پشاور (سلمان يوسفزئيءَ وٽان) روايتي شلوار قميص، جيڪي ايئن پئي نظر آيو ته ڪيترن ڏينهن کان ڌوتا ناهن ويا، پاتل نصيب نواز بيچينيءَ واري حالت ۾ پشاور ۾ واقع ”صِفوت غيور چلڊرين هاسپيٽل آف انفيڪشس ڊزيز“ ٻاهران بيٺل هيو، جتي سندس پٽ شديد بيمار ٿيڻ سبب داخل ٿيل آهي.
پشاور کان 170 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع بنون شهر ۾ نصيب نواز جو پٽ پنهنجي گھر ۾ موجود هيو ته اوچتو دورو پوڻ سبب زمين تي ڪري پيو ۽ بيهوش ٿي ويو. بنون ۾ جنهن ڊاڪٽر هن جو طبي معائنو ڪيو ان ٻڌايو ته نصيب جي پٽ کي جهٽڪن واري بيماري ٿي پئي آهي. جيئن ته هنن پنهنجي ٻار کي ان بيماريءَ کان بچاءَ وارا ٽُڪا نه لڳرايا هئا، نه ئي ان کان بچاءَ واري ويڪسين بنون جي ڪنهن به اسپتال ۾ دستياب هئي، ان ڪري ڊاڪٽرن کين پشاور جي اسپتال ۾ وڃي ڇوڪري جو علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏنو.
پنهنجي اڪيلي پٽ جي حياتي بچائڻ لاءِ مهانگي ويڪسين خريدڻ سبب، فروٽ ۽ سبزي وڪڻي ڏهاڙي 500 روپيا ڪمائڻ وارو نصيب نواز، هاڻي هٿين خالي رهجي ويو آهي. اسپتال ٻاهران نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نصيب نواز ٻڌايو ته مان پنهنجي پٽ جي علاج خاطر ويڪيسن خريدڻ تي هن مهل تائين 25 هزار روپيا خرچ ڪري چڪو آهيان. مون اهي پيسا گھرواريءَ جا ڳهه ڳٺا وڪڻي گڏ ڪيا هئا، هاڻي ته مون وٽ ٽڪو به ناهي بچيو“.
جيئن ته سندس پٽ کي لڳل بيماري سنگين نوعيت اختيار ڪري چڪي آهي، ان ڪري نصيب نواز کي اهو فڪر آهي ته سندس پٽ جي جان ان بيماريءَ مان آجي ٿيندي يا نه، ان سان گڏ ئي هو وڌيڪ پيسا هٿ ڪرڻ جي حوالي کان به پريشانيءَ جو شڪار آهي. جهٽڪن جي اِها موتمار بيماري ”ڪلوسٽريڊيم ٽيٽاني“ قسم جي جيوڙن سبب ٿيندي آهي، اهي جيوڙا زخم وسيلي جسم ۾ داخل ٿي نيوروٽاڪسن پيدا ڪندا آهن جنهن جي ڪري دماغ ۽ اعصابي نظام کي متاثر ڪري وٺندا آهن.
پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال جي هڪ فزيشن ڊاڪٽر امير محمد ٻڌايو آهي ته ”بيماري جسم جي پَٺَن کي شديد جھٽڪا ڏيڻ، ساهه کڻڻ ۾ مشڪل پيدا ڪرڻ ۽ آخر ۾ موت جو سبب پڻ بڻجي پوندي آهي“.
جيئن ته ٽاڪسن جي ڪري ڄاڙين ۾ سختي اچي ويندي آهي، ان ڪري جهٽڪن جي بيماريءَ کي عام طور ”ڄاڙين کي تالو“ لڳڻ جو نالو پڻ ڏنو ويندو آهي.
طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ”ڪلوسٽريڊيم ٽيٽاني“ جو وچڙندڙ جيوڙو عام طور تي مٽيءَ، ڌوڙ ۽ جانورن جي ڇيڻي ۾ موجود هوندو آهي، پر عملي طور تي اهو هر هنڌ موجود ٿي سگھي ٿو. جيئن ته ٻارڙا گھر کان ٻاهر کليل جڳهن تي راند رُوند ڪندا آهن، جتي صفائي ٿيل ناهي هوندي، راند دوران ڪري پوڻ سبب کين اڪثر ڪري رهنڊون اينديون يا چِير ٿي پوندا آهن، وڏن جي ڀيٽ ۾ ٻارن کي اهڙا ڌڪ وڌيڪ لڳندا آهن.
