لاهور: سرڪاري اسڪولن، اسپتالن ۽ ٿاڻن جو دورو جڏهن به ڪجي اهو هڪ ڊيڄاريندڙ خواب بڻجي پوندو آهي. هيءُ اهو ئي دليل آهي جيڪو لاهور جي فورمين ڪرسچن ڪاليج پاران ”سرڪاري عملداريءَ کي بهتر ڪرڻ، پنجاب ۾ صوبائي خدمتن واري شعبي ۾ سڌارا آڻڻ“ جي عنوان سان تيار ڪيل رپورٽ ۾ اختيار ڪيو ويو آهي.
انهيءَ رپورٽ مطابق، عوامي خدمتن واري شعبي جا اڪثر سرڪاري ملازم هڪ کان گريڊ 16 واري نوڪري ڪن ٿا انهن ۾ نرسون، استاد، ليڊي هيلٿ ورڪر، ٿاڻن جا ايس ايڇ او، تپيدار، زمينن جا کاتا ٺاهيندڙ ڪلارڪ ۽ ساڳي نوعيت جون ٻيون نوڪريون ڪرڻ وارا انهيءَ درجي بنديءَ ۾ شامل آهن.
رپورٽ ۾ اهڙن ملازمن جي وضاحت ”رياست جي چهرن“ طور ڪئي وئي آهي ۽ اهو دليل پيش ڪيو ويو آهي ته پاليسي جوڙڻ کانپوءِ ان تي عمل ڪرڻ وارو ڪو به قدم تيستائين ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌي نه ٿو سگھي جيستائين پاليسيءَ جي تياريءَ وقت مٿي ڄاڻايل سرڪاري ملازمن جي راءِ کي ان ۾ شامل نه ڪيو ويندو. رپورٽ ۾ چيل آهي ته، هي ئي اهي ماڻهو آهن جيڪي پاليسين کي عمل هيٺ آڻيندا آهن.
عاليه بٽ گھريلو عورت آهي. گذريل مهيني هن جي والده کي گردن جي عارضي سبب لاهور جي سروسز اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پيو. عاليه جو چوڻ آهي ته، سرڪاري اسپتال مان علاج ڪرائڻ وارو تجربو ان وقت ڀيانڪ لڳڻ شروع ٿي ويو جڏهن کيس اتان جي نرسن سان لهه وچڙ ۾ اچڻو پيو. نيوز لينز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن ٻڌايو ته ”نرسن کي ننڍڙي ڳالهه تي جلد ڪاوڙ اچي وڃي ٿي.
نيوز لينز پاڪستان جڏهن نشاندهي ڪيل نرس سان رابطو ڪيو ته، هن پنهنجو نالو راز ۾ رکڻ جي شرط تي چيو ته ”ڪم جي گھڻي بار هجڻ ۽ سينئر نرسن توڙي ڊاڪٽرن جي خراب رويي سبب هو پنهنجو ڪم پرسڪون انداز سان ڪرڻ وارو حوصلو وڃائي ويهن ٿيون.
سي پي پي جي سروي مطابق، عام طور تي هڪ نرس کي 11 مريضن جي پرگھور لهڻي پوي ٿي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته جنرل وارڊ ۾ مقرر هڪ نرس کي 40 مريضن جي خدمت ڪرڻي پوندي آهي. اها ڳالهه تحقيق ڪندڙن جي مشاهدي ۾ به آئي آهي ته صحت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي فائدي خاطر صلاحيتن کي هٿي ۽ انساني وسيلن کي ترقي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ پاليسي ٺاهيندڙن پاران بيحسيءَ جو مظاهرو ڪيو وڃي ٿو.
انهيءَ معاملي کي سمجهڻ خاطر نيوز لينز پاڪستان پاران پنجاب هيلٿ ڪميشن جو دورو ڪيو ويو ۽ ڪميشن جي سينئر ڪنسلٽنٽ ۽ پروگرام ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رياض تسنيم سان ملاقات ڪئي وئي. ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي رويي متعلق ڳالهائيندي ڊاڪٽر رياض چيو ته اها انتهائي بدنصيبيءَ جي ڳالهه آهي ته مسيحائي جي عظيم پيشي سان لاڳاپيل ڊاڪٽر عام ماڻهن لاءِ تڪليف جو سبب بڻجي رهيا آهن. حڪومت جڏهن علاج جي سهولتن کي نجي شعبي جي رحم تي ڇڏي ڏيندي ته پوءِ حرص حوس، بيحسي ۽ لاپرواهي هڪ پاڙون پختيون ڪرڻ واري روايت طور زور وٺي رهي آهي.
