بونير: بونير جي علائقي پير بابا جي رهواسي هڪ شخص اسرار حسين جو چوڻ آهي ته، شهر جي پاڻيءَ ۾ سفيد پائوڊر هاڻي ايئن وهندو ٿو رهي جيئن انسان جي رت ۾ ڪي جراثيم ڊوڙندا هجن. پاڻيءَ جي هڪ ناليءَ ڏانهن اشارو ڪندي هن ڏيکاريو ته ضلعي جي انهن علائقن جتي ماربل جا ڪارخانا قائم ٿيل آهن اتان ڪهڙيءَ ريت سفيد پائوڊر پاڻيءَ ۾ گڏاڙجي پوڻ کانپوءِ کيرڌارا وانگر نالين ۾ وهي رهيو آهي.

Marble Powder flowing in water: Photo by News Lens Pakistan/

اسرار حسين جو چوڻ هو ته بونير ۾ ماربل جا ڪارخانا لڳڻ کان اڳ واهن ۽ شاخن جو پاڻي شيشي جيان صاف شفاف هوندو هيو، ڪارخانا قائم ٿيڻ کان پوءِ انهن جو ڪچرو سفيد پائوڊر جي شڪل ۾ فطرت کي وڪوڙڻ لڳو ۽ ماڻهن جي صحت بگاڙڻ لڳو آهي.

بونير ضلعي ۾ ماربل جا ڪارخانا واهن جي ڪناري قائم ٿيل آهن ڇاڪاڻ ته پٿر جي سِرن جي صفائيءَ لاءِ جهجهو پاڻي گھربل هوندو آهي. انهن ڪارخانن ۾ گڏ ٿيندڙ پٿر جي ٻُوري کي ڪنهن ٻئي هنڌ ٺِڪاڻي لڳائڻ بجاءِ سڌيءَ ريت واهن ۾ لوڙهيو ويندو آهي.

بونير ۾ قائم ماربل ڪارخانن جي ايسوسيئيشن جي نائب صدر مراد علي خان جي چوڻ مطابق، بونير ۾ ماربل جي صنعت 1992 کان شروع ٿي آهي پر انهن ڪارخانن جي انگ ۾ تمام گھڻو واڌارو سال 2000 کانپوءِ ٿيو آهي.

فيڊرل بورڊ آف ريونيو جي ”ڊائريڪٽوريٽ آف ٽريننگ اينڊ رسرچ“ مطابق، پاڪستان ۾ ماربل جي پٿر جا 160.2 ملين ٽن جيترا ذخيرا موجود آهن. جن مان 158 ملين ٽن ذخيرا خيبرپختونخواه صوبي ۾ آهن. ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ صوبي جي ماربل وارن ذخيرن جو 50 سيڪڙو صرف بونير ضلعي جي پهاڙن ۾ موجود آهي. ايف بي آر ڊائريڪٽوريٽ جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته، ماربل جا مقامي ڪارخانا جيڪو پٿر ڪڍن ۽ تيار ڪن ٿا اهو سڄي ملڪ جي کپت مطابق هوندو آهي ۽ روزانو لڳ ڀڳ 3 سو ٽن پٿر ڪڍي ان مان ماربل تيار ڪيو وڃي ٿو.

”انٽرنيشنل جرنل آف ريسينٽ رسرچ“ ۾ شايع ٿيل هڪ تحقيقي مقالو ٻڌائي رهيو آهي ته بونير ۾ واقع ماربل جي ڪارخانن مان وهندڙ پٿر جي سنهي ٻُوري ۾ جيڪو ڪيلشيم جو وڏو مقدار شامل آهي اهو ڪجهه علائقن ۾ انساني حياتيءَ کي نقصان پهچائي رهيو آهي. انهيءَ پائوڊر جي ڪري ماڻهن ۾ گردن جون بيماريون خاص ڪري گردي جي پٿري، چمڙي ۽ اکين جون بيماريون ڦهلجي رهيون آهن.

