پشاور (قيصر يوسفزئيءَ وٽان) پشاور شهر جي قديمي حصي ۾ قائم جهانگير پوره بازار ۾ پشاوري چپلن جي وڪري وارن 6 سو دڪانن مان هڪ نورالدين شنواريءَ جو به هيو. ڪجهه وقت اڳ تائين، جيڪي عام چپلون شوق سان خريد ڪرڻ ايندا هئا انهن کان علاوه ٻي ڪا اهڙي ڳالهه وٽس موجود نه هئي جيڪا کيس ٻين کان منفرد ڪري بيهاري.

Chappal-Market
Jehangir Pura Bazaar: Photo by News Lens Pakistan/

جڏهن نورالدين شنواريءَ پاران عمران خان لاءِ چپل تيار ڪئي وئي، جنهن جي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف 2013 ۾ خيبرپختونخواه صوبي ۾ اقتدار سنڀاليو. اها ڳالهه ڪنهن به لحاظ کان ڌيان ڇڪائڻ لائق نه هئي، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهو هجن يا سياستدانن انهن ۾ پشاوري چپل پائڻ جو رجحان وڏي وقت کان جاري رهندو آيو آهي، جڏهن ته اهو موچين جي هنر جو ئي ڪمال هوندو آهي ته انهن پاران جوڙيل چپلون پائڻ ۾ سٺيون ۽ مشهور ٿي پون.

Nooruddin Shinwari's Photo with Imran Khan: Photo by News Lens Pakistan/
Nooruddin Shinwari’s Photo with Imran Khan: Photo by News Lens Pakistan/

نورالدين شنواري انهيءَ راز کي چڱيءَ ريت پروڙي چڪو هيو ته هن ڪرڪيٽ جي اڳوڻي کيڏاريءَ ۽ هاڻوڪي سياستدان عمران خان لاءِ جيڪي چپلون تيار ڪيون آهن انهن کي مشهور ڪيئن ڪري سگھجي ٿو.
انهيءَ ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي نورالدين شنواري سال 2014 جي آڪٽوبر مهيني ۾ عيدالاضحيٰ جي ٽئين ڏينهن عمران خان سان ان وقت ملاقات ڪئي جنهن وقت هو اسلام آباد ۾ لڳل ڌرڻي ۾ موجود هيو. نورالدين شنواري ٻڌايو ته هن هڪ ڪاغذ مٿان هن جي پيرن جي ماپ ورتي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته ڪو ماڻهو انهن لمحن کي تصويرن ۾ محفوظ ڪندو رهي ۽ اهي تصويرون هن بعد ۾ پنهنجي دڪان ۾ لڳائي ڇڏيون.

جيتوڻيڪ عمران خان لاءِ چپل تيار ڪرڻ جا آرڊر هن کي 2014 کان اڳ به مليا هئا پر اهي ڪنهن ٽئين ماڻهوءَ جي معرفت ايندا هئا. ان کان اڳ هن جو سياستدانن سان سڌو رابطو پهريان ڪڏهن نه ٿيو هيو. 1992 ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽي ايندڙ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ بعد ۾ پي ٽي آءِ جو سربراهه ٿي ويل عمران خان جي لاءِ چپل تيار ڪرڻ واري مشهوري ماڻڻ کان اڳ هن جو دڪان به چپلن جو هڪ عام دڪان ئي هيو.

نورالدين شنواري ٻڌايو ته عمران ٿلهي تري پر وزن ۾ هلڪي پشاوري چپل کي گھڻو پسند ڪندو آهي. سياستدان جي اهڙي پسند کي نظر ۾ رکندي نورالدين شنواريءَ پاران عمران خان کي سندس 2015 ۾ ٿيل شاديءَ جي موقعي تي تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ انتهائي هلڪي وزن واري هڪ چپل تيار ڪئي وئي. انهيءَ ڪوشش جي نتيجي ۾ هن اها شاهڪار چپل تيار ڪري ورتي جنهن جو ٻيون چپلون مٽ نه پئي ٿي سگھيون ۽ انهيءَ کي ئي بعد ۾ ”ڪپتان چپل“ جو نالو ڏنو ويو.

