پشاور (سلمان يوسفزئيءَ وٽان) ڪلوز سرڪٽ ٽي وي ڪيمرائن وسيلي خيبرپختونخواه صوبي جي گاديءَ واري شهر پشاور کي دهشتگرديءَ جي خطري کان محفوظ بنائڻ وارو پرجوش منصوبو اڌ رستي ۾ ئي مشڪلاتن جي وَرِ چڙهي چڪو آهي. صوبائي اختيارين پاران ڪم جي شروعات ڪرائڻ بعد 2013 کانپوءِ ان منصوبي تي هڪ قدم به اڳتي ناهي وڌايو ويو.
خيبرپختونخواه پوليس جي آءِ جي ناصر درانيءَ موجب، پشاور سيف سٽي پروجيڪٽ تحت شهر اندر 2 هزار ڪلوز سرڪٽ ٽي وي ڪيمرا لڳائي رستن ۽ عمارتن ٻاهران ٿيندڙ چرپر تي نظر رکي دهشتگرديءَ کي روڪڻ جو تصور پيش ڪيو ويو هيو. منصوبي تحت سي سي ٽي وي ڪيمرائن کي فورجي نيٽ ورڪ جي مدد سان 5 سئو ڪلوميٽر ڊگهي فائبر آپٽڪ تارن وسيلي بم پروف ڪمانڊ سينٽر سان ڳنڍڻو هيو. منصوبي تحت پوليس کي اهڙو جديد ڪمپيوٽرائيزڊ نظام به مهيا ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو هيو جنهن ۾ لڳل سافٽ ويئر وسيلي چهرن ۽ گاڏين جي تڪڙي سڃاڻپ ڪرڻ به شامل هو.
خيبرپختونخواه جي آءِ جي پوليس ناصر درانيءَ جو چوڻ آهي ته ”دهشتگرديءَ جي حوالي سان پوليس جي ڪم کي موثر ڪرڻ جي سلسلي ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي حيثيت انتهائي اهم آهي. جديد اوزار سي سي ٽي وي ڪيمرائون، جيمرز، ڌماڪيدار مادي جي نشاندهي ڪرڻ وارا ڊٽيڪٽرز ۽ اسڪينرز قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڏوهن ۽ ڏوهارين جي تڪڙي توڙي موثر نشاندهي ۽ انهن کي روڪڻ جي سهولت مهيا ڪن ٿا“.
نيوز لينز پاڪستان وٽ موجود هڪ دستاويز مطابق، اهو منصوبو پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ تيار ڪيو ويو، جنهن لاءِ مالي وسيلا صوبائي حڪومت کي مهيا ڪرڻا هيا جڏهن ته گھرو ۽ قبائلي علائقن جي معاملن وارو صوبائي کاتو ان کي مڪمل ڪرڻ جو ذميوار هيو. منصوبي خاطر صوبائي حڪومت پاران مالي سال 2013-14 دوران 1.5 ارب روپيا رکيا ويا. 15 جنوري 2014 تي منصوبي لاءِ ڪنسلٽنٽ جون خدمتون به حاصل ڪيون ويون. منصوبي جي عملي ۽ ٻين ضروري نقطن بابت ٽي او آرز جي تياريءَ وارو ڪم 2 فيبروري 2015 تائين ٿيندو رهيو.
منصوبي جو خاڪو بعد ۾ نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) کي اماڻيو ويو ته جيئن اهو ادارو ان جو خبرداريءَ سان جائزو وٺي سگھي، ڇو ته ان اداري کي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻي هئي. ان عرصي دوران منصوبي جي ڪل لاڳت 1.5 ارب روپين مان وڌي 12.85 ارب روپيا ٿي وئي.
منصوبي بابت اهي دستاويز نيوز لينز پاڪستان پاران هڪ سينئر سرڪاري عملدار جي مدد سان حاصل ڪيا ويا آهن، جنهن جو نالو هتي بيان ناهي ڪيو ويو ڇو ته هو ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ بابت بااختيار نه آهي. انهيءَ سرڪاري عملدار جو چوڻ آهي ته ”منصوبي متعلق مختلف شراڪت دارن جي آخري گڏجاڻي 23 سيپٽمبر 2015 تي ٿي، ان کان پوءِ منصوبي تي ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي سگھي“.
پشاور جي سينئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس آپريشنز عباس مجيد مروت نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”شهر جي ٽريفڪ پوليس پاران 128 سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون ويون، جن مان 82 ڪم ڪن پيون ۽ باقي سڀ بيڪار ٿي چڪيون آهن. انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) بابت ڊائريڪٽوريٽ انهيءَ ڳالهه جو ذميوار آهي ته شهر ۾ لڳل ڪيمرائن جي مرمت ٿيندي رهي ته جيئن اهي مناسب طريقي سان ڪم ڪنديون رهن“.
