اسلام آباد (رحمت محسود وٽان) انساني حقن جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين پاران ڏنل فتوا ۽ سماج ۾ وڌندڙ اڻ سهپ جي نتيجي ۾ عورتن خلاف تشدد ۾ واڌارو آيو آهي. ياد رهي ته گذريل مهيني اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران هڪ بل تجويز ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مزاحمت ڪندڙ زالن کي مڙسن طرفان هلڪي مار ڪٽ اسلام ۾ جائز آهي.

واضح رهي ته ڪجهه وزيرن ۽ سينيٽرن پاران عورتن جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ بجاءِ سندن خلاف غيرمهذب زبان استعمال ڪئي پئي وڃي، جنهنجو تازو مثال 8 جون تي قومي اسيمبليءَ ۾ ان وقت سامهون آيو جڏهن بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف، پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ڊاڪٽر شيرين مزاري کي ٽريڪٽر ٽرالي ڪوٺيو.

انساني حقن جي اڳواڻ ۽ قائد اعظم يونيورسٽيءَ ۾ جينڊر اسٽڊيز شعبي جي ڊائريڪٽر فرزانه باري چيو ته سي سي آئي جي چيئرمين اهڙو اعلان ڪري سماج کي هڪ سنيهو ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ تشدد ۾ واڌ آئي آهي.
”پاڪستان ۾ عورتن خلاف تشدد، حقيقتون ۽ تبديليءَ جا طريقا“ جي عنوان هيٺ ظهيرالدين بابر جي لکيل ٿيسز موجب پاڪستان ۾ عورتون هڪ اهڙي دنيا ۾ رهن ٿيون جيڪا مذهب، خانداني ۽ قبيلائي رسمن جي ضابطي ۾ هجي ٿي، جنهن ۾ ساڻن متڀيد ۽ تشدد روز جو معمول هجي ٿو.

ياد رهي ته جميعت علماء اسلام (فضل) جي سينيٽر حمدالله هڪ ٽي وي شو دوران عورت تجزيه نگار ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن ماروي سرمد خلاف غليظ زبان استعمال ڪئي. عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم عورت فائونڊيشن جي رپورٽ موجب 2014 ۾ عورتن خلاف تشدد ۾ واڌارو ٿيو آهي.

فرزانه باريءَ موجب ته اسلام جي نالي تي عورتن مٿان تشدد ۽ مردن جي مٿانهين شان واري سوچ کي موجوده حالتن ڄڻ ته هڪ حمايت ملي وئي آهي ۽ عورتن خلاف ڄڻ ته هڪ ماحول پيدا ڪيو ويو آهي ۽ سي سي آئي جي اهڙي عمل سان عورتن ۾ عدم تحفظ وڌي رهيو آهي. ڊاڪٽر باري چيو ته پوليس ۽ عدالتي نظام درست ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ انهن ادارن ۾ عورتن جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي ته اهي عورتن جي حقن جو تحفظ ڪري سگهن.

هوڏانهن انساني حقن جي ڪميشن پاڪستان پاران سي سي آئي جي تجويزن جي مذمت ڪندي ان کي عورتن خلاف تشدد جو سڏ قرار ڏنو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته حقن جو احترام ڪندڙ هر شخص کي اهڙي عمل جي مذمت ڪرڻ گهرجي.

استاد ۽ ٻن ٻارن جي ماءُ ميمونه قاسم جو چوڻ هو ته پاڪستاني سماج عورت جو سماج ۾ ڪردار قبولڻ لاءِ تيار ناهي. جيڪڏهن ڪنهن جي ڌي يا ڀيڻ استاد، ڊاڪٽر، پروفيسر يا صحافي آهي ته اها هن سماج ۾ ڄڻ ته ان لاءِ شرم جوڳي ڳالهه هجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته سي سي آئي جي اهڙي تجويز سماج تي گهڻا اثر ڇڏيا آهن، ان لاءِ کين شهرين سان واڳيل معاملن تي بغير ڪنهن صنف ۽ نسل جي فتوا جاري ڪريڻ گهرجي.

عورت فائونڊيشن جي رپورٽ موجب 2014 جي ڀيٽ ۾ عورتن خلاف تشدد 28.2 سيڪڙو کان وڌي 10070 تائين ڪيس رپورٽ ٿيا. جڏهن ته روزانو 4 عورتون، ڇوڪريون قتل، 2 ڪارنهن الزام هيٺ قتل، 6 اغوا، 4 لڄالٽ جو شڪار ۽ ٽن زندگين جو انت آندو.

انصاف نيٽ ورڪ پاڪستان جي ڪميونيڪيشن آفيسر محمد شاهد جو چوڻ هو ته مذهب جي غلط تشريح ڪندڙ انهن ملن جي ڪري ئي اسانجي سماج ۾ صنفي برابري ناهي اچي سگهي جڏهن ته سندن اهڙا بيان عورتن خلاف تشدد کي هٿي ڏين ٿا. شاهد جو چوڻ هو ته عورتن جي تحفظ ۽ عزت بابت نصاب ۾ مواد شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن عورتن خلاف تشدد ۾ گهٽتائي اچي سگهي.

ايڇ آر سي پي جي جوائنٽ ڊائريڪٽر نجم الدين، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته سي سي آئي پاران اهڙو بيان وڏي بدقسمتي آهي پر ان کي پاڪستان ۾ وڌندڙ تشدد جو ذميوار قرار نٿو ڏئي سگهجي ڇاڪاڻ ته هتي عورتن خلاف تشدد ۽ اڻ سهپ اڳ ۾ ئي موجود آهي.

انساني حقن واري وزارت جي صلاحڪار وڪيل شرافت عليءَ جو چوڻ هو ته عورتن جي حقن جي لتاڙ ٿي رهي آهي. جڏهن ته آئين جي شق 35 خاندان، ماءُ ۽ ٻارن جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿي. حڪومت کي عورتن جي تحفظ لاءِ موثر قدم کڻڻ گهرجن.

”تڪڙا قبائلي خويندي“ ( قبائلي بهادر ڀيڻون) نالي عورتن جي تنظيم جي اڳواڻ شاهده شاه جو چوڻ هو ته عورتن مٿان زباني ۽ جسماني چوٽ چڙهيل آهي. هن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته حڪومت عورتن جي تحفظ لاءِ جوڙيل قانونن تي عمل ڪرائڻ ۾ سنجيده ناهي ڇاڪاڻ ته اها ٻين معاملن ۾ رڌل نظر اچي ٿي. جڏهن ته مردن جي معاشري ۾ ڪم ڪندي عورتون پاڻ کي محفوظ نه ٿيون سمجهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here