پشاور: فاٽا سيڪريٽريٽ جي ايجوڪيشن کاتي پاران عالمي اداري يونيسيف جي سهڪار سان قبائلي علائقن جي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن کي اڃان تائين نصابي ڪتاب مهيا نه ڪرڻ سبب فاٽا (وفاق جي انتظامي عملداريءَ هيٺ رهندڙ قبائلي علائقن) اندر ڳڻتيءَ واري رجحان ۾ اضافو ٿيڻ لڳو آهي.

هڪ پاسي اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي داخلا وڌائيندي کين ڪلاس روم تائين پهچائڻ واري مهم هلندڙ آهي ته ٻئي طرف نصابي ڪتابن جي عدم موجودگيءَ کانسواءِ ئي نئون تعليمي سال 08 اپريل کان شروع ٿي چڪو. ان کان علاوه اها ڳالهه به ڏينهون ڏينهن چِٽائيءَ سان سامهون اچي رهي آهي ته تسلي بخش قانونن ۽ نگرانيءَ واري نظام جي غير موجودگيءَ سبب فاٽا ۾ مقرر سرڪاري آفيسر بغير ڪنهن خوف جي اختيارن جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن.

فاٽا جا قبائلي علائقا افعانستان ۽ خيبرپختونخواه صوبي جي وچ ۾ واقع آهن، انهن علائقن کي ڌار انتظامي رتبو ڏئي انگريزن جي بيٺڪيتي راڄ دوران تيار ڪيل فرنٽيئر ڪرائيمز ريگيوليشنز (ايف سي آر) وارن قانونن جي مجموعي وسيلي انهن علائقن مٿان انتظامي عملداري قائم ٿيل آهي. جڏهن ته فاٽا جي انتظامي جرڳن کي جهڙيءَ ريت نگهبانيءَ کان آجا اختيار مليل آهن انهن جي ڪري ايف سي آر جا قانون تمام گھڻو بدنام ٿي چڪا آهن جنهن ڪري انهن کي ”ڪارا قانون“ سڏيو وڃي ٿو.

فاٽا سيڪريٽريٽ جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت کان جهجها مالي وسيلا حاصل ڪندي رهي ٿي پر علائقي ۾ نالي ماتِر ئي تبديلي اچي سگھي آهي بدقسمتيءَ سان بنيادي تعليم جو شعبو به انهن مان هڪ آهي. نگرانيءَ واري نظام جي عدم موجودگيءَ ۽ پاليسين جي اڻهوند سبب ايئن نظر ٿو اچي ته بنيادي تعليم وارو شعبو درست راهه کان تمام گھڻو ڀٽڪي چڪو آهي. گذريل ڏهاڪي دوران دهشتگردن هٿان تباهه ٿيل اڪثر اسڪولن کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي ضرورت آهي، تباهه ٿيل اسڪولن مان ڪيترا ئي اسڪول اڃان به پاڪ فوج جي استعمال هيٺ آهن جڏهن ته ڪيترائي اسڪول هاڻي به بند پيل حالت ۾ موجود آهن.

جڏهن ته اهڙا اسڪول جتي تدريسي عملو مقرر ٿيل ناهي، انهن اسڪولن جي شاگردن لاءِ امن امان واري صورتحال سان لاڳاپيل مشڪلاتن ۽ فاٽا سيڪريٽريٽ جي تعليم واري کاتي جي انتظاميا پاران مدد نه ڪرڻ سبب فائنل جا امتحان ڏيڻ به انتهائي مشڪل معاملو بڻيل آهي.

تعليم حاصل ڪرڻ بنيادي انساني حق آهي. تعليم جي حقن بابت گڏيل قومن جي عالمي پڌرنامي تي پاڪستان طرفان 1989 ۾ صحيح ڪئي وئي. جڏهن ته ان جي پوئيواري ڪندي  آئين جي شق 25 اي متعارف ڪرائي وئي جنهن موجب هر ٻار جو اهو حق آهي ته هو اسڪول وڃي تعليم حاصل ڪري. آئين جي انهيءَ شق ۾ چيل آهي ته ”رياست پنجن کان 16 سالن جي ڄمار وارن سمورن ٻارن کي جهڙيءَ ريت قانونن ۾ واضح ٿيل آهي مفت ۽ لازمي تعليم مهيا ڪري ڏيڻ جي پابند هوندي“.