عام ماڻهن جي زندگين ۾ ايتري ئي اهميت رکندڙ هڪ ٻيو شعبو پوليس کاتو آهي. فرياد کڻي ويندڙ هر عام شهريءَ جو سڀ کان پهريان گھڻو ڪري اسٽيشن هائوس آفيسر (ايس ايڇ او) سان واسطو پوندو آهي. نيوز لينز پاڪستان پاران لاهور جي هڪ ٿاڻي جي ايس ايڇ او سان رابطو ڪيو ويو ته هن پنهنجي بالا آفيسرن جي پڇاڻي کان بچڻ لاءِ پنهنجو نالو راز ۾ رکندي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
انهيءَ سوال ته، سپاهين جو رويو خراب آهي ۽ پنجاب ۾ پوليس متعلق اها شڪايت عام جام آهي ته اهلڪار سفاڪيءَ ۽ هٺيلي انداز سان پيش اچن ٿا، جي جواب ۾ انهيءَ ايس ايڇ او چيو ته ”طئي ٿيل وقت کان وڌيڪ ڊيوٽي ڪرڻ ۽ وسيلن جي اڻهوند جي ڪري سندن پيشورانه ڪارڪردگي هڪ قسم جو بار لڳي رهي آهي.
هن چيو ته، مثال طور تي پوليس جي هڪ گاڏي خراب ٿي پوي ٿي ته ان جي مرمت تي ايندڙ خرچ جا پيسا هنن کي پنهنجي سِر پاڻ هٿ ڪرڻا هوندا آهن ڇاڪاڻ ته هو جيڪڏهن انتظامي طور کاتي پاران ادا ٿيندڙ پيسن جو انتظار ڪندا رهندا ته ان ۾ وڏو وقت لڳي ويندو آهي ۽ سندن ڪم ۾ رڪاوٽون پئجي وينديون آهن.
رپورٽ ۾ انهيءَ ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي ته ٿاڻن ۾ عملي جي کوٽ به هيشهه رهندي اچي ٿي. پوليس رُول 1879 مطابق، 456 ماڻهن لاءِ هڪ پوليس ڪانسٽيبل مقرر هجڻ گھرجي، پر حقيقت ۾ هڪ هزار ماڻهن لاءِ هڪ پوليس ڪانسٽيبل مقرر ٿيل آهي. لاهور جي ايس ايڇ او وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن ڊالفن فورس قائم ڪيو ويو ته نوان اهلڪار ڀرتي ڪرڻ بجاءِ موجوده پوليس فورس مان ئي آفيسر کنيا ويا ۽ انهن جون ذميواريون ڊالفن فورس جي حوالي ڪيون ويون. پوليس جو اهو خصوصي فورس اسٽريٽ ڪرائيم روڪڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. اهو فورس جڙڻ جي نتيجي ۾ اهلڪارن جي کوٽ اڃان به وڌي وئي آهي.
انهن معاملن متعلق جڏهن لاهور جي ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) آپريشنز حيدر اشرف سان رابطو ڪيو ويو ته، هن اها حقيقت تسليم ڪئي ته هيٺئين سطح تي پوليس ڪانسٽيبل ۽ جونيئر آفيسرن جي کوٽ موجود آهي. ان هوندي به مالي وسيلن جي کوٽ سبب نوان آفيسر ۽ ڪانسٽيبل ڀرتي ڪرڻ ممڪن نه آهي.
ڊي آءِ جي آپريشنز کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته، پوليس اهلڪارن کان وڌيڪ وقت تائين ڊيوٽي ڪرائڻ سبب هو ذهني ۽ جسماني ٿڪاوٽ جو شڪار ٿين ٿا ۽ نتيجي ۾ غير پيشه وراڻي رويي سان پيش اچن ٿا، جي جواب ۾ حيدر اشرف جو چوڻ هيو ته پاڪستان يورپ جو ڪو ملڪ ته نه آهي ۽ پوليس اهلڪارن کي صرف 8 ڪلاڪ ڊيوٽي ڪرڻ جي اميد نه رکڻ گھرجي. پوليس اهلڪارن کي روزانو گھٽ ۾ گھٽ 12 ڪلاڪ ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گھرجي.