انهيءَ تحقيقي اڀياس ۾ اهو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي ته انهن ڪارخانن جي ڪري نه صرف انساني صحت تي هاڃيڪار اثر پئجي رهيا آهن پر انهن جا ناڪاري اثر علائقي جي فطري حياتيات، قدرتي حسن ۽ فصلن جي پيداوار مٿان به پئجي رهيا آهن. بونير ضلعي جي ماربل وارن ڪارخانن جي ڪري جَر جي پاڻيءَ تي  به ناڪاري اثر پون ٿا. انهيءَ اڀياس ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته، بونير ۾ ماربل جا لڳ ڀڳ 4 سو ڪارخانا لڳل آهن ۽ اهي سڀ پنهنجو ڪچرو واهن جي پاڻيءَ ۾ وهائي رهيا آهن.

ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال بونير جي نرسنگ آفيسر ڊاڪٽر عمر فاروق جو چوڻ هو ته ماربل فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ اڪثر مريض هن اسپتال ۾ اچي علاج ڪرائيندا آهن. انهن مان 50 سيڪڙو مريض ماربل جي ڪارخانن مان اٿندڙ دَزَ جي ڪري ٿيندڙ ساهه جي تڪليف جي شڪايت ڪندا آهن. ڪجهه ڪيسن ۾ ته مريضن کي ڦڦڙن جو ڪينسر به ٿي وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ماربل جي کاڻين ۾ ڌماڪيدار مادي کي ڦاڙڻ جي ڪري جيڪا دز ۽ ڌُوڙ اٿي ٿي ان جي ڪري ساهه جي بيمارين ۾ شدت اچڻ جو خطرو هميشهه ئي رهي ٿو.

باچا خان ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر طارق احمد مطابق، واهن ۽ شاخن ذريعن وهندڙ ماربل جي ڪارخانن جو گند جنهن ۾ ڪيلشيم ڪاربونيٽ جا ذرا شامل هوندا آهن اهي هر صورت ۾ زمين چُوهي وٺندي آهي ۽ ماڻهو هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تان جيئن ته جَر جو پاڻي واپرائيندا آهن ان ڪري اهي امڪان وڌيڪ هوندا آهن ته انهن کي گردن جو مرض ٿي پوندو. انهيءَ حقيقت کي ڄاڻڻ لاءِ تفصيلي تحقيق ٿيڻ جي ضرورت آهي ته جَر جو پاڻي گردن جي پٿري ٿيڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي يا نه.

”بونير ۾ ڀنڀورين جي جهنگلي جيوت ۽ سندن حياتيءَ کي نقصان پڄائيندڙ محرڪ“ جي عنوان سان ٿيل هڪ ٻئي تحقيقي اڀياس ۾ اهو مشاهدو ڪيو ويو آهي ته، ڀنڀورين جي جيوت مٿان ماربل جي صنعت جا ڪهڙا هاڃيڪار اثر پئجي رهيا آهن. انهيءَ اڀياس وسيلي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته قدرتي ماحول جو هڪ خاص ۽ خوبصورت جُز ڀنڀوريون جيڪي فصلن کي نقصان پڄائيندڙ جيتن کي کائينديون آهن انهن جي حياتيءَ کي بونير ضلعي ۾ ماربل جي ڪارخانن مان نڪرندڙ پٿر جي ٻوري واري دز ۽ جيت مار زهريلين دوائن جي تازي پاڻيءَ ۾ وهڻ ڪري شديد خطرا آهن.

بونير شهر جي رهواسي سلمان احمد چيو ته شهر جا واهه جيڪي ڪنهن زماني ۾ مڇي مارڻ ۽ وهنجڻ لاءِ مشهور هوندا هئا ڪارخانن جي ڪچري جي ڪري هاڻي اهي ماڻهن لاءِ ئي خطرناڪ ٿي پيا آهن. ماربل جي ڪارخانن مان جيڪو منافعو حاصل ٿئي ٿو اهو ته چند ماڻهن جي کيسن ۾ هليو وڃي ٿو باقي گدلاڻ سڄي علائقي جي ماحول کي زهريلو ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت کي گھرجي ته ماحول کي وڌيڪ تباهيءَ کان بچڻ لاءِ ضروري ۽ جوڳا قدم کڻي.

