پشاور: پٿر جي ڀرائيءَ واري 332 فوٽ اوچي ڀت وسيلي اڏجندڙ ڪرم تنگي ڊيم جو اڏاوتي ڪم 2013 کان رڪيل آهي. انهيءَ ڊيم ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻيءَ کي ڪئنالن واري نظام وسيلي وهائي 3 لک 25 هزار ايڪڙ زمين آباد ڪري سگھبي ۽ پنجن پاور هائوسز جي مدد سان 83 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگھبي.

ملڪ صدر خان سخت ڪاوڙ واري انداز ۾ پنهنجي ڏڪندڙ آڱر مٿي کڻي اهو عهد ڪيو ته هو ڪنهن کي به اها اجازت نه ڏيندو ته هو اهو ڊيم اڏي سگھي. ڪاوڙ ۽ جذبات سبب 75 سالن جي ڄمار وارو اهو قبائلي چڱو مڙس، جنهن کي عام طور تي ”صدرڪا حاجي“ به سڏيو ويندو آهي، صحيح طرح سان تقرير به نه پئي ڪري سگھيو. هن پشاور جي هڪ پارڪ ۾ احتجاج ڪندڙ قبائلين سان مخاطب ٿيندي اهو عهد ڪيو ته ”حڪومت کي به اهو ڊيم اڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين“.

اتر وزيرستان سان تعلق رکندڙ حاجي صدر توڙي ٻيا قبائلي حڪومت جي اتر وزيرستان ۾ ڪُرم تنگي ڊيم اڏڻ بابت فيصلي خلاف احتجاج ڪرڻ خاطر پشاور جي باغِ ناران ۾ ڪٺا ٿيا هئا. حاجي صدر خان جو تعلق اتر وزيرستان ايجنسيءَ جي قبيلي ”ڪابل خيل“ سان آهي ۽ جيڪا زمين ڊيم جي اڏاوت سبب متاثر ٿيندي ڪابل خيل قبيلو انهيءَ زمين جو مالڪ آهي. قبائلين جي احتجاج جي اڳواڻي ”ڪابل خيل“ قبيلي جي سربراهه ملڪ فريدالله خان وزير ڪئي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي حاجي صدر چيو ته ڊيم انهيءَ هنڌ تي اڏيو پيو وڃي جتي هنن جي ڪيترن ئي پيڙهين جي وڏن جا هڏا پوريل آهن. هو ڊيم اڏڻ جي اجازت ڪنهن به ريت نه ڏيندا.

”واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا)“ مطابق، ڪُرم تنگي ڊيم واري رٿا جي سائيٽ اتر وزيرستان ۾ وهندڙ ڪُرم نديءَ سان لڳو لڳ واقع آهي. جتي اهو ڊيم اڏيو ويندو اهو هنڌ ڪرم ڳڙهي هيڊورڪس جي مٿاهين پاسي 9 ميلن جي مفاصلي تي ۽ وفاق جي انتظام هيٺ رهندڙ قبائلي علائقي ۾ واقع آهي. بنون شهر کان ان جو مفاصلو 19 ميل اتر ۾ آهي.

جڏهن اهو ڊيم جڙي راس ٿيندو ته ان مان 83.4 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي. ڊيم جي ڪٿيل اوچائي 322 فوٽ هوندي جنهن ۾ مجموعي طور تي 1.20 ملين ايڪڙ فوٽ (ايم اي ايف) پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هوندي. ڊيم 10 هزار 939 ايڪڙن تي ڦهليل هوندو ۽ ان ۾ بجليءَ جي تياريءَ توڙي زرعي مقصدن خاطر پاڻي ذخيرو ڪري سگھبو. ڊيم ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻيءَ وسيلي اتر وزيرستان جي شيراتلا، سپيرا روغا، ٿل جي ميداني وادين ۽ ڪرڪ توڙي لڪي مروت ضلعن جي 84 هزار 380 ايڪڙ زمين آباد ڪري سگھبي.

