بريڪنگ نيوز جي ڊوڙ سبب ٽي وي چينلن تان غلط رپورٽنگ وڌڻ لڳي

0
1425

لاهور (رپورٽ: دردانه نجم) پاڪستاني ميڊيا گلشن پارڪ ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ جي حوالي سان عجيب و غريب صورتحال جو شڪار ٿي ويو هو، ياد رهي ته 27 مارچ تي ٿيل ان آپگهاتي حملي ۾ 29 ٻار ۽ 44 مرد ۽ عورتون اجل جو شڪار ٿيون هيون.
هڪ کان ٻئي چينل ۽ ٻئي کان ٽئين تائين سڀني ٽي وي چينلن بغير ڪنهن تصديق جي اها خبر بار بار نشر ڪئي. اهڙي صورتحال ۾ آخرڪار حڪومت مداخلت ڪئي ۽ 28 مارچ تي پنجاب جي وڏي وزير جي اسپيشل اسسٽنٽ ضعيم حسين قادري ٽي وي چينل تي اچي ترديد ڪئي ته ان حملي ۾ يوسف نالي شخص ملوث هيو، دراصل هو ان ڌماڪي ۾ اجل جو شلڪار ٿي ويو آهي.
يوسف لاهور ۾ قرآن پڙهائيندو هو ۽ سندس خاندان موجب ته هو ڪجهه سالن کان اتي رهيل هيو. ملڪ جي سڀني اهم چينلن نه رڳو اها خبر لاڳيتو هلائي پر پنهنجي رپورٽرن ۽ ڪئمرامين ۽ ٻئي عملي کي مظفرڳڙهه ۾ يوسف جي گهر موڪلي ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ جي ڪوشش ڪري پنهنجي غيرذميداريءَ جو مظاهرو به ڪيو.
ميڊيا پاران اهڙي غير ذميداري جي مظاهري جا سبب جاچڻ لاءِ نيوزلينز پاڪستان طرفان جيو، سماء ۽ دنيا ٽي وي چينلن جي بيوروچيف، صدر ۽ ڪنٽرولر نيوز سان رابطو ڪيو ويو، جنهن تحت جيو جي نمائندي پهريان فون تي بيان ڏنو پر بعد ۾ ايس ايم ايس ذريعي پنهنجي بيان تان هٿ کڻندي هن لکيو ته سندس سي اي او اي ميل ذريعي بيان موڪليندو، جيڪو نه آيو.
نيوزلينز پاڪستان پاران صحافتي اخلاقيات تحت ان جو نالو ظاهر نه پيو ڪيو وڃي پر سندس بيان موجب ته جيو غيرذميواريءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ اهو ان ڪري ٿئي ٿو ته تصديق جو رجحان گهٽجندو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته فيلڊ ۾ تربيت يافته رپورٽر نٿا هجن.
سماء جي ڪنٽرولر نيوز وليد جو چوڻ هو ته يوسف جو شناختي ڪارڊ سڀ کان پهريان کين مليو هو پر ڪنهن به ذميوار عملدار پاران تصديق نه ڪرڻ سبب سماء اها خبر نشر نه ڪئي پر افسوس ته بعد ۾ اها غلط خبر سماء تان به هلائي وئي. جڏهن کانئس اهو پڇيو ويو ته ائين ڇو ٿيو ته سندس وراڻي هئي ته 28 مارچ تي جڏهن رپورٽر ڏٺو ته هر چينل تي اها رپورٽ هلي رهي هئي ته هن پنهنجي طور اهو فيصلو ڪيو ته اها اسٽوري هلائي وڃي.
هن ٻڌايو ته نيوز چينلن ۾ ايڊيٽوريل ڪنٽرول نه هئڻ برابر آهي ان ڪري رپورٽر هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ اهڙا قدم کڻن ٿا ۽ هتي خبر جي ٻيهر تصديق جو رجحان گهٽ آهي.
دنيا ٽي وي لاهور جي سربراه خرم ڪليم پنجاب پوليس کي يوسف بابت خبر جو ذميوار قرر ڏنو، ڇو ته آئي جي پوليس پنجاب مشتاق سخيرا اهو بيان ڏنو هو ته پوليس، يوسف جي گهر وارن کي جهلي ورتو آهي جنهن ڪري اسان اها خبر نشر ڪئي.
