پشاور (اسد خان وٽان) پاڪستان مان افعان پناهه گيرن کي ملڪ بدر ڪرڻ يا هنن پاران پاڻمرادو واپس پنهنجي وطن ورڻ وارو سلسلو شروع ٿيڻ جي ڪري افغانين کي نه صرف پنهنجون ملڪيتون ۽ ڪاوربار ڀڳڙن مُٺ تي وڪڻڻو پئجي رهيو آهي پر کين پاڪستاني شهريت واريون زالون پڻ ڇڏڻيون پئجي رهيون آهن.

اهڙي صورتحال سبب اهي پاڪستاني عورتون جن جي شادي افعان مردن سان ٿيل آهي اهي پڻ ان ٻڏتر واري صورتحال ۾ ڦاسي پيون آهن ته هو خيبرپختونخواه يا قبائلي علائقن ۾ رهندڙ پنهنجي اباڻن خاندانن کان ڌار ٿي هڪ نئين ملڪ وڃڻ نه ٿيون چاهين.

40 سالن جي بانو گل نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته سندس سڄو خاندان هتي آهي ۽ هو ڪڏهن افغانستان ناهي وئي. سندس مڙس وٽ افعانستان ۾ ڪرڻ لاءِ ڪو به ڪم نه آهي. هو جيڪڏهن اوڏانهن لڏي به وڃن ته سندن گذارو ڪيئن ٿيندو؟.

گل بانوءَ جو تعلق چارسده جي ڪولاڌر واري علائقي جي هڪ غريب گھراڻي سان آهي. 1980 ۾ افغانستان تي سويت يونين جي حملي کانپوءِ پهرين لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ جيڪي افغاني خاندان پاڪستان پهتا هئا انهن مان هڪ خاندان 35 سال اچي اتي آباد ٿيو هو، ان خاندان جي هڪ مرد سان گل بانوءَ جي شادي ڪرائي وئي هئي. هاڻي کيس ٽن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي.

گل بانوءَ جو چوڻ هو ته هن ڪڏهن سوچيو به نه هيو ته اهڙو وقت به ايندو جڏهن سندس مڙس کيس هي گھر ڇڏي افغانستان هلڻ لاءِ چوندو. هنن جا ٻار علائقي جي سرڪاري اسڪول ۾ تعليم پرائي رهيا آهن ۽ هن جو مڙس چارسده بازار ۾ جوتن جو دڪان هلائيندو آهي. گل بانوءَ جو چوڻ هو ته هتي سندن زندگي خوشيءَ سان گذري رهي آهي.

گڏيل قومن جي پناهه گيرن بابت اداري يو اين ايڇ سي آر مطابق پاڪستان ۾ 1.5 ملين رجسٽرڊ افغان پناهه گير موجود آهن، ان تناسب سان پاڪستان اهو ملڪ آهي جيڪو يو اين ايڇ سي آر جي انتظام هيٺ دنيا جي سڀ کان گھڻن 10.5 سيڪڙو پناهه گيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي.

يو اين ايڇ سي آر جو چوڻ آهي ته، ملڪ جي اولهائين سرحد ڀرسان واقع صوبن ۽ قبائلي علائقن ۾ آباد پناهه گيرن جي اڪثريت جو تعلق نسلي اعتبار کان 85 سيڪڙو پشتون قوميت سان آهي، جڏهن ته ٻين قوميتن جا ننڍا ننڍا گروهه به پناهه گيرن ۾ شامل آهن، جن ۾ ترڪماني، هزاره، تاجڪ ۽ ازبڪ شامل آهن.

خيبرپختونخواه صوبي جي گھرو ۽ قبائلي معاملن واري کاتي مطابق، 10 لک افغان پناهه گير رجسٽريشن کانسواءِ خيبرپختونخواه ۽ فاٽا ۾ ترسيل آهن. صوبائي کاتي جي هڪ عملدار، جنهن پنهنجو نالو ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو اختيار حاصل نه هجڻ سبب راز ۾ رکيو، ٻڌايو ته افعان پناهه گيرن پاران عام طور تي تمام گھڻو وقت پاڪستان ۽ خاص ڪري خيبرپختونخواه ۾ گذارڻ جي ڪري هنن جا خانداني لاڳاپا مقامي ماڻهن سان قائم ٿي ويا آهن، جنهن ڪري هنن جو رتبو هاڻي پناهه گير وارو ناهي رهيو.

انهيءَ عملدار اهو پڻ ٻڌايو ته، سرحدن جي ٻنهي پاسن کان آباد پشتون نسل جي پاڪستانين ۽ افغانين وچ ۾ خاص ڪري هڪٻئي مان شاديون ڪرڻ جي شرح گھڻي وڌي وئي آهي.