ملڪ فريدالله ٻڌايو ته، اها رٿا 1936 کان تعطل هيٺ رهندي پئي اچي جڏهن سڀ کان پهريائين برطانوي راڄ واري حڪومت اتي ڊيم اڏڻ جو ارادو ڪيو ۽ تنهن وقت جي قبائلي چڱن مڙسن ان رٿا تي ڪم شروع ڪرڻ جي مزاحمت ڪئي هئي.

هن ٻڌايو ته انگريزن جي دور ۾ سندن وڏن ڊيم اڏڻ متعلق پنهنجي مخالفت جو اظهار ڪرڻ خاطر افغانستان ڏانهن پاڻمرادي جلاوطني اختيار ڪئي. اهڙي پسمنظر هوندي هاڻي هو حڪمرانن سان ڪيئن اتفاق ڪري سگھن ٿا ته اهي اچي سندن ابن ڏاڏن جي ڌرتيءَ تان کين بيدخل ڪن.

ڊسمبر 2016 ۾ حڪومت پاران جڏهن اهو اعلان ڪيو ويو ته وزيراعظم نوازشريف انهيءَ ڊيم اڏڻ واري ڪم جي پهرئين مرحلي جو جلد افتتاح ڪندو ته ان جي جواب ۾ قبائلي علائقن اندر احتجاج جي لهر ڦهلجي وئي. پاڪستان جي پاڻيءَ ۽ بجليءَ واري وزارت ۽ عالمي ترقيءَ بابت آمريڪا جي اداري يو ايس ايڊ وچ ۾ ٿيل ٺاهه مطابق يو ايس ايڊ ڊيم اڏڻ لاءِ 81 ملين ڊالر مهيا ڪندو.

اتر وزيرستان ايجنسيءَ جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪامران آفريديءَ جو چوڻ هو ته ڄاڻايل رٿا جي فزيبلٽي اڀياس، تفصيلي انجنيئرنگ ڊزائين ۽ ٽينڊر دستاويز ته ڪافي اڳ مارچ 2005 ۾ تيار ٿي چڪا هئا، پر جولاءِ 2007 ۾ رٿا کي نئين سِري سان ترتيب ڏنو ويو ۽ وڌيڪ پاڻي ذخيرو ڪرڻ خاطر ان جي اوچائي وڌيڪ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ڪامران آفريديءَ جو چوڻ هو ته، يو ايس ايڊ جي سهڪار سان واپڊا پاران ڊيم جي پهرئين مرحلي واري اڏاوتي ڪم لاءِ گھربل مالي وسيلن جو بندوبست ته پهريان ئي ڪري چڪي آهي، پر ڪامران آفريديءَ ڊيم جي اڏاوت خاطر واپڊا جي طريقه ڪار کي ”سستي ڀريل رويو“ قرار ڏيندي واپڊا مٿان تنقيد پڻ ڪئي آهي.

هن جو چوڻ هو ته هن رٿا کي مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان واپڊا وارن جو رويو عدم دلچسپيءَ وارو آهي ۽ ان حوالي کان سمورو ماحول جوڙي راس ڪرڻ واري ذميواري هو مقامي پوليٽيڪل انتطاميا مٿان وجهي رهيا آهن. واپڊا کي ٺوس ۽ موثر رٿابندي ڪندي اڳتي اچڻ گھرجي جنهن وسيلي قبائلي ماڻهن جا خدشا دور ڪري کين ڊيم جي اڏاوت تي راضي ڪجي پر ايئن ٿي ناهي رهيو.

هن جو چوڻ هو ته، اهو پهريون ڀيرو ناهي جو ڪرم تنگي ڊيم جي اڏاوت جي بنياد تي ڪابل خيل قبيلو ۽ مقامي انتطاميا هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿي بيٺا هجن. اهو معاملو مختلف وقتن تي ڪَر کڻندو رهيو آهي انهيءَ معاملي کي هميشهه لاءِ نبيرڻ واسطي هاڻي ان جو آخري۽ حتمي حل ئي ڪڍڻو پوندو. ڊيم جي اڏاوتي ڪم سبب ڪابل خيل قبيلي ۾ ڪاوڙ جي لهر ڦهليل آهي ۽ اتر وزيرستان پرڳڻي جي ٻين سمورن قبائلي چڱن مڙسن به سندن حمايت ڪندي هنن جي احتجاج ۾ سندن هٿ ونڊايو آهي.

