پشاور ۾ ننڍي ڄمار جي ڪنوارين کي وڏو ظاهر ڪرڻ لاءِ خطرناڪ دوائن جو استعمال

0
1407

پشاور: قانون جو ريڊار هاڻي انهن ڪنوارن جي نشاندهي نه ڪري سگھندو جن جي ٻاراڻي وهيءَ ۾ ئي شادي ڪرائي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته اهڙين ڇوڪرين جو وزن وڌائڻ خاطر کين خاص دوائون کارايون وڃن ٿيون جن جي ڪري هو بالغ نظر اچڻ لڳن ٿيون.

سموري پاڪستان اندر ٻاراڻي وهيءَ ۾ شاديون ڪرائڻ جو رواج عام آهي ۽ اڪثر خاندان پنهنجي ٻارن کي 18 سالن جي عمر کان به پهريان ئي پرڻائي ڇڏين ٿا. ڪجهه واقعن ۾ ته ٻارن جي عمر تمام ننڍي هوندي آهي.

پاڪستان جي قبائلي پرڳڻي ۾ اهڙن واقعن جو تعداد تمام گھڻو آهي جيڪي پاڪستان جي حڪومت ۽ ميڊيا جو ڌيان اڃان تائين ڇڪائي ناهن سگھيا. ارڙنهن سالن کان گھٽ عمر وارن ٻارن جون شاديون والدين پاران مختلف مذهبي توڙي مقامي رسمن ۽ رواجن مطابق ڪرايون وڃن ٿيون.

پشاور واديءَ جي ”يڪاتُوت“ واري علائقي جي سحرش (هي فرضي نالو آهي) جي والدين جڏهن سندس شادي 33 سالن جي عمر واري شخص سان ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ته ان وقت سندس عمر 14 سال هئي. اسڪول وڃي تعليم پرائڻ واري عمر ۾ اوچتو ئي اوچتو ڪنوار بڻجڻ واري مشڪل مرحلي ۾ داخل ٿي ويل سحرش مسڪرائيندي ٻڌايو ته ”مونکي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته مونسان ڪهڙي ويڌن ڪئي پئي وئي، مونکي پنهنجي اسڪول جي سهيلين واتان صرف ايترو ٻڌڻ لاءِ مليو ته شادي هر ڇوڪريءَ جي زندگيءَ جو اهم معاملو آهي.

شاديءَ کان اڳ مونکي هڪ سيرپ پياريو ويندو هيو ۽ رڳ ۾ لڳندڙ ڊرپ لڳائي ويندي هئي جنهن منهنجي سنهڙي سراپي کي وزندار شڪل ڏئي ڇڏي ۽ مان پنهنجي عمر کان وڏي نظر اچڻ لڳس“.

ساڳئي علائقي جي ڪيترين ئي ٻين ڇوڪرين جون شاديون به سندن عمر جي ابتدائي ڄمار وارن سالن دوران ڪرايون ويون جنهن ڪري هو تعليم حاصل ڪرڻ واري حق کان محروم ٿيون ۽ ننڍي عمر واري ڪنورا ٿيڻ جا نقصانڪار اثر به کين سهڻا پيا.

سحرش جي ماءُ ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”سندس ڌيءُ ڪمزور هئي ۽ دوائن کارائڻ جو مقصد هرگز اهو نه هيو ته سحرش ۾ ڪا تبديلي اچي ۽ هوءَ بالغ عمر واري ڇوڪري نظر اچڻ لڳي. مقامي ڊاڪٽرن جي مشوري سان ٻيا ڪيترائي خاندان به پنهنجي ڇوڪرين کي اهي دوائون کارائيندا آهن“. سوالن جا جواب ڏيندي سحرش جي ماءُ اهو پڻ ٻڌايو ته هڪ پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽور جنهن جي عملي وٽ ڪا سَنَد يا لائسنس به نه آهي اهي پاڻ کي ڊاڪٽر سڏائيندا آهن ۽ سندن ڳوٺ ۾ ڊاڪٽريءَ وارو ڪم ڪندا رهندا آهن. انهيءَ قسم جا ڊاڪٽر پشاور جي پسگردائيءَ ۾ عام طور تي کلئي عام دڪان هلائيندا رهن ٿا“.

