ڪابل (ثناء اعجاز وٽان) ڪابل جي تاريخ ۾ عورتن لاءِ پهريون ڀيرو قائم ڪيل يونيورسٽيءَ جي ”سڃاڻپ وارو نشان“ متحرڪ عڪسن جي جاپاني آرٽ وارن نمونن مطابق پوپٽ سان ويجهڙائپ رکندڙ نظر اچي ٿو، ان جي گلابي ۽ ڄمون رنگ وارن پَرن جي مدد سان عورت جي شخصيت کي بلندين ڏانهن اڏار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. يونيورسٽيءَ جي چاڪليٽي رنگ واري مُک دروازي مٿان ”بَلي، ما مائٿ وانم“ وارن گلابي رنگ سان لکيل لفظن وارو”لوگو“ لڳل آهي.

Founder of Morra University Dr. Aziz: Photo by News Lens Pakistan.
Founder of Morra University Dr. Aziz: Photo by News Lens Pakistan.

ان کان ڪجهه قدم اڳتي، يونيورسٽيءَ جي ”سڃاڻپ واري نشان“ جي معنيٰ ۽ مقصد هنن لفظن ۾ نظر اچي ويو ته ”ها، اسان ان کي ممڪن بڻائي سگھئون ٿيون“ انهن لفظن کي اچارڻ سان ايئن محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ته انهن جو بنيادي خيال 80 واري ڏهاڪي دوران ايني لينوڪس ۽ اريٿا فرينڪلن پاران لکيل عورتن جي حقن واري مشهور تراني ”ڀينر، پنهنجي خاطر پاڻ اڳڀريون ٿي رهيون آهن“ مان کنيو ويو آهي. يونيورسٽيءَ جي اڇي رنگ وارن صاف سٿرن هالن، پڙاڏجندڙ ڪلاس رومز ۽ ساوڪ وارن ڇٻر مان واضح ٿي رهيو هيو ته نوجوان ۽ پرعزم عورتون ”عورتن پاران عورتن لاءِ ڪم ڪرڻ“ واري مقصد سان سلهاڙيل آهن.

Morra Educational Complex: Photo by News lens Pakistan.
Morra Educational Complex: Photo by News lens Pakistan.

يونيورسٽيءَ جي بانيڪار ڊاڪٽر عزيزالله عامر اداري جو نالو ”مَوڙا“ رکيو آهي، پشتو ۾ ان لفظ جي معنيٰ ”ماءُ“ ٿئي ٿي. عزيزالله عامر چيو ته سندس والده هڪ معمولي بيماريءَ جي ڪري فوت ٿي وئي هئي ڇو ته هن مرد ڊاڪٽر کان بيماريءَ جو علاج ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هيو. پختون، اهڙو نسلي گروهه آهن جيڪي غيرت ۽ پردي جي سخت تصورن جا قائل آهن.

ڊاڪٽر عزيزالله ٻڌايو ته سندس ماءُ سان سلهاڙيل صورتحال سبب مونجهاري جو شڪار رهڻ بعد نيٺ هن ماڻهن کي تعليم ڏيڻ خاص ڪري عورتن کي تعليم جي سهولت مهيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪي پوءِ قوم جي خدمت ڪري سگھن. عورتون جن مسئلن کي منهن ڏئي رهيون آهن انهن جي خاتمي جي سلسلي ۾ عورتون ئي اهميت وارو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿيون ان کان علاوه ملڪ جي ترقيءَ خاطر به هو اهم ڪردار ڪنديون آهن.

موڙا ايجوڪيشنل ڪامپليڪس جي ويب سائيٽ وسيلي معلوم ٿيو آهي ته، افغانستان ۾ قائم ادارن مان هي سڀني کان منفرد آهي. اها دعويٰ ان وقت حقيقت تي ٻڌل لڳڻ شروع ٿيندي، جڏهن ڪوئي ماضيءَ تي غور ڪندي افغانستان جي ويجهي تاريخ تي نظر وجهندو ته کيس محسوس ٿيندو ته عورتن لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن ۽ هن قسم جي اسڪولن جو هجڻ پهريان ان ڪري ممڪن نه هيو، ڇو ته ملڪ اندر ڪيترن ڏهاڪن کان جاري جنگ ۽ خونريزيءَ واري صورتحال سبب عورتن ۽ سندن حقن کي گھڻو هاڃو رسيو هيو.