بيماريءَ جي حوالي سان مائرن جي گھڻي حساس هجڻ سبب، کين جهٽڪن جي بيماريءَ کان تحفظ ڏيندڙ ويڪيسن حمل دوران ان وقت ڪرائي ڇڏڻ گھرجي جڏهن کين اهو انديشو هجي ته کين ڌڪ لڳڻ سبب ڄاڻايل بيماريءَ جا جيوڙا چنبڙي سگھن ٿا. ڊاڪٽر امير محمد جي راءِ مطابق، بيماريءَ جا جيوڙا عام طور تي زخم اندر جمع ٿي، نيوروٽاڪسنز کي پيدا ڪري وٺندا آهن جيڪي اعصابن کي متاثر ڪري پَٺَن جي چر پر کي قابو ڪري وٺندا آهن.
پشاور جي ٻارن لاءِ قائم اسپتال جي فزيشن، ڊاڪٽر مشرف خان جو چوڻ آهي ته ”جهٽڪن واري بيماريءَ کان تحفظ ڏيندڙ ويڪيسن (اي ٽي ايس) نه هجڻ سبب مقامي اسپتالن ۾ پيدائش دوران ٻارن جي موت جي شرح تمام گھڻي آهي، اها سهولت صرف پشاور جي اسپتالن ۾ موجود آهي“. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته، زخم لڳڻ کانپوءِ وارن ابتدائي 10 ڏينهن دوران جهٽڪن واري بيماريءَ جون علامتون گڏ ٿيڻ شروع ٿينديون آهن، ان بعد 3 کان 4 هفتن دوران ان جون علامتون ظاهر ٿيڻ لڳنديون آهن، ڪجهه واقعن ۾ بيماريءَ کي ظاهر ٿيڻ ۾ مهينا پڻ لڳي ويندا آهن.
بيماريءَ جون علامتون خودبخود ان طرح سان ظاهر ٿيڻ لڳنديون آهن ته پَٺن تي ان جي جڪڙ وڌڻ بعد اها ڳلي ۽ نڙيءَ کي پنهنجي جڪڙ ۾ آڻي وٺندي آهي جنهن جي ڪري ڳهڻ ۾ تڪليف واري بيماري ڊائسفيجيا ٿي پوندي آهي. مريضن جو ڌيان گھڻي ڀاڱي پنهنجي چهري وارن پَٺن جي ڇڪجي وڃڻ ڏانهن هليو ويندو آهي. جڏهن ته سنگين صورت اختيار ڪري وٺندڙ ڪيسن ۾ پٺيءَ وارا پَٺا تاڻجي وڃڻ سبب رِيڙهه جي هڏي پوئتي ڇڪجڻ لڳندي آهي. جڏهن به ٻارن کي اها بيماري ٿيندي آهي ته انهن ۾ اهي علامتون عام ٿي پونديون آهن.
اڪثر مريضن کي پائخانو ڪرڻ وقت پيٽ مان رت اچڻ سان گڏ، دست، بخار، مٿي جي سور، ڇهڻ سان تڪليف، ڳلي ۾ سوڄ ۽ پگھر اچڻ جي شڪايت پڻ ٿي پوندي آهي. اهڙو ڪو به مريض جيڪڏهن علاج نه ڪرائيندو ته سندس حياتيءَ لاءِ خطرا تمام گھڻا وڌي ويندا آهن. جهٽڪن واري بيماريءَ جي ڪري موت جو انديشو 40 کان 70 سيڪڙو ٿي سگھي ٿو.
جهٽڪن واري بيماري ڪنهن جانور جي چڪ پائڻ، چمڙيءَ جي سڙي پوڻ، زنگيل ڌاتوءَ جي ڌڪ ۽ اسٽيرلائيز ڪرڻ کانسواءِ استعمال ڪئي ويندڙ سُئيءَ وسيلي منشيات واپرائڻ سبب پڻ ٿي سگھي ٿي. اها بيماري چمڙيءَ جي مٿاهين حصي جي کل لهي وڃڻ سبب صاف سمجهيو ويندڙ زخم ٿي پوڻ، آپريشن دوران جسم جو ڪو حصو ڪٽجي پوڻ، جيت جي چڪ، ڏندن جي زخم، هڏا اهڙي طرح سان ڀڄي پوڻ جي صورت ۾ ته اهي نظر ايندا هجن، دائمي نه ڇٽندڙ زخمن ۽ جسم ۾ داخل ٿيندڙ نشي آور شين جي ڪري به ٿي سگھي ٿي.
ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي تعاون واري تنظيم (سارڪ) جي ميڊيڪل ايسوسيئيشن مطابق پاڪستان ۾ جھٽڪن واري بيماريءَ سبب هر سال 25 هزار ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا. اها صورتحال انهن ضلعن ۾ وڌيڪ خطري جو باعث بڻجي پوي ٿي، جتي صحت جي بنيادي مرڪزن اندر صحت جي سنڀال خاطر ابتدائي علاج مهيا ڪرڻ جون سهولتون موجود نه آهن.
نصيب نواز جي پٽ کي جڏهن جهٽڪن واري بيماريءَ پنهنجي جڪڙ ۾ آڻي ورتو ته هن علاج خاطر پنهنجي پٽ کي ڳوٺ جي 3 مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪرايو. جڏهن هن جي صحت ۾ ڪا بهتري ظاهر نه ٿي ته هو بيمار پٽ کي ساڻ ڪري بنون آيو جتان جي ڊاڪٽرن هن کي پشاور مان علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏنو ڇو ته اتان جي اسپتالن ۾ پڻ اِن بيماريءَ جي علاج جون سهولتون موجود نه هيون.
توڙي جو اهو خاندان پشاور ۾ علاج جي سرموڙ مرڪز، حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس پهتو، پر اتان جا ڊاڪٽر به ٻارڙي جي بيماريءَ تي ضابطو نه آڻي سگھيا. ٻن ڏينهن جي علاج کانپوءِ حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس جي ڊاڪٽرن به کين حاجي ڪيمپ ڀرسان واقع ٻارن جي اسپتال مان علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏنو.
توڙي جو، بيماريءَ جي صورت ۾ ٻارن جي صحت جو مناسب خيال رکڻ لاءِ سهولتون ميسر ڪيون وينديون آهن، پر پوءِ به سندن صحتيابيءَ جو معاملو سنيگن صورت اختيار ڪرڻ لڳندو آهي ڇو ته سندن بيماري زور وٺي چڪي هوندي آهي.
پشاور ۾ واقع ٻارن جي اسپتال جي ڊاڪٽر خان مطابق ماڻهن کي بيماريءَ متعلق تمام گھٽ ڄاڻ حاصل آهي ته اها بيماري ڪجهه ڏينهن ۾ ئي موت جو سبب به بڻجي سگهي ٿي.
اسپتال جي رڪارڊ مان پتو پوي ٿو ته سال 2016 جي پهرين ٻن مهينن دوران 24 ٻارن کي هن اسپتال ۾ تڏهن داخل ڪرايو ويو، جڏهن جهٽڪن واري بيماريءَ جون علامتون گھڻو زور وٺي چڪيون هيون ۽ اهي علاج دوران فوت ٿي ويا. جنوري مهيني دوران جهٽڪن واري بيماريءَ ۾ مبتلا 28 ٻارن کي علاج خاطر اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جن مان 10 فوت ٿي ويا جڏهن ته 18 جي زندگي بروقت علاج ڪرائڻ سبب بچي وئي. ان کان علاوه فيبروري 2016 دوران 32 ٻارن کي ساڳي بيماريءَ سبب اسپتال ۾ آندو ويو، جن مان 14 ٻارڙا فوت ٿي ويا ۽ 17 ٻارن جون زندگيون بچايون ويون.
ڊاڪٽر خان ٻڌايو ته، تمام ڳري قيمت هجڻ سبب حڪومت پاران تازو ئي جهٽڪن واري بيماريءَ جي علاج واري ”ٽيٽانس اِميون گلوبيم“ (ٽي آءِ جي) ”زندگي بچائڻ واري دوا“ کي طبي شين جي لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي، اسپتالن ۾ جهٽڪن واريءَ بيماريءَ سبب مريضن جي موت واري شرح پڻ وڌي وئي آهي.
هڪ مريض لاءِ ٽي آءِ جيءَ جو ڪورس 25 کان 30 هزار روپين ۾ ملي رهيو آهي. اهي اسپتالون جيڪي پنهنجي روزاني واري ڪاروهنوار هلائڻ ۽ مريضن جو علاج ڪرڻ لاءِ مختلف ماڻهن ۽ دوائن جي ڪمپنين کان چندو وٺن ٿيون، انهن لاءِ ٽي آءِ جي جي ويڪسين هٿ ڪرڻ مشڪل ٿي پوي ٿو.
ٻارن جي اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ هڪ نرس عميره ٻڌايو ته ”اسپتالن ۾ ايندڙ اڪثر مريض غريب گھراڻن سان تعلق رکندڙ هوندا آهن، جهٽڪن واري بيماريءَ جي وارڊ ۾ داخل ٿيندڙ اڪثر مريض ته ڪرايو ڀاڙو ڀري سگھڻ جي طاقت به ناهن رکندا، ٽي آءِ جي خريدڻ ته پري جي ڳالهه آهي. غريب ماڻهو ئي ان بيماريءَ جي ڪري چيچلائيندا رهن ٿا جيڪي اي ٽي ايس جي انجيڪشن، اينٽي بايوٽڪس ۽ ڊرپ ئي خريد ڪري ناهن سگھندا، اهي ٽي آءِ جي ڪهڙي ريت خريد ڪري سگھندا“.
