شميم اختر پاڪستان جي پهرين عورت ٽرڪ ڊرائيور

0
2912
: Photo By News Lens Pakistan /
Shamim while driving: Photo by News Lens Pakistan

راولپنڊي (رحمت محسود وٽان) پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ عورتن جو ڪار يا جيپ ڊرائيو ڪرڻ حيرت جوڳو نه آهي پر ڪا به عورت پنهنجي گذر سفر لاءِ روڊن تي ٽرڪ هلائيندي شايد ئي نظر ايندي هجي!

ٽريفڪ پوليس جا آفيسر چون ٿا ته 53 سالن جي شميم اختر پدري سماج ۾ پهرين عورت ٽرڪ ڊرائيور آهي.

شميم اختر مرجهايل لهجي ۾ چيو ته تقريبن چار سال اڳ منهنجي مڙس مون کي ڇڏي ڏنو ۽ هڪ ٻي عورت سان شادي ڪئي، هو هاڻ پنهنجي ٻي زال سان گڏ رهندو آهي، ان مون کي چيو ته هاڻ تون به ملازمت ڪر.

پاڪستان جو تاثر وڏي پيماني تي هڪ پدري ۽ روايتي سماج جو آهي جتي عورت جي لاءِ روزگار جا موقعا محدود آهن ۽ خاص طور تي ٽرانسپورٽ جي ڪاروبار سان لاڳاپيل هجڻ تي ته بظاهر پابندي لڳل آهي. شميم جي مڙس غالبن انهيءَ ڪري ئي پنهنجي گهر واري جي ملازمت جي باري ۾ نيوز لينز پاڪستان سان ڪا ڳالهه نه ڪئي.

: Photo By News Lens Pakistan /
Shamim Akhtar, Pakistani female truck driver, standing with her loaded vehicle in Rawalpindi : Photo By News Lens Pakistan /

شميم اختر ڦڪي رنگ جو لباس ۽ چادر پهري ٽرڪ جو دروازو کوليو ۽ پنهنجي معاون کي ريڊي ايٽر ۾ پاڻ جي سطح چيڪ ڪرڻ لاءِ چيو. هن نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته هن جون چار ڌيئر ۽ هڪ پٽ آهي جن جي پرورش جي سڄي ذميواري هاڻ هوءَ کڻي رهي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته مون کي پنج لک رپيا ادا ڪرڻا آهن جيڪي پنهنجي نياڻين جي شادين لاءِ اوڌر ورتا هئا، منهنجي مڙس هڪ ٻي عورت سان شادي ڪرڻ کان پوءِ ڪڏهن به اسان جو خيال ناهي رکيو.

هڪ دور ۾ راولپنڊي (اسلام آباد سان ڳنڍيل هڪ ڳتيل آباد شهر) جي هڪ سلائي اسڪول ۾ تدريس جا فرض سر انجام ڏيندڙ شميم پنهنجو پيشو ان لاءِ ڇڏيو ته جيئن ٽرڪ هلائڻ جي پنهنجي پراڻي خواهش کي پوري ڪرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ رقم ڪمائي سگهي. هن فخريه انداز ۾ چيو ته معاشي مشڪلاتن به مون کي مجبور ڪيو ته مان هڪ مهذب پيشو اختيار ڪندي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي گذر سفر کي ممڪن بڻايان ته مون ٽرڪ ڊرائيور ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

اسلام آباد پوليس جي انسپيڪٽر ماجد اقبال نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته شميم اها پهرين عورت آهي جنهن صرف چئن مهينن جي ٿوري عرصي ۾ هيوي وهيڪل جو لائسنس حاصل ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان هن (شميم) سان مڪمل تعاون ڪيو ته جيئن ٻيون عورتون به ان طرف اچن ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبي مان مردن جي هڪ هٽي ختم ٿئي.

ماجد اقبال چيو ته اهو هر پاڪستانيءَ لاءِ فخر جو ڪارڻ آهي ته شميم اختر چوڪ ۽ چوراهن تي پنڻ بدران محنت ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو پيٽ پالي رهي آهي. ڊرائيورن ۾ هن کي شميم ڀائي جي نالي سان مخاطب ڪيو ويندو آهي، هن جا ڊرائيورساٿي هن سان عزت ۽ احترام سان پيش ايندا آهن ۽ جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته هوءَ ڪيترو عرصو اڳ ئي اهو پيشو ڇڏي وڃي ها.

شميم اختر جو چوڻ آهي ته مان پنهنجي ڪم مان لطف اندوز ٿي رهي آهيان، منهنجي ٻارن ۽ خاندان جي ميمبرن کي روزگار خاطر منهنجي چونڊ تي ڪو اعتراض نه آهي ڇو ته منهنجي آمدني نه صرف مناسب آهي بلڪه هاڻ خودمختيار به آهيان ۽ سخت محنت ڪري رهي آهيان.

33 سالن جو ڊرائيور فلڪ نياز چوي ٿو ته هوءَ نه صرف جرئت مند آهي بلڪه ان جي قوت برداشت به قابل تعريف آهي، هوءَ لڱ ساڙيندڙ گرمي ۽ سخت سيءَ ۾ به بلڪل احتياط سان ڊرائيونگ ڪندي آهي. فلڪ نياز چيو ته اسان مان ڪنهن کي به هن سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ ڪو به مسئلو نه آهي، هوءَ سخت محنت ڪري پنهنجي ٻارن لاءِ بهتر زندگي ممڪن بڻائي رهي آهي.