اتر وزيرستان جي مداخيل قبيلي سان تعلق رکندڙ ”وزيرستان پوليٽيڪل الائنس“ نالي اتحاد جو اڳوڻو صدر ۽ قبائلي چڱو مڙس ملڪ غلام خان به انهن سرگرم ماڻهن مان هڪ آهي جيڪي ڊيم اڏجڻ جي مخالفت ڪري رهيا آهن.

قبائلي علائقن مان دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج جيڪا ڪارروائي ڪئي ان کي ”آپريشن ضرب عضب“ جو نالو ڏنو هيو، ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ملڪ غلام خان انهيءَ ڪارروائيءَ جي نالي کي پنهنجي راءِ جي حق ۾ استعمال ڪندي چيو ته ”ڊيم اڏي اسان مٿان ضرب واٽر مڙهي پئي وڃي يا ايئن کڻي چئجي ته اسان کي ”ضرب ٻوڏ“ ۾ لوڙهڻ جي تياري پئي ٿئي.

فوجي آپريشن خاطر اسان پنهنجي ماڻهن کان هي سمورو علائقو خالي ڪرايو هيو (اطلاع آهن ته هن علائقي مان هڪ ملين ماڻهن آپريشن جي ڪري لڏپلاڻ ڪئي هئي) ته جيئن هتي لڪي ويٺل تخريب ڪار پڌرا ٿي پون ۽ ملڪ جي بقا وارو ڪم مڪمل ٿي سگھي ۽ رياست کي هاڻي هتان ڪو به خطرو نه آهي ته پوءِ هاڻي ڇو اسان مٿان اهو جبر ڪيو پيو وڃي ته ڊيم جي اڏاوت جي ڪري اسان پنهنجون صندوقون ۽ ٿيلها کڻي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجا اباڻا علائقا خالي ڪري وڃئون“.

هڪ ٻئي قبائلي چڱي مڙس عبدالخليل جو چوڻ هو ته، ڊيم جي اڏاوت خاطر حڪومت جيڪڏهن طاقت کي استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته پوءِ قبائلي به پنهنجي طرف کان آخري حد تائين هليا ويندا، اختيار ڌڻين کي پهريان هتي اچي ڪابل خيل قبيلي سان معاهدو ڪرڻ گھرجي. جيڪڏهن اهي ڊيم جي اڏاوت تي راضي ٿين ٿا ته پوءِ کين به ڪو اعتراض نه رهندو.

اتر وزيرستان سان تعلق رکندڙ شاگرد يونين جي هڪ اڳواڻ علاءُ الدين خان چيو ته، قبائلي چڱن مڙسن جي اڳواڻيءَ هيٺ ڊيم خلاف جتي به احتجاج ٿيو هو ان ۾ شريڪ ٿيندا. هن يو ايس ايڊ مٿان ڇوهه ڇنڊيندي چيو ته اهو ادارو رٿا لاءِ مالي وسيلا ته مهيا ڪري رهيو آهي پر انهن پاران به قبائلي ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪا ضرورت محسوس نه ڪئي وئي. ايڏي وڏي سطح ۽ اثر انداز ٿيڻ واري رٿا کي مقامي ماڻهن جي سهڪار کانسواءِ اڏي ئي نه ٿو سگھجي جيتري قدر کيس ڄاڻ آهي ته کين ڪنهن به ڌر پاران اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو.