عميره اهو پڻ ٻڌايو ته ”جهٽڪن واري بيماري اڪثر ڪري انهن ٻارن کي پڻ ٿي پوندي آهي جن جو ڄم تربيت نه ورتل دائين يا مڊوائيفز پاران ڪرايو ويندو آهي. اهي دائيون ٻارن جو ناڙو اڪثر ڪري اهڙن اوزارن سان ڪٽينديون آهن جن کي جيوڙن کان محفوظ ناهي ڪيو ويندو، جنهن ڪري ٻارن کي بيماريءَ جا جيوڙا چنبڙي وڃڻ جو انديشو پيدا ٿي پوندو آهي“.
ڊاڪٽر خان جو چوڻ آهي ته، پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي پيدائش وقت موت جي شرح تمام گھڻي آهي جنهن جو هڪ سبب پيدائش وقت جهٽڪن واري بيماريءَ جو وڏي پيماني تي موجود هجڻ پڻ آهي. بيماري ٿيڻ جي شرح ان ڪري به گھڻي وڌيل آهي ڇو ته ٻارن جي پيدائش وقت اهڙا اوزار استعمال ڪيا وڃن ٿا جيڪي محفوظ ناهن هوندا.
ڊاڪٽر خان موجب، صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او پاران سفارش ڪئي وئي آهي ته اينٽي ٽيٽانس ويڪسين جا 3 ڊوز ڏيڻ سان 5 سالن تائين بيماريءَ کان تحفظ حاصل ڪري سگھجي ٿو. اهڙو علاج ڪرائڻ سان حاملا عورتن کي پڻ تحفظ حاصل ٿي ويندو آهي پر معلومات نه هجڻ جي ڪري عورتون اڪثر ڪري اهڙو علاج نه ٿيون ڪرائين. گائناڪالاجسٽ پاران مشورو ڏيڻ باوجود ٻهراڙيءَ سان تعلق رکندڙ عورتون گھڻي ڀاڱي اهڙي علاج کان لنوائي وينديون آهن جڏهن ته ڪيترائي مرد پڻ حادثو ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽرن جي مشوري باوجود جهٽڪن واري بيماريءَ کان بچاءَ واري ويڪسين ناهن ڪرائيندا.
ڊاڪٽر خان اهو پڻ ٻڌايو ته ”جهٽڪن واري بيماريءَ کان بچڻ جو بهترين طريقو اهوئي آهي ته اهڙا احتياطي اپاءَ ڪري وٺجن جو ان بيماريءَ جا جيوڙا جسم ۾ داخل نه ٿين، ان ڪري ٻار جي پيدائش يا آپريشن وقت صاف سٿرن اوزارن کي استعمال ڪرايو وڃي ۽ حمل دوران اينٽي ٽيٽانس ويڪسين لڳرائي وڃي. جڏهن ته بيماري لڳڻ کانپوءِ ٽي آءِ جي انجيڪشن لڳرائي وڃي“.
هاڻي وري موٽئون ٿا جهٽڪن جي بيماريءَ ۾ ورتل مريضن جي وارڊ ۾، جتي اونداهيءَ ۾ ويٺل مائرون پنهنجي ٻارن تي نظرون کپائي ويٺل آهن. وارڊ ۾ موت جهڙي خاموشيءَ جو راڄ آهي. جهٽڪن جي بيماريءَ ۾ ورتل مريضن کي اڪيلائيءَ ۽ اوندهه ۾ خاموشيءَ سان رکيو ويندو آهي. اهي سڀ مريض خيبرپختونخواه صوبي جي مختلف علائقن مان ان ڪري ڪهي هتي آيا آهن ڇو ته سندن علائقن ۾ ان بيماريءَ جو علاج موجود نه آهي.
نصيب نواز جي گھرواريءَ جي اکين هيٺان ڪارا داغ پئجي چڪا آهن ڇو ته هوءَ ڪيترين ئي راتين کان ننڊ به ناهي ڪري سگھي. هوءَ اهو پڻ نه ٿي ڄاڻي ته سندس پٽ سان اڳتي ڇا ٿيندو. هوءَ بس ايترو ئي چئي سگھي ته ”منهنجي پٽ کي اوچتو ئي دورو پيو“.