پر هڪ ٻئي ڊرائيور نالو ظاهر نه ڪرڻ جي خواهش تي چيو ته هن جا ڪيترائي ساٿي ان ڳڻتي جو شڪار آهن ته جيڪڏهن وڌيڪ عورتون شميم اختر جي پيروي ڪندي هن پيشي جي چونڊ ڪنديون ته اها صورتحال مرد ڊرائيورن لاءِ مشڪلاتن جو سبب ثابت ٿيندي.

شميم اختر نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته هن جڏهن پهريون ڀيرو ٽرڪ هلائي ته ڪيترن ئي ڊرائيورن کي خراب لڳو. هن ٻڌايو ته هو (ڊرائيور) ڊنل هئا ته هاڻ وڌيڪ عورتون هن جي پيروي ڪندي هن شعبي جي چونڊ ڪنديون جنهن ڪري مرد ڊرائيورن جي اجاره داري خطري ۾ پئجي ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته کيس ڪنهن جي ڪا پرواهه نه آهي، مان پاڪستان جي پهرين عورت ٽرڪ ڊرائيور هجڻ تي فخر محسوس ڪندي آهيان ۽ خاص طور تي ڊرائيورن لاءِ ڪو فلاحي ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي ته جيئن ايندڙ نسل مون کي سٺن لفظن ۾ ياد رکي.

شميم جو اهو خيال آهي ته هڪ ٽرڪ ڊرائيور کي جسماني طور تي نه صرف مضبوط اعصابن جو مالڪ هجڻ گهرجي بلڪه اهو حوصلامند ۽ پرسڪون رهي. هن وڌيڪ چيو ته ان لاءِ مشڪل ترين وقت اهو هوندو آهي جڏهن ڪيترن ئي ڏينهن لاءِ ٻاهرين شهرن ۾ ويندي آهي. شميم اختر چيو ته جڏهن اسان ڊگهي سفر تي روانا ٿيندا آهيون ته راتيون جاڳي گذارڻيون پونديون آهن جيڪو منهنجي ملازمت جو مشڪل ترين حصو آهي، جڏهن ته گهر جهڙو ماحول ملي وڃي ته اهو صرف هڪ خواب ئي آهي.

شميم چيو ته هيوي وهيڪلز وارن ڊرائيورن جو ڪم گهڻو مشڪل آهي پر انتهائي گهٽ معاوضو ادا ڪيو ويندو آهي، هوءَ اڪثر پنهنجي ٽرڪ تي سرون ڀري هڪ کان ٻي جڳهه تي منتقل ڪندي آهي ۽ شهر جي حدن ۾ هوءَ ان جو معاوضو هڪ هزار روپيا وصول ڪندي آهي.

هوءَ هڪ مهيني ۾ 25 کان 30 دفعا اها ذميواري سرانجام ڏيندي آهي، جيڪڏهن هوءَ راولپنڊي کان ڪراچي سامان کڻي ويندي آهي جنهن ۾ منزل تائين پهچڻ ۾ پنج ڏينهن لڳي ويندا آهن يا ڊگهي فاصلي تي ڪنهن ٻئي هنڌ ويندي آهي ته هڪ ڏينهن جا 15 سئو رپيا وصول ڪندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪا اهڙي پيشڪش قبول ڪندي آهي.

هن چيو ته هڪ ٽرڪ ڊرائيور کي هر وقت ڊرائيونگ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن ڪو حادثو پيش نه اچي، شميم وڌيڪ چيو ته مان جيئن ته ٽيڪنيڪي طور تي ماهر نه آهيان پر جيڪڏهن ٽرڪ جو ٽائر پنڪچر ٿي وڃي ته ان کي تبديل ڪري سگهندي آهيان.

شميم جي معاون 20 ورهين جي عثمان پنهنجي باس يعني شميم جي دل کولي تعريف ڪئي، هن چيو ته هن جو رويو هن سان انتهائي سٺو آهي ۽ ٻين ڊرائيورن وانگر هن کي هر وقت دڙڪا ناهي ڏيندي. عثمان وڌيڪ چيو ته هوءَ انتهائي احتياط ڪندي آهي ۽ مان هن وٽان سکي خوشي محسوس ڪندو آهيان. هوءَ ڪڏهن ڪاوڙ ۾ ناهي ايندي.

شميم جي اڪيلي پٽ حماد نذير چيو ته جڏهن کان ان جي والد کين ڇڏيو آهي تڏهن کان امڙ، ماءُ سان گڏوگڏ پيءُ جو ڪردار به ادا ڪندي رهي آهي.

راولپنڊي ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي سيڪريٽري اويس منظور تارڙ، شميم اختر جي هڪ مرداڻه پيشي ۾ پنهنجو مقام ٺاهڻ لاءِ مستقل ڪوششن جي تعريف ڪئي، هن چيو ته هن هيوي وهيڪل ڊرائيو ڪري هڪ جرئتمنداڻو قدم کنيو آهي. منظور تارڙ وڌيڪ چيو ته شميم اختر ٻين عورتن لاءِ هڪ رول ماڊل جي حيثيت رکي ٿي ته جيئن هو ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪن ۽ ٽيڪسي هلائن جنهن سان عورت مسافر پاڻ کي وڌيڪ محفوظ ۽ آرامده محسوس ڪنديون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here