اتر وزيرستان جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪامران آفريديءَ ٻڌايو ته، ڊيم اڏجڻ جي نتيجي ۾ قبائلي ماڻهن کي ڪو به نقصان نه ٿيندو ڇو ته ڊيم گھڻي ڀاڱي وزيرستان جي پهاڙن ۾ اڏجندو ان جي ڀيٽ ۾ تمام ٿوري زمين ان جي ور چڙهندي، پر هتان جي نوجوانن کي خدشو آهي ته زمينون سندن هٿ مان نڪري وينديون ۽ تربيلا ڊيم واري علائقي جي ماڻهن وانگر هنن کي به پنهنجي اباڻن علائقن مان بيدخل ٿيڻو پوندو.

علاءُ الدين واضح ڪيو ته جيڪي ماڻهو تربيلا ڊيم جي اڏاوت سبب دربدر ٿيا انهن ئي کين محتاط ٿيڻ جو مشورو ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته حڪومت کي ڊيم جي اڏاوت وارو ڪم شروع ڪرڻ نه ڏنو وڃي. هن اهو پڻ چيو ته، حڪومت لاءِ جيڪڏهن ممڪن آهي ته پهريان تڪراري بڻجي ويل ڪالاباغ ڊيم اڏي.

قبائلين جي راءِ هئي ته، ڊيم واري رٿا جو فائدو لڪي مروت ۽ ڪَرڪ ضلعن کي ٿيندو جڏهن ته اباڻي زمين ۽ وسيلا وري ڪابل خيل قبيلي کان کسيا پيا وڃن. ملڪ فريدالله چٽو موقف اختيار ڪندي چيو ته پنهنجي پاڙيسرين جا گھر آباد ڪرڻ لاءِ هو پنهنجا گھر برباد نه ٿا ڪري سگھن. هن اها معلومات به ڏني ته ڊيم اڏجڻ جي نتيجي ۾  بنون شهر جي ڪجهه حصن کي به نقصان رسندو.

ڪرم تنگي ڊيم جي اڏاوت وارو ڪم ڪيترن ئي وقتن تي معطليءَ جو شڪار ٿيندو آيو آهي. قبائلين ٻڌايو ته، انهيءَ رٿا تي اڳڀرائيءَ واري ڪم کي ڪجهه سياستدان پنهنجي سياسي مفادن خاطر هٿي وٺرائيندا رهن ٿا.

شيوا واري علائقي جي هڪ روحاني هستيءَ شيوا فقير جي پوٽي عبدالقادر ٻڌايو ته اڳوڻي وزير نويد قمر هڪ دفعو سينيٽ جي ايوان کي ڄاڻ ڏني هئي ته ڊيم جي اڏاوت جو ڪم اهڙن وقتن ۾ به پوري زور شور سان ٿيندو رهيو آهي جڏهن ڪم کي شروع ڪرڻ جو افتتاح به نه ٿيو هيو.

ڊيم جي اڏاوتي ڪم ۾ ٿيندڙ دير بابت پوليٽيڪل ايجنٽ ڪامران آفريديءَ راءِ ڏني آهي ته، انهيءَ ديرجا ذميوار مختلف عنصر آهن. هڪ ته فنڊن جي اڻهوند آهي، ٻيو ماهرانه صلاحيتن جو نه هجڻ ۽ حڪومت جي پاسي کان سنجيدگي نه ڏيکارڻ اهي عنصر آهن جن جي ڪري رٿا کي مڪمل ڪرڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.

هن ٻڌايو آهي ته، پاڪستان وٽ هاڻي انجنيئر به آهن ته ايف ڊبليو او (پاڪستاني فوج جي انتطام هيٺ اڏاوتن ۽ تعميراتي ڪم ڪرڻ وارو ادارو فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن) به آهي ۽ ڪڏهن ته آخر رٿا جي اهميت کي به سمجهيو ويندو.

ان هوندي به، ڪامران آفريديءَ انهن هنڌن جي نشاندهي ڪنهن به ريت نه ڪئي جتي ڊيم جو اڏاوتي ڪم عمل ۾ آندو ويندو ۽ مقامي قبائلين کي ڪهڙيءَ ريت رٿا خاطر راضي ڪيو ويندو انهن حڪمت عمليءَ جا تفصيل به هن آخر تائين ظاهر نه ڪيا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here