پنهنجي ٻارن جون ننڍيءَ عمر ۾ شاديون ڪرائڻ واري معاملي کي اڪثر ڪري والدين ئي ٻين کان لڪائيندا رهندا آهن، اهڙي ڪم ۾ جيئن ته هو پاڻ ئي ملوث هوندا آهن ان ڪري حڪومتي مداخلت کان بچڻ خاطر هو پنهنجي ڏوهه جي پرده داري به پاڻ ڪندا آهن.

اويئر گرلز نالي سماجي تنظيم جي شريڪ بانيڪار صبا اسماعيل ملڪ اندر هلندڙ ٻاراڻي وهيءَ وارين شادين جي رجحان متعلق پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ”پاڪستان ۾ اهڙو ذهني لاڙو موجود آهي جنهن تحت ڌيئرن لاءِ تصور ڪيو ويندو آهي ته انهن کي پرائو گھر وسائڻو آهي يا ننڍي لاڪون ئي ڌيئرن متعلق ايئن سوچيو ويندو ته هڪ نه هڪ ڏينهن ته انهن کي شادي ڪرڻي ئي آهي“.

صبا اسماعيل جي راءِ آهي ته ”اهڙي ذهني لاڙي جون پاڙون اسانجي سماجي رواجن ۾ تمام گھڻيون پختيون ٿيل آهن  ۽ انهيءَ عام رواجي چوڻيءَ جو اصطلاح پشتو زبان ۾ به آهي، جنهن ۾ چيو ويندو آهي ته هڪ عورت کي ٻئي جو گھر ئي سنڀالڻو هوندو آهي“. صبا جو چوڻ هو ته ”پاڪستان مان جيستائين ڇوڪرين سان امتيازي سلوڪ جو مڪمل خاتمو نه ايندو تيستائين ٻاراڻي وهيءَ واريون شادين روڪڻ به مشڪل آهي“.

”انسٽيٽيوٽ آف سوشل جسٽس“ پاران 2001 ۾ شايع ڪيل هڪ دستاويز مطابق، هڪ اندازي موجب 37 سيڪڙو عورتن جي شادي مبينه طور تي 18 سالن جي ڄمار کان اڳ ڪرائي وئي، جيڪا شرح هاڻي به برقرار آهي.

وزن ۾ اضافي لاءِ دوائن واپرائڻ کي ڊاڪٽرن ۽ صحت جي ماهرن غيرضروري قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙي صورت ۾ جڏهن غيرمستند ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي يا ميڊيڪل اسٽورن جي عام ملازمن پاران ڄاڻايل دوائن کي واپرائڻ جي صلاح ڏني وڃي ته اهو فعل غيراخلاقي به ٿي پوي ٿو.

خيبرپختونخواه ٽيچنگ اسپتال پشاور جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر سعود مطابق، ماڻهو اڪثر ڪري ملٽي وٽامن دوائون فيفول وِٽِ ۽ ٽرائيم ٽيبول  جهڙا سيرپ استعمال هيٺ آڻين ٿا جيڪي گھڻي کاڌي کي هضم ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت هوندا ۽ ان سان گڏ ئي هو اهڙيون انجيڪشنز به استعمال ڪن ٿا جيڪي اضافي توانائي ڏيندڙ هجن. انهن ڳالهين کان هٽي ڪري dectadrone جهڙيون انجيڪشنز جيڪي جنسي هارمونن ۾ اضافي لاءِ استعمال ٿينديون آهن ڪڏهن به ڪو مستند ڊاڪٽر انهن جي استعمال جي اجازت ناهي ڏيندو ڇو ته اهي دوائون کائڻ کانپوءِ ماڻهو حقيقي عمر کان وڏو نظر اچڻ لڳندو آهي ۽ اهڙين دوائن جا ڪيترائي منفي اثر به ظاهر ٿي پوندا آهن.

ڊاڪٽر سعود جو چوڻ هو ته اهڙين دوائن جو استعمال ان ڪري به خطرناڪ هوندو آهي ڇو ته انهن کي واپرائڻ سان هارمونن جي فطري واڌ جو استحصال ٿيندو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ جسم ۽ منهن تي سوڄ ٿي پوندي آهي ۽ ٻارن جي هڏين جي واڌ ويجهه رڪجي پوندي آهي. ”جعلي ڊاڪٽر (عطائي ڊاڪٽر، جيڪي عام طور تي غلط ڪارين تي عمل ڪندا آهن) اهي ڳوٺن ۽ ڪچين آبادين ۾ هلندڙ پنهنجي ڪلينڪس وسيلي ماڻهن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن. ڊاڪٽر سعود چيو ته اهڙي قسم جي دوائن سبب پاسراٽين جي هڏين جي واڌ ويجهه ۽ ڳورهاري ٿيڻ واري صلاحيت تي به اثر پوندا آهن.

