بنون: آچر جو ڏهاڙو ٿي سگھي ٿو ته ٻين هنڌن تي تفريح جو ڏهاڙو هجي پر اتر وزيرستان ۾ آچر جو مستقل مطلب اهو آهي ته معمول واريون سرگرميون رڪيل ۽ گھر ۾ بند ٿي ويهڻو پوندو آهي. 2006 کان وٺي هن قبائلي ضلعي جا ماڻهو انهيءَ انتطار ۾ آهن ته هو اهڙو آچر به پسي سگھن جيڪو ڪرفيوءَ کان آجو هجي.

هر آچر کان علاوه انهيءَ ڏهاڙي خاص طور تي علائقي کي ڪرفيو هيٺ رکيو ويندو آهي جڏهن علائقي ۾ ڪا وي آءِ پي چرپر ٿيڻي هوندي آهي ۽ اهڙي چُرِپر 2014 ۾ دهشتگردن کي قبائلي علائقي مان تڙي ڪڍڻ لاءِ افغانستان سان لڳندڙ سرحدي علائقن ۾ فوجي ڪارروائي آپريشن ضرب عضب شروع ٿيڻ کانپوءِ تسلسل سان ٿيندي رهي ٿي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي قبائلي چڱي مڙس مدد خان داوڙ ٻڌايو ته اهي به وقت هئا جڏهن قبائلي ماڻهو اهڙي قسم جي پابنديءَ کان آجا هوندا هئا ۽ انهن جو واسطو ڪرفيوءَ جهڙي لفظ سان نه پيو هو، حڪومتي ڪارندا آفيسن تائين محدود هوندا هئا ۽ قبائلي آزاديءَ سان گھمي ڦري سگھندا هئا پر هاڻي صورتحال ان جي بلڪل ابتڙ ٿي بيٺي آهي کين هاڻي ڪرفيوءَ ۽ حڪومت پاران وقت بوقت جاري ٿيندڙ حڪمن جي سختيءَ سان پابندي ڪرڻي پوي ٿي.

95 سالن جي مدد خان داوڙ جوانيءَ جي ڳالهين کي ساريندي ٻڌايو ته جڏهن هي ضلعو انگريزن جي راڄ جو حصو بڻيل هيو ته انگريزن به هتي ڪرفيو نافذ نه ڪيو ايتري تائين جو آزاديءَ جي جنگ وڙهندڙ غازي انگريز فوج مٿان حملا ڪندا رهندا هئا. کيس ياد نه آهي ته هنن ڪڏهن اهو چيو هجي ته گھرن کان ٻاهر نه نڪرون.

خالي اکين سان پولار ۾ نهاريندي مدد خان داوڙ وڌيڪ ٻڌايو ته ڪرفيوءَ جو لفظ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو هن پنج سال پهريان ٻڌو.

قبائلي ماڻهن لاءِ ڪرفيو نئون منطق هيو ۽ اهو ڪهڙيءَ ريت لاڳو ٿيندو آهي هو ان ڳالهه کان بنهه ناواقف هيا. مقامي ماڻهن ٻڌايو ته، اهو ئي سبب هيو جو غلط فهميءَ جي بنياد تي ڪيترائي ڀيرا قبائلي ماڻهن کي گولين جو نشانو بڻائي موت جي وَرِ پڻ چاڙهيو ويو.

اتر وزيرستان جي ڳوٺ کڊئيءَ جي رهواسي حاجي اڪبر خان ٻڌايو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ شخص سڄو ڏهاڙو گھر ۾ بند ٿي ويٺل هجي؟. حاجي اڪبر وڌيڪ چيو ته کين پنهنجي زمينن ڏانهن وڃڻو هوندو آهي. هو هر روز پرهه ڦٽيءَ مهل زمينن ڏانهن نڪري ويندو آهي ۽ ڪوشش ڪندو آهي ته ڪرفيوءَ دوران ميرعاليءَ ۽ ميرانشاهه کي ڳنڍيندڙ مک روڊ نه ٽپي.

هن اهو پڻ چيو ته، ڪرفيوءَ واري ڏهاڙي هو ڄاڻي واڻي دير ڪري رات جي وڳڙي ۾ گھر واپس ايندو آهي، هڪ ڀيري روڊ تان گذرندڙ فوجي قافلي کيس روڪي ورتو هيو. اهڙي صورتحال جي ڪري ڪو غلط قدم کڻڻ کان بچڻ خاطر ڪڏهن ڪڏهن هو رات زمينن ويجهو آباد پنهنجي مائٽن وٽ ترسي پوندو آهي.