”انيشيئيٽر هيومن ڊولپمينٽ فائونديشن (آءِ ايڇ ڊي ايف)“ جي صدر ۽ وڪيل رانا آصف حبيب سان ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران هن جو چوڻ هيو ته ”فاٽا جي سرڪاري اسڪولن ۾ نصابي ڪتاب دستياب نه هجڻ وزيراعظم جي انتظامي بصيرت، گڏيل قومن جي پڌرنامي ۽ آئين جي شق 25 اي جي ڀڃڪڙي آهي، لاڳاپيل اختيارين کي پابند بڻايو وڃڻ گھرجي ته اهي اسڪولن ۾ درسي ڪتاب بروقت مهيا ڪري ڏين.

اهو ته واضح ٿي چڪو آهي ته لاڳاپيل سرڪاري عملدار نئون تعليمي سال شروع ٿيڻ کان پهريان ٻارن کي درسي ڪتاب مهيا ڪري ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن جنهن ڪري ٿي سگھي ٿو ته ڪيترائي ٻار تعليم وٺڻ واري سلسلي کي جاري رکي نه سگھن“. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪلاس روم اندر شاگردن وٽ ڪو درسي ڪتاب ئي نه هوندو ته پوءِ اسڪول اچڻ بابت سندن شوق به هوريان هوريان گھٽجي ويندو.

ٽرٿ ٽريڪر پاران قبائلي علائقن جي اسڪولن ۾ درسي ڪتاب فراهم نه ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ڪندي ان جي تصديق ڪيترن ئي استادن ۽ علائقي جي اهم ذريعن کان به ڪئي وئي آهي. ذريعن تصديق ڪئي آهي ته اسڪولن جي ذميوارن پاران جيتوڻيڪ ”ايجنسي ايجوڪيشن آفيسرن“ سان رابطو ڪري ڪتاب ڏيڻ جي گھر ڪيترائي ڀيرا ڪئي وئي پر ان جي موٽ ۾ ڪنهن کي به ڪتاب مهيا نه ڪيا ويا.

ٽرٿ ٽريڪر کي پتو پيو آهي ته اٺين درجي جي شاگردن کي صرف ٻه ڪتاب، نائين درجي جي شاگردن کي صرف ٽي ۽ ڏهين درجي جي شاگردن کي صرف انگريزيءَ جو ڪتاب ڏنو ويو آهي.

فاٽا جي استادن وڌيڪ معلومات ڏيندي ٻڌايو ته، هي ڪو پهريون ڀيرو نه آهي جو اهڙي قسم جي صورتحال ڏسڻي پئي هجي، اهڙي صورتحال هر سال پيدا ٿيندي رهندي آهي ۽ اسان ان بابت تعليم کاتي کي آگاهيون ڏيندا رهندا آهيون. سرڪاري اختياريون اسانکي اهو آسرو ئي ڏينديون رهنديون آهن ته جلد درسي ڪتاب پهچايا ويندا پر مسئلو بروقت حل ناهي ٿي سگھندو.

ٽرٿ ٽريڪر کي اها حقيقت پڻ معلوم ٿي آهي ته خيبرايجنسيءَ ۾ واقع اسڪولن جي هيڊ ماسترن پاران شهري علائقن جي اسڪولن ۾ ذاتي طور تي وڃي ۽ رابطا ڪري ڪتاب عطيو ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. ساڳي نوعيت جي معاملي جي نشاندهي ڪوهاٽ مان پڻ ٿي آهي. ٽرٿ ٽريڪر پاران هي معاملو جڏهن فاٽا سيڪريٽريٽ جي تعليم واري کاتي سان بحث هيٺ آندو ويو ته سرڪاري آفيسرن پڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ڏکڻ، اتر وزيرستان، خيبر ۽ ڪُرم ايجنسيءَ کي پهريان ئي ڪتاب مهيا ڪري ڏنا ويا آهن.

ٽرٿ ٽريڪر جي مشاهدي ۾ آيو آهي ته فاٽا سيڪريٽريٽ پاران ڪُرم ۽ وزيرستان ايجنسين مٿان خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. سال 2014-15 دوران فاٽا ۾ تعليم جي شعبي لاءِ رکيل مجموعي بجيٽ مان ڏکڻ وزيرستان ايجنسيءَ کي 30 سيڪڙو ۽ ڪُرم ايجنسيءَ کي 23 سيڪڙو فنڊ ڏنا ويا جڏهن ته باقي سمورن علائقن ۾ بچي پيل فنڊ ورهايا ويا.