افغانستان جي تعليم واري وزارت پاران لڳايل ڪاٿي موجب موجوده وقتن ۾ ملڪ جي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ 8.4 ملين شاگرد (جن مان 39 سيڪڙو ڇوڪريون آهن) تعليم پرائي رهيا آهن، ”بروڪلن انسٽيٽيوٽ“ مطابق 2001 ۾ شاگردن جي انگ متعلق جيڪي اندازا لڳايا ويا هئا انهن مطابق سندن تعداد ۾ اهڙو اضافو حيران ڪندڙ آهي. تنهن هوندي به، لڳ ڀڳ 3.3 ملين ٻارڙا (جن مان لڳ ڀڳ 33 سيڪڙو ٻار اسڪول وڃڻ جي عمر وارا آهن) جن ۾ گھڻائي ڇوڪرين جي آهي اهي اسڪولن ۾ داخل ٿيل نه آهن ۽ وڏيءَ عمر وارن افغانين جو پڙهيو لکيو نه هجڻ افغانستان اندر تعليم جي صورتحال لاءِ ڳڻتي جوڳو مسئلو آهي.

آباديءَ جي تناسب جي حساب سان افغانستان ۾ وسندڙ اهي ماڻهو جن جي عمر 25 سالن کان مٿي آهي ۽ انهن ڪنهن هڪ سطح واري تعليم مڪمل ڪئي آهي، اهڙن مرد شهرين جي شرح 7 سيڪڙو ۽ عورتن جي شرح صرف 3 سيڪڙو آهي. موڙا تعليمي ڪامپليڪس جي بانيڪار ٻڌايو ته، پنهنجي ماءُ جي بيماريءَ واري ڳالهه کي نظر ۾ رکندي هن ان مقصد کي ماڻڻ خاطر ڪم شروع ڪيو ته عورتن کي اعليٰ تعليم ۽ خاص ڪري ميڊيڪل جي تعليم مهيا ڪئي ويندي. شور شرابي کان پاڪ ڪابل جي پسگردائيءَ ۾ واقع پهاڙي علائقي ۾ ڦهليل تعليمي ادارن جي ان مجموعي جو افتتاح افغانستان جي خاتون اول ”رولا غنيءَ“ پاران مئي 2016 ۾ ڪيو ويو.

پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ افغان خاتون اول رولا غنيءَ چيو ته ”ملڪ جي ترقيءَ ۽ تعليم خاطر چندي جو انتظار نه ڪرڻ گھرجي. اهي قومون جيڪي پنهنجي سِر پاڻ ڪم ڪنديون آهن اهي ڪنهن ٻئي تي ڀاڙڻ بجاءِ ۽ رڪاوٽن کانسواءِ اڳتي وڌنديون آهن. ان موقعي تي رولا غنيءَ پاران پنهنجي تقرير ۾ انهن ماڻهن جي ساراهه ڪئي وئي جن انفرادي توڙي گروهه جي صورت ۾ ملڪ اندر توڙي ملڪ کان ٻاهر ويهي عورتن جي ترقيءَ ۽ افغان سماج ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪوششون ورتيون آهن.

ان کان علاوه عورتن ۽ عورتن جي تعليم خاطر اڳوڻي افعان صدر حامد ڪرزئيءَ جي حڪمرانيءَ واري دور ۾ نمايان ڪوششون وٺڻ جي پڻ ساراهه ڪئي وئي، پر عورتن جي حقن لاءِ سرگرم ادارن پاران حامد ڪارزئي مٿان ان حوالي سان سخت تنقيد به ڪئي وئي ته هن 2012 ۾ هڪ ”ضابطه اخلاق“ جي توثيق ڪئي جيڪو ملڪ جي علماءَ ڪائونسل تيار ڪيو هيو. ان ضابطه اخلاق جي اصولن ۾ ٻين کان علاوه هي اصول پڻ شامل آهي ته ڪا به عورت پنهنجي ڪنهن مرد نگران کانسواءِ اڪيلي سِر عوامي ٽرانسپورٽ ۾ سفر نه ڪري سگھندي ۽ ڪنهن به صورت ۾ ڌارين مردن سان ڪم ڪار واري هنڌ، اسڪول توڙي مارڪيٽ ۾ ملي جلي نه سگھندي.

جڏهن اعليٰ تعليم جي ميدان ۾ عورتن جي اڳڀري ٿيڻ بابت کانئس سوال پڇيو ويو ته ان جي جواب ۾ اڳوڻي افغان صدر حامد ڪارزئيءَ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ”35 سيڪڙو عورتن اعليٰ تعليم ڏيڻ وارن ادارن ۾ سيٽون حاصل ڪري ورتيون آهن، 27 سيڪڙو عورتن سياست ۽ 22 سيڪڙو عورتن سول سروسز ۾ نوڪريون حاصل ڪري ورتيون آهن. عورتون اسانجي ملڪ جي اڌ آبادي آهن ۽ اسان لاءِ ضروري آهي ته کين مردن جي برابر اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪيون.