سرڪاري ڪاموري جو چوڻ هو ته، اهڙي نوعيت جون شاديون خيبرپختونخواه جي مردان، چارسده، پشاور، نوشهره، صوابي، اپردير، لوئر دير ضلعن ۽ فاٽا جي ڪجهه حصن ۾ گھڻي تعداد ۾ ٿيڻ جا اطلاع ملندا رهيا آهن.

وفاقي حڪومت رجسٽرڊ افغان پناهه گيرن جي قانوني انداز سان پاڪستان ۾ رهي پوڻ واري مدي ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌارو ڪري چڪي آهي. جڏهن ته جون 2016 ۾ وفاقي حڪومت پاران پڌرو ڪيو ويو ته رجسٽرڊ افغان پناهه گير هاڻي صرف 6 مهينن تائين پاڪستان ۾ رهي سگھن ٿا، کين سال 2016 جي آخر تائين واپس پنهنجي ملڪ وڃڻو پوندو ۽ ان مدي ۾ واڌ نه ڪئي ويندي.

خيبرپختونخواه حڪومت جي گھرو ۽ قبائلي معاملن واري کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته، پاڪستاني شهريت جي ايڪٽ 1951 مطابق افغان پناهه گيرن کي پاڪستاني شهريت نه ٿي ڏئي سگھجي ڀلي اهي پاڪستان ۾ ڇو نه ڄاوا هجن. عملدارن جو چوڻ آهي ته، اهي پاڪستاني عورتون جن افغاني مردن سان شاديون ڪيون آهن اهي ويزا واري عمل مان گذري پنهنجن مڙسن سان گڏ افغانستان وڃي سگھن ٿيون. جيڪڏهن سندن مڙس هتي رهڻ جا خواهشمند آهن ته پوءِ کين پهريان واپس پنهنجي ملڪ وڃڻو پوندو ۽ بعد ۾ ويزا وٺي هو هتي غيرملڪين لاءِ رائج قانونن مطابق رهي سگھن ٿا.

رضا هارون اُسامي نالي هڪ افغانيءَ سان شادي ڪندڙ نزاڪت بيبيءَ ٻڌايو ته، 30 سال اڳ هن جو مڙس هتي پاڪستان ۾ ڄائو جڏهن هن جا وڏا پشاور لڏي آيا هئا. سندس مڙس ۽ هن جي خاندان جي ٻين ڀاتين هتي پنهنجو ڪاروبار ڄمائي ورتو آهي ۽ ملڪيتون پڻ اٿن.

ٽن ٻارن جي ماءُ نزاڪت بيبيءَ جو چوڻ هو ته، هو پاڪستان ڇڏڻ نه ٿي چاهي. هن جڏهن هي شهر ڇڏي افغانستان وڃڻ بابت پنهنجي مڙس جي خيال جي مزاحمت ڪئي ته هن کيس چيو ته هو هن کي هتي ڇڏي ۽ پٽن کي ساڻ وٺي ويندو، پر هو پنهنجي ٻارن کانسواءِ اڪيلي رهي نه ٿي سگھي ان ڪري کيس به افغانستان وڃڻو پوندو.

هن مهيني جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ گھرو معاملن واري وفاقي وزير چوڌري نثار عليءَ چيو هو ته، افعاني مردن جا اهي ٻار جيڪي کين پاڪستاني شهريت وارين زالن مان ٿيا آهن انهن کي به پاڪستاني شهري تصور نه ڪيو ويندو ۽ انهن ٻارن سان به ٻين افغانين جهڙو ئي سلوڪ ڪيو ويندو.

پشاور سان تعلق رکندڙ قانوني معاملن جي سينئر ماهر ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ بار جي ميمبر آمنه رفيق جو چوڻ هو ته، يو اين ايڇ سي آر جي ”اسٽريٽجي فار افغان رفيوجيز (ايس ايس اي آر)“ مطابق گھرو کاتي پاران افعانين کي واپس سندن ملڪ اماڻڻ ۽ سندن انتظام ڪرڻ متعلق جيڪا پاليسي جوڙي وئي آهي انهيءَ موجب انهن افعانين کي پاڪستاني شهريت نه ڏني ويندي جن پاڪستاني عورتن سان شادي ڪئي آهي.

آمنه رفيق جو چوڻ هو ته، اهڙا ڪيس تمام گھڻا آهن جن مطابق پاڪستاني عورتون پنهنجي افغاني مڙسن سان گڏجي سندن ملڪ افغانستان وڃڻ نه ٿيون چاهين.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here