اتر وزيرستان، جتي فوج گذريل ڏهاڪو سالن کان خطرناڪ ويڙهه سان مهاڏو اٽڪايو پئي اچي، انهيءَ پرڳڻي اندر 2005 ۽ 2006 دوران ويڙهه واري صورتحال ۾ تمام گھڻي تيزي آئي هئي. سيڪيورٽي فورسز مٿان اڻ ڳڻيا بمن ۽ ڌماڪيدار مادي وارا حملا ٿيڻ کانپوءِ انتظاميا قبائلي ضلعي جي سمورن مکيه روڊن تي ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

هڪڙو وقت هيو جو جنهن ڏهاڙي فوجي قافلن کي هڪ هنڌ کان ٻئي ڏانهن چر پر ڪرڻي هوندي هئي ته مقامي پوليٽيڪل انتظاميا ايف ايم ريڊيو ۽ گاڏين مٿان لائوڊ اسپيڪر رکي اهي اعلان ڪرائيندي هئي ته علائقي ۾ ڪرفيو لاڳو رهندو. قبائلي ماڻهن ٻڌايو ته، فوجي قافلن جي مستقل اچ وڃ سبب هن علائقي ۾ اڪثر ڪري ڪرفيو لاڳو رهندو هيو.

قبائلي چڱن مڙسن پاران هڪ جرڳي وسيلي پاڪ فوج جي اعليٰ عملدارن سان گڏجاڻي ڪري اهڙيءَ صورتحال ۾ ڪجهه نرمي ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪرڻ کانپوءِ اهو فيصلو ٿيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جا قافلا هاڻي صرف آچر واري ڏهاڙي ئي چر پر ڪندا ته جيئن حملي ٿيڻ جي صورت ۾ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهيءَ کان بچي سگھجي.

انهيءَ جرڳي ۾ شامل هڪ قبائلي چڱي مڙس معلومات جي حساسيت سبب پنهنجو نالو راز ۾ رکندي ٻڌايو ته ڪيترا ئي ڀيرا ڪيل درخواستن ۽ گھڻين گڏجاڻين کانپوءِ ئي فوج پاران ڪرفيوءَ جي ضابطن ۾ نرمي ڪرڻ بابت رضامندي ڏيکاريندي صرف هڪڙي ڏهاڙي تي ڪرفيو هڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ان باوجود قبائلي ماڻهن لاءِ صرف هڪ ڏهاڙي وارو ڪرفيو به پريشانيءَ جو سبب بڻجي رهيو آهي ۽ اهڙي پابنديءَ کي هو سانحي کان گھٽ نه ٿا سمجهن. اهڙي پابنديءَ سبب ڪيترا ئي بيمار ماڻهو مرندا رهن ٿا ڇو ته ڪرفيوءَ سبب مريضن کي اسپتالن ڏانهن به پهچائي ناهن سگھندا.

اتر وزيرستان ضلعي جي اسپن وَم تعلقي جي هڪ رهواسيءَ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته سندس سالي به اهڙي صورتحال سبب فوت ٿي وئي ڇو ته هوءَ ڳورهاري هئي ۽ ڪرفيوءَ واري ڏهاڙي هن کي ٻار پيدا ٿيڻ جون علامتون ظاهر ٿيون پر هو کيس اسپتال پهچائي نه سگھيا ان ڪري هوءَ علاج نه ملڻ سبب فوت ٿي وئي.

انهيءَ قبائلي شخص، جنهن جي تحفظ خاطر اسان سندس نالو راز ۾ رکي رهيا آهيون، ٻڌايو ته هنن فوج کي درخواست ڪئي ته ڪرفيوءَ ۾ نرمي ڪندي کين چيڪ پوسٽن وٽان گذرڻ ڏنو وڃي پر هنن اهڙي اجازت نه ڏني. انهيءَ ڏينهن جي منجهند واري پهر ۾ سندس سالي آخرڪار ٻار جي منجهيل پيدائش ٿيڻ ۽ گھربل علاج بروقت نه سبب فوت ٿي وئي.