افغانستان جي اعليٰ تعليم بابت وزير فريده مومند مطابق، افغانستان جي اعليٰ تعليم واري وزارت پنهنجي وس آهر ملڪ اندر ڇوڪرين جي تعليم پرائڻ واري شرح ۾ اضافو ڪرڻ خاطر قدم کڻي رهي آهي. فريده مومند پاران نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ويو ته، اعليٰ تعليم وٺڻ لاءِ جيڪي ابتدائي امتحان ورتا ويندا آهن انهن ۾ ڇوڪرين پاران حصو وٺڻ واري شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. عورتن کي بهتر تعليم ڏيارڻ لاءِ اسان وسيلا استعمال ڪري رهيا آهيون ۽ اسان کي يقين آهي ته ان جي نتيجي ۾ جلد پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ مهارت رکندڙ ۽ پيشه ور عورتون ادارن مان سندون وٺي عملي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ موجود هونديون.

هن جو چوڻ هو ته ڪابل ۾ آفيسن، پيشه ورانه نوڪرين جي مرڪزن، غيرسرڪاري سماجي تنظيمن ۽ ڪاروباري مرڪزن اندر هاڻي افغان عورتون تمام وڏي انگ ۾ مختلف سطحن تي پيشه ورانه انداز سان ڪم ڪري رهيون آهن.

ڪابل يونيورسٽيءَ ۾ جرنلزم شعبي جي ڊين پروفيسر ايم واحد غروال ٻڌايو ته ”ڪابل يونيورسٽي، افغانستان ۾ گڏيل تعليم حاصل ڪرڻ جو سڀ کان وڏو تعليمي ادارو آهي، جنهن ۾ 76 هزار شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جن ۾ ڇوڪرين جو تعداد 33 هزار آهي.

ان هوندي به، هڪ اهڙي ملڪ اندر جتي هر هڪ کي تعليم مهيا ڪري ڏيڻ مشڪل ڪم آهي، اهو ئي سبب آهي ته ان ملڪ جون لکين عورتون تعليم ۽ تعليمي ادارن تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهجي ويون آهن.

”ميڊيوٿيڪ“ نالي هڪ افعان-جرمن سماجي اداري لاءِ ڪم ڪندڙ سرگرم ڪارڪن حامد ززائيءَ ٻڌايو ته ”حڪومت کي معياري تعليم ڏيڻ کان علاوه تعليم واري شعبي ۾ عورتن کي ڪم ڪرڻ جا گھڻي کان گھڻا موقعا مهيا ڪرڻ گھرجن. ڪيترائي افغان سرمائيدار جيڪي 2001 کانپوءِ واپس وطن موٽيا آهن انهن تعليم جي شعبي ۾ ڳچ ناڻو سيڙايو آهي پر نجي سطح تي ڏني ويندڙ تعليم حاصل ڪرڻ کان ڪيترائي غريب ۽ ضرورتمند ماڻهو محروم رهجي وڃن ٿا، جڏهن ته سرڪار جيڪي تعليمي ادارا قائم ڪري رهي آهي اهي اڃان ان لائق نه ٿي سگھيا آهن ته تعليم جا ڀرپور موقعا ميسر ڪري سگھن.

پولي ٽيڪنڪ يونيورسٽي ڪابل جي ڪمپيوٽر سائنس شعبي جي اڳوڻي شاگرد بشير بارن جو چوڻ آهي ته، افعانستان کي جنگ شديد انداز سان متاثر ڪيو آهي ۽ رتوڇاڻ اڃان به هلندڙ آهي. عورتن ۽ مردن لاءِ انتهائي منظم قسم جو تعليمي نظام قائم ڪرڻ ۾ اسانکي اڃان ڪجهه وقت لڳي ويندو. في الحال ته ملڪ جي تعليمي ادارن اندر تربيت يافته عملي ليبارٽرين، ڪتابن ۽ ايتري حد تائين جو هاسٽلن اندر معياري کاڌي پيتي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ آهي.

موڙا ايجوڪيشنل ڪامپليڪس جي استاد صدف رحماني، جيڪا بزنس ايڊمنسٽريشن شعبي ۾ پڙهائيندي آهي، تنهن ٻڌايو ته”هتان کان اڳ هن پنهنجي تعليم هڪ پناهه گير ٻار جي حيثيت ۾ پشاور مان حاصل ڪئي، ڇاڪاڻ ته انهن وقتن ۾ ڪابل اندر عورتن لاءِ يونيورسٽي ۽ ٻيا تعليمي ادارا موجود ئي نه هيا. سندس والدين ان وقت کيس گڏيل تعليمي اداري اندر پڙهڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ به تيار نه هئا. جيئن ته ڪابل ۾ عورتن لاءِ الڳ يونيورسٽيءَ جو افتتاح ٿي چڪو آهي ۽ يقين آهي ته هاڻي انهن خاندانن کي پنهنجون نياڻيون هتي پڙهائڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ٿيندو جيڪي قدامت پسند خيالن جا پوئلڳ آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here