم ئي ڇو نه ٺاهيا وڃن ۽ جَر جي پاڻيءَ جي سطح ڀلي پراڻي سطح مطابق مٿي ڇو نه ٿيڻ شروع ڪري ڏئي“.
ڪوئيٽا ، پاڪستان جي ڏاکڻين حصي ۾ واقع بلوچستان صوبي، جنهن جون سرحدون افغانستان سان ملن ٿيون، جو گاديءَ وارو شهر ۽ پهاڙن جي وچ ۾ قائم وادي آهي. هي صوبو برساتن جي پاڻيءَ تي گذران ڪندو آهي ۽ گھريلو استعمال توڙي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ جَر جو پاڻي ئي واحد وسيلو آهي.
ڊاڪٽر دين محمد ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته، جَر جي پاڻيءَ جي اونهي ٿيندڙ سطح سبب زرعي مقصدن جي پورائي خاطر وڌيڪ ٽيوب ويل لڳايا پيا وڃن ۽ پاڻيءَ جي حاصلات خاطر آبادگارن کي ٽيوب ويلن جي وڌيڪ اونهي کوٽائي ڪرڻي پوي ٿي.
بلوچستان يونيورسٽيءَ پاران آمريڪا جي ڪولوراڊو يونيورسٽي ۽ پشاور يونيورسٽيءَ جي گڏيل سهڪار سان 2013 ۾ ڪرايل هڪ تحقيقي اڀياس مطابق، زمين جي ويهجڻ جو سڀ کان وڏو سبب آباديءَ ۾ واڌ آهي. آباديءَ جي واڌ جي ڪري پاڻيءَ جي طلب ۽ رسد ۾ وڏو فرق اچي رهيو آهي.
پهاڙي ٻيلن جي واڍي ۽ وڻن جي گھٽجندڙ تعداد سبب برساتن جو سلسلو گھٽجڻ لڳو ۽ گرمي پد وڌڻ لڳو آهي.
”زمين جو ويهجڻ ۽ ڪوئيٽا واديءَ ۾ پاڻيءَ جي وسيلن ۾ ٿيندڙ گھٽتائيءَ“ جي عنوان سان ٿيل تحقيق مان معلومات ملي آهي ته، آباديءَ ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ واڌ ۽ پاڻيءَ جي وسيلن ۾ ٿيندڙ گھٽتائي، اهڙا محرڪ آهن جيڪي هڪ خطرناڪ صورتحال پيدا ڪرڻ لڳا آهن.
انهيءَ اڀياس تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر دين محمد ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته، زمين جي ويهجڻ وارو عمل گھڻي ڀاڱي ڪوئيٽا واديءَ جي اتر ۽ ڏکڻ وارن پرڳڻن ۾ ٿيڻ شروع ٿيو آهي. شهر جي ميان گُنڊي ۽ بليليءَ وارن علائقن ۾ زمين ۾ ڊگھا ڏار پوڻ شروع ٿيا آهن. بليليءَ واري علائقي جي ”ڪِلي سَوفي“ نالي ڳوٺ ۾ پيل ڏار سڀني کان گهرا ۽ وڏا آهن اهي ڏار هڪ ڪلوميٽر ڊگھا آهن. هڪ ٻيو ڏار جيڪو ارباب ڪَرم روڊ ڀرسان ٿيو آهي ان جي ڊيگھ 100 ميٽر آهي ۽ ڪِلي سرياب ۾ مارچ 2015 دوران 6 سو ميٽر ڊگھو ڏار پيدا ٿيو. ڊاڪٽر دين محمد ڪاڪڙ مطابق، ڪِلي سرياب وارو ڏار ڳوٺ جي چئن گھٽين تائين ڦهليل آهي.
ڊاڪٽر دين محمد ڪاڪڙ معاملي کي وڌيڪ تفصيل سان بحث هيٺ آڻيندي راءِ ڏني آهي ته ”جَر جو پاڻي جيئن ته گھريلو ضرورتن جي پورائي جو اڪيلو وسيلو آهي پر ساڳيو پاڻي زرعي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ خودڪشي آهي. اسان ته اهڙي صورتحال ۾ هلون پيا جو ايندڙ نسلن جي حصي جو پاڻي به استعمال هيٺ آڻي چڪا آهيون. ڪوئيٽا جي جَر ۾ جيترو به پاڻي موجود آهي اسان هن مهل تائين ان جو 70 سيڪڙو حصو کپائي چڪا آهيون“.
هن صلاح ڏيندي چيو ته، حڪومت کي گھرجي ته ڪوئيٽا جي حدن ۾ زراعت تي پابندي وجهي ڇڏي. ”سمورا زميندار ته بس واديءَ ۽ ان ۾ وسندڙ ماڻهن جي قرباني ڏئي مالي فائدو حاصل ڪرڻ چاهن ٿا ۽ فصلن پوکڻ خاطر وڌ کان وڌ ٽيوب ويل لڳائڻ جي ڪوششن ۾ لڳل آهن.
پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي چيف انجنيئر جاويد احمد چيو ته ”ڪوئيٽا واديءَ ۾ زمين جي ويهجڻ وارو عمل صرف ۽ صرف جَرَ جي پاڻيءَ وارن ذخيرن جي سطح اونهي ٿيڻ سبب شروع نه ٿيو آهي“. هن ٻڌايو ته حڪومت پاڻيءَ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ نوان ڊيم اڏي رهي آهي.
هن ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته، ڪوئيٽا واديءَ ۾ زراعت تي پابندي وجهي نه ٿي سگھجي. ”حڪومت ”ٽِرڪل اريگيشن“ ۽ جديد زراعت جي ٻين طريقن تي عمل ڪرڻ کي به هٿي وٺرائڻ طرف ڌيان ڏئي رهي آهي“.
ڪوئيٽا جي هڪ سول انجنيئر رضوان احمد جو چوڻ هو ته، شهر اندر ملڪيتن ۽ اڏاوتن کي پهتل نقصان جي نتيجي ۾ عام ماڻهو توڙي ملڪيتن جي خريداريءَ ۽ وڪري وارو ڪاروبار ڪندڙ خوف جو شڪار ٿي ويا آهن زمين ويهجڻ واري خدشي سبب ملڪيتن جي واپار ۾ هاڻي ڪير به پيسو سيڙائڻ لاءِ تيار نه آهي. اهڙيون ڪيتريون ئي سرڪاري توڙي نجي ملڪيتون آهن جيڪي زمين ۾ پيل ڏارن جي ڪري ڪرڻ ڪنڌيءَ تي پڄي چڪيون آهن ۽ انهن کي مڪمل طور ڊاهڻ جي ضرورت پيدا ٿي پئي آهي.
رضوان احمد انهن علائقن جتي زمين ويهجي وئي آهي اتان جي زبون ٿي ويندڙ عمارتن ۽ گھرن جي بحاليءَ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. رضوان احمد جو چوڻ هو ته، ڀڄي ۽ ڀري پيل عمارتن جي موجودگيءَ سبب انساني جانين کي نقصان پهچڻ جو انديشو پيدا ٿي پيو آهي.
رضوان احمد نشاندهي ڪئي ته زمين جهِنوڻ جي ڪري شهر جي مختلف علائقن ۾ موجود عمارتن جي ڍانچن ۾ ڏار اچي چڪا آهن. انهن عمارتن ۽ گھرن ۾ ماڻهو وڏي انگ ۾ ڪم ڪندا رهن ٿا يا رهائش پذير آهن. انهن ماڻهن وٽ ايترا وسيلا نه آهن جو اهي ٻين هنڌن تي منتقل ٿي سگھن ۽ جن عمارتن ۾ هو رهي رهيا آهن اهي هنن لاءِ تمام گھڻيون خطرناڪ ٿي چڪيون آهن.
زمين جي ويهجڻ وارو عمل شروع ٿيڻ کانپوءِ رهائشي مقصدن لاءِ استعمال هيٺ آندي ويندڙ زمين جي طلب تي به منفي اثر پيا آهن. اهي علائقا جيڪي زمين جي جهِنوڻ واري عمل جو شڪار ٿيا آهن انهن علائقن ۾ زمين جا اگھ ٻين جي مقابلي ۾ وڌيڪ گھٽجي ويا آهن.
سرياب روڊ واري علائقي ۾ زمينن جي خريداري ۽ وڪري وارو ڪاروبار ڪندڙ آصف بنگلزئيءَ جو چوڻ هو ته زمين ويهجڻ واري عمل سبب سرياب روڊ وارو علائقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. خطري هجڻ واري خوف سبب ماڻهو هاڻي هن علائقي ۾ گهر يا زمين خريد ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه ٿا ڏيکارين.
ساڳي ئي وقت اهڙا ماڻهو جيڪي متاثره علائقن ۾ قائم پنهنجا گھر ڇڏي ٻين جڳهن تي رهي سگھن ٿا اهي ڪافي وقت اڳ ئي شهر جي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي چڪا آهن.
ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي قائم گاهي خان چوڪ جي هڪ رهواسيءَ اقبال سليمان ٻڌايو ته سندن پاڙي ۾ هر هڪ عمارت ۽ گھر ۾ ڏار پئجي چڪا آهن. هو انهيءَ خوف ۾ رهي رهيا آهن ته سندن گھر ڪنهن به وقت زمين تي پٽ پئجي سگھن ٿا. اهڙن ڪيترن ئي سرنديءَ وارن جن وٽ جهجهو پيسو هيو ۽ اهي ٻين هنڌن تي رهي پئي سگھيا اهي ڪڏهن جو هتان وارا گھر ڇڏي محفوظ علائقن ڏانهن لڏي چڪا آهن.