مقامي ماڻهن پاران ڏنل معلومات مطابق، اهڙا  به واقعا ٿيندا رهيا آهن جن دوران فوجي آپريشن سبب بي گھر ٿيل ماڻهن کي فوت ٿي ويندڙ گھرڀاتين کي سندن اباڻن علائقن ۾ دفن ڪرڻ جي اجازت به ناهي ڏني ويندي. اهڙن ماڻهن کي بنونءَ ۾ روڪيو ويندو آهي. اهو شهر اتر وزيرستان جي ويجهڙائيءَ ۾ واقع آهي جتي قبائلي علائقي مان لڏي ويلن جي هڪ وڏي اڪثريت پناهه ورتي آهي ۽ جڏهن به سندس ڪو عزيز فوت ٿيندو آهي ته ان کي اباڻي ڳوٺ ۾ دفن ڪرڻ لاءِ 24 ڪلاڪن جو طويل انتظار ڪرڻو پوندو آهي ته جيئن ڪرفيو جو وقت پورو ٿئي.

هڪ قبائلي شخص محمد اعجاز خان جو چوڻ هو ته سندس چاچو پشاور ۾ فوت ٿيو، هنن ان جي مڙهه کي اتر وزيرستان ۾ واقع اباڻي ڳوٺ آڻي سندس تدفين اتي ڪرڻ جو ارادو ڪيو پر هو جڏهن بنون پهتا ته کين 24 ڪلاڪ انتطار ڪرڻ لاءِ چيو ويو جيستائين ڪرفيوءَ جو وقت پورو ٿئي.

جڏهن ته سرڪاري عملدارن کي ڪرفيو لاڳو ڪرڻ واري ڊيوٽي ان ڪري به سرانجام ڏيڻي پوي ٿي ڇو ته 2005 ۽ 2006 ۾ سيڪيورٽي فورسز جو گهڻو جاني نقصان ٿيندو رهيو آهي ان ڪري فورسز جي اهلڪارن کي جاني نقصان کان بچائڻ لاءِ اهو انتهائي ضروري آهي ته ڪرفيو لاڳو ڪيو وڃي.

هڪ سرڪاري عملدار، ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو اختيار حاصل نه هجڻ جي ڪري سندس نالو راز ۾ رکڻ جي شرط آڌار ٻڌايو ته هو انهن تڪليفن ۽ اهنجن جي ڄاڻ رکن ٿا جيڪي مقامي ماڻهن کي سهڻيون پون ٿيون پر ڇا ڪجي انهيءَ طريقي تي عمل ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪو چارو به ته نه آهي.

اتر وزيرستان جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪامران آفريديءَ چيو ته ڪرفيوءَ جو وقت گھٽائڻ به وڏي وِٿ آهي. هن جو چوڻ هو ته، آهستي آهستي شيون معمول تي اچڻ لڳنديون آهن پر ان سطح تي پهچڻ ۾ وقت لڳي ويندو آهي. ”آپريشن ضرب عضب شروع ٿيڻ کانپوءِ هو هاڻي جاني نقصان برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. جڏهن ته جيڪي ويڙهاڪ انهن علائقن ۾ لڪيل آهن اهي انهيءَ تاڙ ۾ آهن ته کين اهڙو ڪو موقعو ملي جنهن وسيلي هو امن کي تباهه ڪري وٺن.

ڪامران آفريديءَ جو چوڻ هو ته سول انتظاميا ۽ سيڪيورٽي فورسز انهن مشڪلاتن کان چڱيءَ ريت آگاهه آهن جيڪي ڪرفيوءَ سبب قبائلي ماڻهن کي سهڻيون پون ٿيون پر هن پرڳڻي لاءِ اهو انتهائي ضروري آهي ته هتي پائيدار امن بحال ڪري وٺجي.

ميران شاهه جي رهواسي هڪ قبائلي شخص سواليه انداز اختيار ڪندي چيو ته سندن لاءِ اها ڳالهه سڀ کان اهم آهي ته هن خطي کي دهشتگردن کان خالي ڪرايو ويو آهي جڏهن ته ان باوجود اتي ڪرفيو ڇو لڳايو وڃي ٿو؟“.

هن اهو پڻ چيو ته جيڪڏهن دهشتگردن کي اتر وزيرستان ضلعي جي حدن مان ڌڪي ٻاهر ڪيو ويو آهي ته پوءِ حڪومت سندن زندگيءَ کي اڃان به ڇو ڏکيو بڻائي رهي آهي؟.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here