صحافين خلاف دهشتگرديءَ جي انت واري قانونن جو استعمال

0
1520

ڪراچي: جيتوڻيڪ پاڪستاني حڪومت پاران گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن طرفان انساني حقن جي پاسداريءَ واري سلسلي تحت ٿيندڙ ”يونيورسل پيراڊڪ رِوِيو“(UPR) آڌار هتڪ عزت وارن قانونن ۾ سزائن جون سختيون گھٽائڻ بابت سفارشن کي چڱيءَ ريت پروڙيو ۽ تسليم به ڪيو ويو آهي پر ان باوجود پاڪستان ۾ صحافين مٿان دهشتگردي جي انت وارن قانونن تحت ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن ۽ انهن قانون تحت کين سزائون به ڏنيون پيون وڃن.

سنڌ صوبي جي نوشهروفيروز ضلعي ۾ قائم اينٽي ٽيررازم ڪورٽ (دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت) اينٽي ٽيررازم ايڪٽ (اي ٽي اي) 1997 تحت ٻن صحافين کي ست، ست سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ڏني آهي، ڄاڻايل قانون تحت هي اهو پهريون ڪيس آهي جنهن تحت صحافين کي سزا ٻڌائي وئي. ڄاڻايل قانون تحت صحافين کي سزا ملڻ سبب نه صرف ڳڻتيءَ جي لهر ڦهلي پر دهشتگرديءَ جي روڪٿام واري قانون تحت صحافين مٿان ڪيس داخل ڪرڻ واري رجحان ۾ واڌارو پڻ اچي رهيو آهي. ڪيترائي ماڻهو ته ان وقت به حيران ٿي ويا جڏهن ضلعي شهيد بينظيرآباد (اڳوڻي نوابشاهه ضلعي) مان مهراڻ ٽي ويءَ جي رپورٽر اظهار مريءَ کي دهشتگرديءَ جي انت واري قلمن هيٺ گرفتار ڪيو ويو.

ٻئي طرف صحافين پاران داخل ڪرايل اپيل تحت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سکر بئنچ پاران 09 مئي 2017 واري ڏهاڙي دهشتگرديءَ جي روڪٿام واري عدالت پاران هفتيوار اخبار ”ساهتيءَ جو آواز“ جي صحافين اخلاق جوکيو ۽ قربان گاڏهيءَ کي ڏنل سزا تي عمل روڪيندي کين ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد اتر سنڌ جي سينٽرل جيل سکر ۾ قيد انهن صحافين کي آزاد ڪيو ويو.

ٻنهي صحافين جي ڪيس جي پوئواري ڪندڙ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي عهديدار لالا اسد ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته صحافين کي سزا اچڻ بعد پرڳڻي اندر اي ٽي اي قانون تحت صحافين مٿان ڪيس داخل ٿيڻ واري رجحان ۾ اضافو اچي ويو آهي ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته ضلعي پوليس آفيس نوشهروفيروز جي هڪ اڪائونٽنٽ پاران سماء ٽي ويءَ جي صحافيءَ زاهد راڄپر، سندس زال روحي بانو، اي آر واءِ نيوز جي يونس راڄپر، جيو نيوز جي مصطفيٰ تڳر، مظهر خاصخيلي ۽ مرتضيٰ خلاف عدالت ۾ اي ٽي اي ۽ هتڪ عزت واري قانون تحت درخواست داخل ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل صحافين کانئس ڀتي جي گھر ڪئي.

ان کان علاوه نوشهروفيروز ضلعي جي شهر مٺياڻيءَ سان تعلق رکندڙ سنڌ ٽي وي جي رپورٽر امتياز ڀٽيءَ، روزاني عبرت جي الاهي بخش ڀٽيءَ، مسرور چانڊيو، ڊاڪٽر برڪت ملڪ ۽ رانا سرور مٿان به هڪ پوليس آفيسر پاران اخبارن جي وڪري واري اسٽال هٽرائڻ جي معاملي تان شروع ٿيل تڪرار کانپوءِ اي ٽي اي تحت علائقي جي ماتحت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهائيندي زاهد راڄپر چيو ته ”حقيقت اها آهي ته اسان ڪانسٽيبل/ڪلرڪ سطح جي ملازم کي ضلعي پوليس آفيس ۾ اڪائونٽس آفيسر مقرر ڪرڻ ۽ سندس مبينه بدعنوانيءَ بابت خبر ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڄاڻايل اڪائونٽس آفيسر صحافين خلاف اي ٽي اي قانون تحت جعلي ڪيس داخل ڪرائڻ چاهي ٿو“. ڪوڙي ڪيس ۾ بي بنياد الزام لڳائڻ خلاف صحافين پاران وڏي انگ ۾ شهيد بينظيرآباد ڊويزن جي ڊي آءِ جي پوليس جي آفيس ٻاهران احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ڊي آءِ جي پاران صحافين کي خاطري ڪرائي وئي ته ڄاڻايل معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي ويندي ۽ قانون موجب قدم کنيو ويندو.

پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر ۽ صحافين جي ڪيسن جي پوئواري ڪندڙ ايڊووڪيٽ شبير شر ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صحافين مٿان داخل ڪيسن ۾ اي ٽي اي جا قلم شامل ڪرڻ ۽ صحافين کي سزائون اچڻ بابت شديد اعتراض ظاهر ڪندي چيو ته ”جڏهن ٻنهي صحافين مٿان اي ٽي اي جي قلم تحت لڳايل ڏوهه ثابت نه ٿي سگھيا ته اهڙي صورت ۾ دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت پاران هتڪ عزت واري قانون تحت کين سزا ڏيڻ جو ڪو به جواز نه آهي“.

ايڊووڪيٽ شبير شر چيو ته جهڙيءَ ريت صحافين مٿان جنهن ڏوهه جو الزام لڳايو ويو اهو ضمانت جوڳو هيو ان هوندي به عدالت پاران سندن دليل ٻڌڻ ۽ کين ضمانت ڏيڻ ۾ ٽن مهينن جو وقت لڳي ويو، انهيءَ نوعيت جي ڪيسن ۾ گھڻو ڪري ته ايئن ناهي ٿيندو پر هن ڪيس ۾ ايئن ان ڪري ٿيو ڇاڪاڻ ته صحافين مٿان ڪيس داخل ڪرڻ واري فرد سياسي ۽ مالي اثر رسوخ کي استعمال ڪيو.   

اينٽي ٽيررازم ايڪٽ جي شق 06 (ڪي) ۾ چيل آهي ته پيسن يا ملڪيت جي صورت ۾ زبردستي ڀتو وٺڻ واري عمل کي دهشتگرداڻو فعل تصور ڪيو ويندو ۽ اهو صحافين مٿان لاڳو ڪيو ويو، جڏهن ته اي ٽي اي جي شق نمبر 07 سزائن متعلق آهي.

ياد رهي ته سنڌ جي بدين ضلعي سان تعلق رکندڙ ٽن صحافين مرتضيٰ ميمڻ، مهرالدين مري ۽ حاجن خان لاشاريءَ مٿان به 2015 ۾ اي ٽي اي تحت ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.

ان کان اڳ خيبرپختونخواه صوبي جي ڏاکڻين حصي ۾ واقع ڪوهاٽ ضلعي جي پوليس پاران رائل ٽي ويءَ جي رپورٽر فرحان احمد بنگش کي ”تشدد لاءِ ڀڙڪائڻ“ واري الزام تحت گرفتار ڪيو ويو هيو. پشاور هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائڻ بعد انهيءَ صحافيءَ کي 14 ڏينهن بعد آزادي نصيب ٿي.

نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد مطابق، گلگت بلتستان پوليس پاران مقامي صحافي شبير سهام خلاف گلگت بلتستان جي اطلاعات واري وزير پاران ”مبينه طور تي جعلي خبر شايع ڪري“ کانئس ڀتي جي تقاضا ڪرڻ بابت جمع ڪرايل شڪايت آڌار 20 مارچ 2017 واري ڏهاڙي اينٽي ٽيررازم ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.

هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) جي سنڌ بابت ٽاسڪ فورس جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر اشو ٿاما تجزيوڪندي چيو ته صحافيءَ سميت ڪنهن به فرد خلاف خصوصي عدالت کي استعمال ڪرڻ جي حوصلي شڪني ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته انهيءَ صورت ۾ ملزم قرار ڏنل کي پنهنجي بچاء جا تمام گھٽ موقعا ميسر ٿي سگھندا آهن.