دنيا جي بيوروچيف ارسلان رفيق ڀٽي جو چوڻ هو ته اها غلط فهمي ڳجهي اداري جي عملدارن پاران شڪ ظاهر ڪرڻ جي ڪري ٿي جن حملي واري هنڌ ۽ يوسف جي جسم جو جائزو وٺڻ بعد اهو خدشو ڏيکاريو ته اهو آپگهاتي بمبار ٿي سگهي ٿو. هن اها ڳالهه مڃي ته ٽي وي چينل ان خبر جي تصديق ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. اهو ان ڪري به ٿيو ته سندن مٿان سپروائيزرن جو اهو دٻاءُ هيو ته اها خبر ڏني وڃي جيڪا ٻيا چينل هلائين پيا.
ڊي آئي جي پوليس آپريشنز ڊاڪٽر حيدر اشرف ان ڳالهه کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو ته اهو سڀ ڪجهه پوليس جي ڪري ٿيو. هن نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ڪنهن به پوليس آفيسر اها خبر نه ڏني هئي، هو حيران آهي ته يوسف جو شناختي ڪارڊ صحافين کي ڪٿان هٿ آيو. هن ميڊيا هائوسز کي صلاح ڏني ته اهي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي عمل ڪن. هن وڌيڪ چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته آپگهاتي بمبار جو ڌڙ محفوظ رهي ۽ هو شناختي ڪارڊ گڏ کڻي اچي، جيتوڻيڪ اهڙو ڏوهه ڪندڙ ته اهڙي ڪا به نشاني ساڻ ناهن کڻندا.
واضح رهي ته اهو پهريون دفعو ناهي ٿيو جو ميڊيا اهڙي رپورٽنگ ڪئي هجي، 2009 ۾ جڏهن اليٽ پوليس ٽريننگ اسڪول لاهور تي حمو ٿيو ته هڪ نئين ايندڙ چينل رپورٽ ڪيو ته عورتن سميت 40 کن هٿياربندن حملو ڪيو آهي، جڏهن ته انهن جو تعداد رڳو 4 هيو.
هوڏانهن احمد وليد ٻڌايو ته 2015 ۾ قصور واقعي ۾ 280 ٻارن سان جنسي تشدد جي خبر رپورٽ ڪئي وئي هئي، جيڪا بعد ۾ ڪوڙي ثابت ٿي ڇو ته ٻارن جو تعداد 20 هيو.
نيوز لينز پاڪستان پاران ان حوالي سان سينٽرل يونيورسٽي پنجاب جي ڊين ڊاڪٽر مغيس الدين شيخ سان رابطو ڪيو ويو، جنهن ٻڌايو ته ٻه وڏا مسئلا آهن ۽ انهن جو تعلق نان پروفيشنل روين سان آهي. جنهن موجب جيڪڏهن غلط رپورٽنگ سندن مالڪن کي خوش ڪري ٿي ته هو ان جي پرواهه نٿا ڪن ۽ ٻيو ته پاڪستان ۾ پروفيشنلزم، ڪمٽمينٽ ۽ قومي صحافت جو فقدان آهي.
سينئر صحافي، تعليمي ماهر ۽ آن لائين رسالي هم سب جي ايڊيٽر وجاحت مسعود، نيوزلينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ميڊيا ۾ دهشتگردن جا همدرد موجود آهن. هن چيو ته 2014 ۾ حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين دوران آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڪالمن ۾ لکيو ويو ته طالبان حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪن. اهڙن ماڻهن اصل مامرن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو.
يوسف جي ڀاءَ رياض نيوزلينز پاڪستان کي ٻڌايوته هو غريب ماڻهو آهن ۽ پوليس خلاف بيان ٿي سگهي ٿو ته سندن ڪنهن مائٽ ڪاوڙ ۾ ڏنو هجي ته مٿن تشدد ڪيو ويو. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا هن ڀاءَ جي ميت وصول ڪرڻ لاءِ 2000 رشوت ڏني هئي ته هن وراڻيو ته ميو اسپتال جو عملو ڪافي سهڪاري هيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here