ماحوليات جي تحفظ واري ايجنسي (اِي پي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر محمد بشير خان نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته، ماربل جي ڪارخانن مان جيڪو سفيد پائوڊر پاڻيءَ ۾ وهايو وڃي ٿو اهو پنهنجي وجود ۾ زهريلو ته نه آهي، پر ان هوندي به جيتري جهجهي تعداد ۾ اهو پائوڊر پاڻي جي وهڪرن وسيلي وهايو وڃي ٿو ان جي ڪري اهو ماحوليات ۽ انسانن لاءِ هاڃيڪار ٿي پوي ٿو.

ڊاڪٽر بشير خان جو چوڻ هو ته ماربل جو فُضلو مسلسل وهڻ جي ڪري زرعي زمينن کي به نقصان پهچي ٿو ڇو ته زمينن اندر ان پائوڊر جو هڪ تهه ڄمي وڃي ٿو. اهو پائوڊر پاڻيءَ ۾ پلندڙ آبي جيوت جي ساهه کڻڻ ۾ دشوارين جو سبب پڻ بڻجي ٿو.

هن چيو ته، ماحوليات جي تحفظ واري ايجنسيءَ پاران ماربل جي ڪارخانيدارن کي ماحول کي تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ هڪ ماڊل ڏنو آهي جنهن مطابق هو ماربل جو پائوڊر هڪ ٽانڪيءَ ۾ جمع ڪري وٺن. بونير جي ڪجهه ماربل ڪارخانن پاران انهيءَ نموني تي عمل ڪيو پيو وڃي، پر ڊاڪٽر بشير ان ڳڻتيءَ جو اظهار پڻ ڪيو ته فُضلو انهي ٽانڪين ۾ ته جمع ڪيو پيو وڃي پر انهن ٽانڪين مان ڪڍي ان کي ڪٿي ٺڪاڻي لڳايو ويندو اها به پريشانيءَ جي ڳالهه آهي.

عوامي نيشنل پارٽيءَ جي اڳوڻي صوبائي حڪومت پاران بونير جي ماربل واري صنعت لاءِ هڪ پروپوزل تيار ڪيو ويو هيو جنهن مطابق سمورا ڪارخانا ڪنهن هڪ جڳهه تي گڏ ڪري قائم ڪرڻا هيا. انهيءَ طريقي سان انهن ڪارخانن سان لاڳاپيل سمورا ڪم ۽ ڪارخانن جي فُضلي کي ٺڪائڻ لڳائڻ آسان ٿي پوي ها. انهيءَ رٿابنديءَ کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده صوبائي حڪومت پاران عمل هيٺ آڻڻ خاطر قبول ڪيو ويو ۽ بجيٽ دستاويز ٻڌائي رهيا آهن ته ان رٿابنديءَ تي عمل خاطر سال 2013 جي بجيٽ ۾ خيبرپختونخواه حڪومت 300 ملين روپين جا فنڊ به رکيا، پر انهيءَ منصوبي تي هن مهل تائين عملي ڪم شروع ناهي ٿي سگھيو.

ڊاڪٽر بشير خان جو چوڻ هو ته ماحولياتي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ بونير ماربل سٽي پروجيڪٽ سٺو منصوبو آهي. ان باوجود، اهو ڊگھي مدي وارو منصوبو آهي ۽ موجوده ڪارخانن جا مالڪ پنهنجا ڪارخانا ان منصوبي تحت ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ تي راضي نه آهن ان ڪري اهو منصوبو مستقبل ۾ ساڳئي ڪم واريون فيڪٽريون هڻڻ وارن لاءِ انتهائي موذون ٿي سگھي ٿو.

فيبروري 2015 ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي گرين بئنچ پاران ”انوائرنمينٽل پروٽيڪشن آرڊرز“ جي خلاف ورزي ڪرڻ وارن 45 ماربل ڪارخانن کي بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. ماحولياتي تحفظ واري ايجنسيءَ جي انهن اصولن تي عمل جي سلسلي ۾ ايجنسيءَ پاران بونير ۾ واقع 256 مان 180 ڪارخانن جي انسپيڪشن ڪئي وئي هئي.