Captaan Chappal by Shinwari: Photo by News Lens Pakistan/
Captaan Chappal by Shinwari: Photo by News Lens Pakistan/

نورالدين شنواريءَ جو چوڻ هو ته انهيءَ چپل جي پيڪنگ لاءِ به نئين ڊزائين تيار ڪرائي وئي جنهن ۾ عمران خان جي تصوير نظر اچي رهي آهي ۽ ان جي هيٺان ”ڪپتان چپل“ وارو مونوگرام ڇپيل آهي. هن جڏهن اها چپل عمران خان کي ڏني ته هو تمام گھڻو خوش ٿيو.

انهيءَ کانپوءِ هن جي پٽ جي دوستن کيس ان ڳالهه تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو ميڊيا وسيلي پنهنجي هنر جي عڪاسي ڪرائي، پر نورالدين انهيءَ ڳالهه تي عمل ڪرڻ کان ان ڪري لنوائيندو رهيو ته ان تي کيس گھڻو خرچ ڪرڻو پئجي ويندو، پر جڏهن هڪ ڀيرو هو ٽي ويءَ تي آيو ته ان بعد سندس دڪان ٻاهران صحافين جون قطارون لڳڻ شروع ٿي ويون جيڪي هن کان انٽرويو ڪرڻ جي اجازت گهرندا ٿي رهيا، اهڙيءَ ريت هن جا پهريان وارا سڀ خدشا به ختم ٿي ويا.

نورالدين جو چوڻ هو ته اهو سڀ ڏسي هو ته دنگ رهجي ويو، کيس سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته هي ڇا ٿيڻ لڳو آهي. انهيءَ کانپوءِ ته ميڊيا جا نمائندا مسلسل سندس دڪان تي ايندا رهن ٿا ته جيئن اهو ڄاڻي سگھن ته هن عمران خان لاءِ ٻي ڪهڙي خاص شئي تيار ڪئي آهي.

هن اهو پڻ ٻڌايو ته، ميڊيا تي خبرون هلڻ بعد سندس ڪاروبار تي به جادوئي اثر پيا ۽ چپلن جو وڪرو وڌي ويو. عام ماڻهن کان علاوه پي ٽي آءِ جا ڪارڪن خاص ڪري دڪان تان ڪپتان چپل خريدڻ لاءِ اچڻ لڳا. جيئن جئين ماڻهن تائين نورالدين شنواريءَ جي خاص چپل جي ڳالهه ڦهلجندي رهي ان ئي رفتار سان هن کي سڄي ملڪ مان انهيءَ چپل جي خريداريءَ جا آرڊر به ملڻ لڳا. ڪپتان چپل ۾ استعمال ٿيندڙ شين جي معيار آڌار انهيءَ چپل جي قيمت 25 سو روپين کان 10 هزار روپيا ٿي چڪي آهي.

پشاور جيئن ته پنهنجي ڪم ۾ مهارت رکندڙ موچين جو ڳڙهه آهي، نورالدين شنواريءَ جي حرفتن کان متاثر ٿي جهانگير پوره بازار جي ٻين ڪاريگرن به پنهنجي ڪاروبار کي وڌائڻ لاءِ ساڳيا طريقا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. انهن مان هڪ جهانگير مهمند صافي آهي جنهن جو دڪان به نورالدين جي دڪان سان لڳو لڳ آهي، ان فوري طور تي پنهنجي دڪان ۾ تيار ٿيندڙ چپل پائڻ جو تعلق پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ۽ وزيراعظم نوازشريف سان جوڙي ورتو.