صباء جو چوڻ هو ته ”مرداڻي غلبي واري سماج ۾ ٻاراڻي وهيءَ ۾ ٿيندڙ شاديون والدين کي عزت جو اهو احساس به ڏيارين ٿيون جيڪو عورت جي وجود سان سلهاڙيل آهي. ٻئي طرف مردن جي اجاره داريءَ واري نظام تي عمل ڪندڙ خاندان پنهنجي عورتن کي ضابطي ۾ رکڻ  ۽ انسان طور حاصل برابريءَ وارن حقن کان عورتن کي محروم به رکڻ چاهيندا آهن، اهو ئي سبب آهي ته، هو ڇوڪرين جي جلد کان جلد شادي ڪرائڻ چاهيندا آهن“.

صبا چيو ته ”ننڍي وهيءَ وارين ڇوڪرين جي جسم کي بالغ عمر وارين جهڙو بنائڻ لاءِ دوائن جو استعمال ڪرائڻ غيرانساني فعل آهي، اهڙي عمل سبب ڇوڪري بالغ ته نظر اچڻ لڳندي ۽ پنهنجي عمر کان وڏي محسوس ٿيندي پر هن جي جسماني بيهڪ واري نظام، سندس ذهن ۽ سندس خوابن کي ته پوءِ به نشونما جي ضرورت رهندي ۽ اهو سندس حق آهي ته ساڻس عزت ۽ آبروءَ واري انداز وارو سلوڪ ڪيو وڃي“.

واضح طور تي نظر اچي رهيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت چئني صوبن ۾ ٻاراڻي وهيءَ وارين شادين جي غيرقانوني وهنوار کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي آهي.

پشاور سان تعلق رکندڙ قانوندان ظهور رحمان ان حوالي کان قانون جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ”ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن کي جن شعبن ۾ قانونسازيءَ جا حق ڏنا ويا آهن انهن ۾ ٻاراڻي وهيءَ واريون شاديون به شامل آهن پر خيبرپختونخواه صوبي جي حڪومت 2014 ۾ تجويز ڪيل قانون جي مسودي کي اڃان تائين به منظوري ڏياري ناهي سگھي“.

ظهور رحمان چيو ته ”ٻاراڻيءَ عمر وارين شادين تي بندش وجهندڙ قانونن متعلق ملڪ اندر تضاد موجود آهن ڇو ته پاڪستان جي اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران پڌرائي ڪئي وئي آهي ته هڪ ڇوڪري 09 سالن جي ڄمار ۾ به بلوغت کي پهچي سگھي ٿي ۽ ان جي شادي ڪري سگھجي ٿي اها پڌرائي انساني حقن جي عالمي پڌرنامي سان ڪنهن به ريت مطابقت نه ٿي رکي“.

ظهور رحمان ٻڌايو ته ”مسلم اينڊ فيملي لا آرڊينينس 1961 ۾ڇوڪريءَ جي بلوغت بابت عمر واري حد ۾ اضافو ڪندي ان کي گھٽ ۾ گھٽ 16 سال مقرر ڪيو ويو ان کان اڳ بلوغت جي عمر 14 سال هئي پر جيڪڏهن اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سفارش کي عمل هيٺ آندو ويندو ته پوءِ تمام گھڻا مونجهارا پيدا ٿي پوندا“.

جيتوڻيڪ سحرش پنهنجي جيون ساٿيءَ سان خوش رهي ٿي پر اسڪول مان تعليم پرائڻ، راند کيڏڻ ۽ وقت سان گڏ وڌي وڏو ٿيڻ ۽ سوچ سمجهه واري ڪنوار ٿيڻ وارو وقت گذارڻ جي وِٿي نه ملڻ جو افسوس اڃان به کيس ستائيندو رهندو آهي. سحرش چيو ته جڏهن سڄو خاندان ۽ والدين ڪنهن جي مقدر جو فيصلو طئي ڪري ڇڏين ته اهڙي صورت ۾ ڪير ڪري به ڇا ٿو سگھي اسان ته صرف ۽ صرف سندن هدايتن جي پوئواري ئي ڪري سگھئون ٿيون ڇاڪاڻ ته کين اهو ئي سيکاريو ويندو آهي ته هر حال ۾ پنهنجي وڏن جي عزت ڪيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here