شهرين جي حساب سان پنجاب ۾ مقرر پوليس اهلڪارن جو تناسب هي آهي، 529 شهرين خاطر هڪ پوليس ڪانسٽيبل، جڏهن ته پنجاب پوليس رولز (1934) مطابق اهو تناسب هن ريت هجڻ گھرجي ته 450 شهرين لاءِ هڪ پوليس ڪانسٽيبل مقرر ي هجي. پوليس ايڪٽ 1861، جيڪو پوليس متعلق قانونسازي ڪرڻ جي سلسلي ۾ رهنما اصول واري حيثيت رکي ٿو، مطابق اهو اختيار حاصل هجي ٿو ته 6 شهرين لاءِ هڪ پوليس ڪانسٽيبل مقرر هجڻ گھرجي.
آمنه مشتاق نالي عورت هڪ مقامي سرڪاري اسڪول ۾ نوڪري ڪري ٿي. پاڻ سان ٿيندڙ وارتا جا تفصيل ٻڌائيندي هن ڄاڻ ڏني ته کيس هڪ ئي وقت 50 شاگردن کي پڙهائڻو ۽ سنڀالڻو پوي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ هن مان اها اميد ڪيئن رکي سگھجي ٿي ته سندس ڪارڪردگي پيشه وراڻن اصولن سان مطابقت رکندڙ هوندي؟.
هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جيئن ته ٻارن کي پڙهائڻ کان علاوه هن کي ڪيترن ئي شاگردن جون ڪاپيون ۽ پيپر چيڪ ڪرڻا هوندا آهن ان ڪري انهيءَ ڪم مان ڪڏهن واندڪائي ئي ناهي ملي سگھندي. هوءَ جڏهن هن شعبي ۾ آئي ته هن ۾ اهو جوش ۽ ولولو هيو ته هو پنهنجي معاشري جي خدمت ڪندي پر هاڻي کيس صرف اهو فڪر رهندو آهي ته پاڻ مٿان پيل ڪم جو بار ڪيئن گھٽائي ۽ پنهنجي نوڪري ڪيئن بچائي.
ٽرٿ ٽريڪر پاران جڏهن پنجاب جي اعليٰ تعليم، ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن بابت صوبائي وزير ميان شجاع الرحمان کان استادن جي تڪليفن ۽ شڪايتن بابت سوال پڇيو ويو ته ان جي جواب ۾ هن جي راءِ هئي ته حڪومت تعليم جو دائرو وسيع ڪرڻ لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻي رهي آهي.
تحقيقي رپورٽ مطابق، پنجاب ۾ 36 سيڪڙو ٻار اسڪولن ۾ داخل ٿيل نه آهن جڏهن ته پنجن سالن جي عمر وارا 69 سيڪڙو ٻار اسڪول ۾ داخلا بعد پڙهائي ڇڏي ڏين ٿا. انهيءَ قسم جي مختلف ۽ مايوس ڪن صورتحال ان ڪري پيدا ٿي رهي آهي ڇو ته اسڪولن ۾ تريبت ورتل استادن، ڪتابن ۽ اسڪولن جي عمارتن جي کوٽ پڻ موجود آهي.
مٿي ڄاڻايل تحقيقي رپورٽ کي عمل ۾ آڻڻ وارو خيال پيش ڪندڙ سعيد شفقت جو چوڻ هو ته حڪومت صرف ۽ صرف اعليٰ سطحي ڪامورڪيءَ ۾ سڌارا آڻڻ تي ڌيان ڏيندي رهي ٿي، پر حقيقت اها آهي ته مٿاهين ڪامورڪيءَ بجاءِ هيٺئين سطح واري ملازمن ۾ سڌارن جي وڌيڪ شدت سان ضرورت آهي. ڇو ته عوام چاهي ٿو سندن مسئلن کي تڪڙو حل ڪيو وڃي ۽ هيٺئين سطح تي مقرر سرڪاري عملدار ئي اهو ڪم ڪري سگھن ٿا.