جڏهن ته هو عوامي نيشنل پارٽيءَ سان لاڳاپيل بلور خاندان جي ماڻهن ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شهباز شريف لاءِ گذريل ڪيتري وقت کان چپلون تيار ڪندو رهيو آهي. جنوري 2016 ۾ ميان نواز شريف جڏهن پشاور جي دوري تي آيو ته هن کيس چپل ٺهرائڻ جو آرڊر ڏيڻ جي فرمائش ڪئي. شنواريءَ جيان ئي جهانگير مهمند به پنهنجي دڪان ٻاهران وزيراعظم نوازشريف سان گڏ نڪتل پنهنجي تصوير لڳائي ڇڏي آهي. شينهن جيئن ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو چونڊن وارو نشان آهي انهيءَ کي ذهن ۾ رکندي جهانگير مهمند ٻاهرين ملڪ مان شينهن جو چمڙو گھرائي ميان نوازشريف لاءِ ٽي خاص چپلون تيار ڪيون.

جهانگير مهمند نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته هن انهن کي شڪاري چپل جو نالو ڏنو آهي. شينهن جي چمڙي جي قيمت وڌيڪ هجڻ جي ڪري هو جيڪي چپلون ٺاهي ٿو انهن جي قيمت به وڌيڪ آهي ۽ 20 کان 25 هزارن ۾ هڪ جوڙو وڪڻي پيو.

ملڪ جي ناليوارن سياستدانن لاءِ آرامده چپل تيار ڪرڻ کان علاوه جهانگير محمد صافيءَ جو نالو بالي ووڊ جي اسٽار شاهه رخ خان لاءِ هرڻ جي چمڙي مان چپل تيار ڪرڻ سبب به ڪيتري وقت تائين خبرن ۾ گردش ڪندو رهيو. جهانگير مهمند جو چوڻ هو ته هن چپلن جا ٻه جوڙا قصه خواني بازار ڀرسان شاهه ولي ڪٽال واري علائقي ۾ رهندڙ پنهنجي سوٽ مُني بيگم معرفت شاهه رخ خان ڏانهن تحفو ڪري اماڻيا.

پشاور چپل ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر انور علي شاهه ٻڌايو ته، سياستدانن ۽ مشهور ماڻهن پاران پشاوري سينڊل کي پسند ڪرڻ سبب ان غريباڻي چپل جو درجو وڌي خاص ٿي ويو آهي، جنهن ڪري نه صرف ان جي خريداريءَ ۾ اضافو اچي ويو پر ان جي قيمت به چوٽ چڙهڻ لڳي آهي. هن اهو پڻ ٻڌايو ته، جڏهن کان ميڊيا اهي خبرون ڏيکارڻ شروع ڪيون ته سياستدان ۽ مشهور ماڻهو هي چپل پائين ٿا تڏهن کان هن سينڊل جي وڪري ۾ 15 کان 20 سيڪڙو واڌ آئي آهي. چپلن جو وڪرو هاڻي ملڪ جي ٻين حصن توڙي پرڏيهه ۾ به ٿيڻ لڳو آهي.

انور شاهه چيو ته، پهريان جيڪا چپل مارڪيٽ ۾ 15 سو روپين کان 2 هزار روپين ۾ کلئي عام وڪرو ٿيندي هئي اها هاڻي صرف دڪاندار جي مشهور هجڻ جي ڪري 35 سو روپين کان 10 هزار روپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. سموريون چپلون هڪ قسم ئي چمڙي مان تيار ٿين ٿيون ۽ سڀني جون خاصيتون لڳ ڀڳ هڪجهڙيون ئي آهن پر انهن مان ڪجهه چپلن جي قيمت صرف وڌيڪ ٿي وڃي ٿي ته اهي جنهن دٻي ۾ پيڪ ڪيون وڃن ٿيون ان مٿان ڪنهن سياستدان جي تصوير لڳل هجي ٿي.