ان کان علاوه ٽرٿ ٽريڪر پاران فاٽا جي انهن ايجنسين مان، جتي اختيارين پاران ڪتاب اماڻڻ جي دعويٰ ڪئي وئي،  معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي وئي ته انهيءَ حقيقت جو انڪشاف ٿيو ته تعليم کاتي جي عملدارن جي دعويٰ ڪوڙ تي ٻڌل آهي. انهن علائقن جي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته جن علائقن ۾ تعليم کاتي ڪتاب مهيا ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي انهن علائقن جي ڪنهن به اسڪول کي ڪتاب اڃان تائين به ناهن مليا. تعليم کاتو اسڪولن کي جيڪي ڪتاب ڏيندو آهي انهن جو ڪو رڪارڊ به پاڻ وٽ محفوظ ناهي رکندو.

جاچ ڪرڻ تي اسڪولن جي هيڊ ماسٽرن پاران انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اهڙن اسڪولن جو تعداد تمام ٿورو آهي جن کي درسي ڪتاب ملي چڪا آهن ۽ اهڙن اسڪولن کي به ڪتاب صرف ان بنياد تي مليا آهن ڇاڪاڻ ته اتان جي هيڊماسٽرن جا فاٽا سيڪريٽريٽ وارن سان ذاتي لاڳاپا آهن.

فاٽا سيڪريٽريٽ جي تعليم کاتي پاران نشاندهي ڪئي وئي آهي ته جيتوڻيڪ هن معاملي کي خيبرپختونخواه صوبي جي تعليم کاتي جي اختيارين ۽ اسلام آباد ۾ ويٺل درسي ڪتابن جي پبلشرن آڏو به اٿاريو ويو آهي پر درسي ڪتابن جو معاملو هڪ دائري ۾ ڦاسي چڪو آهي. تعليم کاتي پاران ڪيل نشاندهيءَ مطابق جيئن ته ڪتابن جي اشاعت وارا مرڪز سندن اختيار ۾ نه آهن ان ڪري ئي هي معاملو سندن ضابطي ۾ اچڻ کان ٻاهر آهي. ان هوندي  به کاتي جي آفيسرن تصديق ڪئي آهي ته ڪتابن کي اماڻڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي.

ڊيرا اسماعيل خان جي گومل يونيورسٽيءَ جي اسسٽنٽ پروفيسر ذيشان قاسم چيو آهي ته ”درسي ڪتابن کانسواءِ شاگرد ڪهڙيءَ ريت ڪلاس روم اندر وقت گذاري سگھندا، اهڙي معاملي جي ڪري شاگردن جو پڙهائي تان ڌيان ئي هٽي ويندو ۽ امڪان اهي ئي آهن ته داخلا وڌڻ بجاءِ جيڪي ٻار اسڪول نه ٿا اچن اهي اسڪول داخل ٿيڻ کان ئي رهجي ويندا“.

تعليم پرائيندڙ قبائلي ٻارن جي هڪ پيءُ ٽرٿ ٽريڪر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ”توڙي جو دهشتگرد اسانجي زندگين کي تمام گھڻو متاثر ڪن ٿا ان هوندي به اسان شدت پسنديءَ کي ته برداشت ڪري سگھئون ٿا پر اسڪولن ۾ درسي ڪتابن جي اڻهوند کي ڪنهن به ريت برداشت ڪري نه ٿا سگھئون ڇاڪاڻ ته اهڙي عمل جي ڪري سندن ٻارن جو مستقبل ئي تباهه ٿي ويندو“.

تعليم کاتي جا ذميوار اعليٰ آفيسر ڀلي ته ڪهڙيون به دعوائون ڪندا هجن پر سندن انهن دعوائن سان فاٽا جي اسڪولن ۾ درسي ڪتابن جي اڻهوند سبب جيڪا صورتحال موجود آهي ان جو ازالو ڪنهن به ريت نه ٿو ٿي سگھي. اها موجوده وقت جي انتهائي اهم ضرورت آهي ته قبائلي علائقن ۾ تعليمي سرگرمين جي نگرانيءَ خاطر فاٽا سيڪريٽريٽ جي دائره اختيار کان ٻاهر هجڻ وارو سرشتو قائم ڪيو وڃي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگھجي ته درسي ڪتاب تعليمي سال جي شروعات کان گھڻو اڳ ئي شايع ٿي اسڪولن تائين پهچي سگھن. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ٽرٿ ٽريڪر پاران رابطي جون ڪيتريون ئي ڪوششون ڪرڻ باجود گورنر خيبرپختونخواه سان رابطو ٿي نه سگهيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here