موجوده وقتن ۾ ماربل جي ڪارخانن پاران ماحولياتي گدلاڻ ڦهلائڻ وارو معاملو هاڻي عدالت جي ٻڌڻيءَ هيٺ آهي. آگسٽ 2016 دوران پشاور هاءِ ڪورٽ پاران لوڪل گورنمينٽ کاتي جي اعليٰ عملدارن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو هيو ته جيئن کانئن فيڪٽرين جو فُضلو موذون جاءِ تي ٺڪاڻي لڳائڻ خاطر گھربل زمين مهيا ڪرڻ بابت پڇاڻو ڪري سگھجي.

ماربل فيڪٽرين جي تنظيم جي نائب صدر مراد خان جو چوڻ هو ته ماربل سٽي منصوبي تي ته عمل نه ٿو ٿي سگھي ڇاڪاڻ ته ان منصوبي لاءِ جيڪا زمين رکي وئي آهي اها زرعي نوعيت جي ايراضي آهي، ٻيو مسئلو هي به آهي ته ان منصوبي تي عمل انتهائي سست رفتاريءَ جو شڪار آهي.

مراد خان ٻڌايو ته بونير جي ماربل ڪارخانن ۾ هاڻي فُضلو ڪٺو ڪرڻ واريون سيٽلنگ ٽانڪيون لڳايون وڃن پيون. هر ڪارخانيدار پيداوار جي حساب سان اهي ٽانڪيون لڳائي رهيو آهي. اهي ٽانڪيون هڪ هفتي ۾ ئي ڀرجي وڃن ٿيون. پٿر جي فُضلي کي ٽانڪين مان ٻاهر ڪڍي مناسب جاءِ تي ٺڪاڻي لڳائڻ به هڪ وڏو مسئلو آهي. ڇو ته فُضلي کي ٺڪاڻي لڳائڻ وارو ڪو هنڌ مقرر ناهي ڪيو ويو. انهيءَ ڪچري کي گھٽين ۾ اڇلائڻ سان وري ٻيا نوان مسئلا سامهون اچي رهيا آهن.

مراد خان جو چوڻ هو ته، مقامي ڪارخانيدارن پاران سرڪاري ادارن مٿان زور رکيو ويو آهي ته ان ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ وارا هنڌ مقرر ڪيا وڃن. هو سمجهن ٿا ته ٺڪاڻي وارا هنڌ مقرر ڪرڻ کانپوءِ به ماحولياتي آلودگيءَ وارو مسئلو پنهنجي جڳهه تي برقرار ئي رهندو.

هن ٻڌايو ته بونير ضلعي ۾ قائم ماربل جا ڪارخانا 10 مختلف قسمن جو ماربل تيار ڪن ٿا انهن ڪارخانن ۾ 80 هزارن کان هڪ لک مزدور ڪم ڪن ٿا. بونير ۾ ٺهندڙ ماربل ڪراچي، لاهور ۽ ڏيساور به اماڻيو وڃي ٿو.

خيبر پختونخواه اڪنامڪ زون جي هڪ عملدار نواز جو چوڻ هو ته اهڙي قسم جا ڪيترائي طريقا موجود آهن جن وسيلي صنعتي فُضلي کي استعمال لائق بڻائي سگھبو آهي. ماربل جي فُضلي کي سيمينٽ جي صنعت، دوائن، ڪپڙن ڌوئڻ واري پائوڊر ۽ ٻين شين جي تياريءَ لاءِ ڪتب آڻي سگھجي ٿو.

هن جو چوڻ هو ته ماربل جي فُضلي کي ٻيهر استعمال لائق بنائڻ خاطر پشاور ۾ واقع انجنيئرنگ اينڊ مڪينيڪل يونيورسٽيءَ جي ڪيميڪل ۽ مڪينيڪل ڊپارٽمينٽن کان سهڪار حاصل ڪيو پيو وڃي. ڪيميڪل ڊپارٽمينٽ جا ماهر ماربل جي پائوڊر جو تجزيو ڪرڻ بعد ئي اهو ٻڌائي سگھندا ته ان کي ڪهڙيءَ ريت ڪارآمد بڻائي سگھجي ٿو. جنهن بعد مڪينيڪل ڊپارٽمينٽ جا ماهر انهيءَ فضلي مان شيون ٺاهڻ وارين مشينن جي تياري عمل ۾ آڻيندا. اهڙيءَ ريت هن مسئلي کي حل ڪرڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here