انهيءَ قسم جون مشهوريءَ واريون حِرفتون ٻٽي انداز سان فائدو ڏين ٿيون، هڪ طرف جيڪڏهن چپل جي مشهوري ٿي رهي آهي ته انهيءَ وڌندڙ ڪاروبار جي ڪري سياستدانن جي عوام ۾ مقبوليت به ٿي رهي آهي. انور شاهه جو چوڻ هو ته، پشاوري چپل جڏهن کان سياستدانن جي حوالي کان مشهوري ماڻي آهي، هاڻي سياستدان اڪثر ڪري جهانگير پوره بازار ايندا رهن ٿا پنهنجي لاءِ چپل ٺهرائڻ جو آرڊر به ڏين ٿا ته فرمائش ڪن ٿا ته ان کي سندن نالي سان مشهور ڪيو وڃي.

جهانگير پوره بازار ۾ پشاوري چپل جي هول سيل ڊيلر طور ڪم ڪندڙ جميل خان نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته، پشاور ۾ اهي چپل ٺاهڻ لاءِ 20 هزار ڪاريگر ڪم ڪري رهيا آهن. هن جو چوڻ هو ته، اهي موچي ۽ انهن جا ساٿي هنرمند پشاوري چپل جا ساليانو 35 لک جوڙا تيار ڪندا آهن.

نورالدين شنواريءَ جي دڪان تان چپل خريد ڪندڙ هڪ گراهڪ اجمل خان جي راءِ هئي ته، هو پنهنجي لاهور ۾ رهندڙ دوست لاءِ ڪپتان چپل خريد ڪرڻ آيو آهي. جيتوڻيڪ ڪپتان چپل هاڻي ٻين دڪانن اندر گھٽ قيمت تي به موجود آهي پر سندس دوست مٿس زور وڌو آهي ته هو کيس اصلي شئي وٺي موڪلي. جيئن ته هن دڪان تي وڪرو ٿيندڙ ڪپتان چپل جي پيڪنگ واري دٻي مٿان عمران خان جي تصوير ڇپيل آهي ۽ گھڻا ماڻهو هاڻي ان تصوير کي ئي اصل هجڻ جو نشان سمجهن ٿا.

دِير ضلعي مان آيل هڪ گراهڪ عابدالله ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته شهر جي پراڻي حصي جا موچي سياستدانن ۽ سياست جو نالو استعمال ڪري هاڻي ماڻهن کي لٽڻ لڳا آهن. چپلن جي ڪاروبار سان سياستدانن جو نالو ڳنڍيل رهڻ واري ڪرت اڳتي به جاري رهي ته پوءِ هنن چپلن جي قيمت ايڏي ته وڌي ويندي جو عام ماڻهو اهي خريد ئي نه ڪري سگھندا.

ننڍي سطح وارن ڪاروبارن جي مارڪيٽنگ جي ماهر محمد طارق يوسفزئيءَ جو چوڻ هو ته، پشاور جا موچي پنهنجي شين جي مشهوريءَ لاءِ گوريلا انداز واريون مارڪيٽنگ جون حرفتون استعمال ڪن ٿا. چپلون ٺاهيندڙ پنهنجي ڪاروبار لاءِ سياستدانن جو نالو استعمال ڪن ٿا ۽ هو کين ان جو معاوضو به نه ٿا ڏين.

طارق يوسفزئيءَ وڌيڪ چيو ته، انهيءَ حرفت جا پنهنجا فائدا ۽ نقصان آهن. هڪ ته ان تي خرچ بنهه گھٽ اچي ٿو ۽ ان وسيلي عام ماڻهن جو ڌيان وڌيڪ ڇڪجي پوي ٿو ڇو ته ملڪ اندر سياسي ماحول اڄڪلهه وڌيڪ گرم ٿيل آهي. جڏهن ته انهيءَ قسم جي مارڪيٽنگ سياستدانن جي شهرت لاءِ منفي راءِ کي به هٿي وٺرائي سگھي ٿي ڇو ته پاڪستاني سماج ۾ چپلن جي حيثيت ڪمتر آهي ان ڪري چونڊن جي وقت ۾ يا ڪنهن ٻي سياسي مهم دوران ڪير سندن نالي کي جوتن سان جوڙي مٿن تنقيد به ڪري سگھي ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here