خيبرپختونخواه جي آءِ جي پوليس ناصر درانيءَ کان جڏهن اها پڇا ڪئي وئي ته پوليس کاتي پاران شهر ۾ ناڪاره سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون ويون آهن، ته ان جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ”اهي ڪيمرائون عام بجيٽ تحت خريد ناهن ڪيون ويون. انهن ڪيمرائن جو معيار سٺو نه آهي ۽ اهي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ پاران خريد ڪيون ويون. سي سي ٽي وي ڪيمرائن کي مناسب سار سنڀال ۽ مرمت جي ضرورت پوندي رهندي آهي. انهن ڪيمرائن جي مناسب سنڀال نه ٿيڻ ڪري اهي ناڪاره ٿي پيون آهن“. هن صلاح واري انداز سان چيو ته منصوبي ۾ ڪيمرائن جي مرمت وارا خرچ پڻ شامل ڪرڻ گھرجن ها.
ناصر درانيءَ ٻڌايو ته، لنڊن ۾ ڪل 42 لک سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳل آهن ۽ هر 14 ماڻهن تي نظر رکڻ لاءِ هڪ ڪيمرا مختص ٿيل آهي. سڌريل ملڪن اندر جيڪي سي سي ٽي وي ڪيمرائون نجي ادارن پاران لڳايون وينديون آهن اهي پڻ مکيه ڪنٽرول روم سان جڙيل هونديون آهن. گھٽ ۾ گھٽ 6 ڪيمرائون هڪ اڪيلي ماڻهوءَ جي آفيس يا عمارت اندر اچڻ ۽ وڃڻ واري سرگرميءَ کي رڪارڊ ڪنديون رهنديون آهن.
قبائلي علائقن وارن معاملن ۽ گھرو کاتي سان لاڳاپيل هڪ عملدار نالو راز ۾ رکڻ جي شرط تحت نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”خيبرپختونخواه جي چيف سيڪريٽريءَ کي منصوبي متعلق ڪجهه اعتراض آهن. منصوبي کي هاڻي رٿابندي ۽ ترقيءَ واري کاتي جي حوالي ڪيو ويو آهي، جيڪو منصوبي کي ٻيهر شروع ڪرڻ متعلق حڪمت عملي ترتيب ڏئي رهيو آهي“.
پشاور جي پوليس لائين ۾ ڪم ڪندڙ آءِ ٽيءَ جي هڪ ماهر، جنهن پڻ پنهنجو نالو راز ۾ رکڻ جو شرط رکيو، ٻڌايو ته پشاور سيف سٽيءَ جون ڪيمرائون انٽرنيٽ وسيلي جڙيل هونديون ته جيئن سرڪاري عملدار ڪيمرائن وسيلي نظرا يندڙ تصويري منظر پنهنجي ڪمپيوٽر ۽ موبائل فونن تي به ڏسي سگھن. هن اهو پڻ ٻڌايو ته ماضيءَ ۾ ٿيل ڪيترن واقعن کانپوءِ پوليس کاتي کي نجي ادارن پاران لڳرايل ڪيمرائن جي رڪارڊنگز مان ڪافي مدد ملندي رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته، سمورين اهم جڳهن تي ڪيمرائون لڳائڻ گھرجن ته جيئن ماڻهن جي سرگرمين تي نظر رکي سگھجي ۽ ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال جي ابتدا ۾ ئي فوري ڪارراوئي عمل ۾ آڻي سگھجي.
آءِ ٽي ماهر چيو ته، اهو انتهائي ضروري آهي ته ڪيمرائن کي بجلي بغير ڪنهن رڪاوٽ جي ملندي رهي ان لاءِ اَن اِنٽرپٽڊ پاور سپلاءِ (يو پي ايس) لڳائڻ گھرجن ته جيئن بجلي وڃڻ کانپوءِ به ڪيمرا ڪم ڪندي رهي.
سي سي ٽي وي ڪيمرائن کي هر قسم جي اوزارن سان ليس آپريشن روم وسيلي جاچيو ويندو آهي. سرڪاري عملدارن مطابق، سي سي ٽي وي ڪيمرائون عوامي هنڌن، ماڻهن جي ميڙ وارن واپاري هنڌن ۽ حساس جڳهن تي لڳايون وينديون. ان سان گڏ ئي پوليس پاران واپاري تنظيمن جي اڳواڻن کي چيو ويو آهي ته منصوبي ۾ دير ٿي رهي آهي، ان ڪري پوليس جي مدد ڪرڻ خاطر اهي پنهنجي خرچ تي به سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳائڻ جو انتظام ڪن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here