ٽرٿ ٽريڪر جي سوال جو جواب ڏيندي اشوٿاما چيو ته صحافين پاران بليڪ ميل ڪرڻ متعلق جيڪي به الزام سامهون اچن ٿا، انهن الزامن جي تفصيلي جاچ سينئر پوليس آفيسرن ۽ صحافتي يونينز پاران ڪئي وڃڻ گھرجي.

ڪجهه صحافين جي ڪرپشن ۽ بليڪ ميلنگ ۾ ملوث هجڻ واري معاملي جي جاچ ڪرڻ متعلق پي ايف يو جي ڪردار بابت ٽرٿ ٽريڪر پاران ڪيل سوال جو جواب ڏيندي لالا اسد چيو ته پي ايف يو جي پاران واضح انداز سان فيصلو ڪيو ويو آهي ته اهڙي قسم جي الزامن جي موذون جاچ ڪئي ويندي ۽ جاچ جي اهڙي ذميواري صحافين جي مقامي يونين يا پريس ڪلب مٿان رکي ويندي ۽ جيڪڏهن الزام ثابت ٿيا ته سخت قدم پڻ کنيا ويندا.

ميڊيا ۾ آيل خبرن مطابق، پنجاب جي اوڪاڙه ضلعي سان تعلق رکندڙ حافظ حسنين سميت ست صحافين ۽ بلوچستان جي ڪوئيٽا ضلعي سان تعلق رکندڙ صحافين کي اي ٽي اي قانونن تحت داخل ٿيل ڪيسن ۽ گرفتارين واري صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته بلوچستان جي دالبدين واري علائقي سان تعلق رکندڙ صحافي علي رضا رند جو نالو فورٿ شيڊيول (مبينه دهشتگردن جي نظرداريءَ واري لسٽ) ۾ شامل ڪيو ويو. ڪنهن به شخص جو نالو جڏهن ڄاڻايل لسٽ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي ته پوءِ انهيءَ شخص کي پنهنجي حد جي ٿاڻي تي وڃي هر روز پنهنجي موجودگيءَ جو اطلاع ڏيڻو هوندو آهي ۽ علي رضا رند مٿان الزام آهي ته هن جا لاڳاپا پابندي مڙهيل تنظيم بلوچستان لبريشن آرميءَ جي ويڙهاڪن سان آهن. 

پنجاب يونين آف جرنلسٽس (پي يو جي) جي سيڪريٽري جنرل عامر سهيل دهشتگرديءَ جي انت واري قانون تحت صحافين مٿان ڪيس داخل ٿيڻ متعلق خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته پي يو جي پاران نه صرف اهڙي عمل خلاف احتجاج ڪيو ويو پر پنجاب حڪومت ۽ پوليس اختيارين سان رابطو ڪري اهڙي نوعيت جي سرگرمين کي روڪڻ جو مطالبو به ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ صحافين جي ڪجهه سهائتا پڻ ٿي.

ياد رهي ته دهشتگرديءَ جي انت واري ميرپور خاص ۾ قائم عدالت پاران هڪ اخبار ”الک“ جي پبلشر ۽ مالڪ ظهور انصاريءَ توڙي اخبار ۾ ڪالم لکندڙ ايوب کوسو کي توهين رسالت ۽ اي ٽي اي قانونن تحت 1999 ۾ داخل ٿيل هڪ ڪيس تحت 17 سال سخت پورهئي سان قيد  ۽ 17 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي هئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حيدرآباد بئنچ پاران 18 آڪٽوبر 2002 واري ڏهاڙي ڄاڻايل عدالت جي فيصلي تي عمل روڪيندي ڪيس ٻيهر سماعت هيٺ آڻڻ خاطر ٽرائل ڪورٽ ڏانهن واپس اماڻڻ جو حڪم ڏنو ويو هيو.

ٽرٿ ٽريڪر جي سوال جو جواب ڏيندي ايڊووڪيٽ شبير شر صلاح ڏيندي چيو ته متاثر ٿيل ڌر، بلڊر خلاف، جيڪو وڪيل پڻ آهي، هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪرائي سگھي ٿي ۽ صحافي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس پڻ داخل ڪرائي سگھن ٿا. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ماتحت عدالتن توڙي خصوصي عدالتن ۾ ڪي به موثر قدم ناهن کنيا ويا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here