ڪراچي (شوڪت ڪورائيءَ وٽان) مذهبي اقلتين جي شادين کي قانوني حيثيت ڏيڻ خاطر سنڌ اسيمبليءَ پاران ويجهڙائيءَ ۾ منظور ڪيل ”هندو ميرج لا“ کي سنڌ ۾ وسندڙ سکن رد ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ وسندڙ مذهبي اقليتن جي شادين کي قانوني تحفظ ڏيڻ جي ارادي سان، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبليءَ پاران فيبروري 2016 ۾ هڪ بل منظور ڪيو ويو جنهن تحت اقليتي جوڙن جي شادين جي رجسٽريشن ڪري سگھبي.

پاڪستان ۾ وسندڙ مذهبي اقليتن جي سڀ کان وڏي ڌڙي هندن پاران ان بل جي آجيان ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سکن پاران انهيءَ قانون کي رد ڪندي چيو ويو آهي ته سندن عقيدو ٻين کان مختلف آهي ۽ منظور ڪيل قانون تحت مٿن اها پابندي پوي ٿي ته هو شادين کي ”هندو“ قانون تحت رجسٽر ڪرائين.

1998 جي آدمشماريءَ مطابق پاڪستان جي 93 سيڪڙو آبادي مسلمانن تي مشتمل آهي، جڏهن ته باقي 7 سيڪڙو آبادي مذهبي اقليتن جي مختلف گروهن سان واسطو رکندڙ ماڻهن تي مشتمل آهي، جن ۾ هندو، سک، عيسائي ۽ ٻيا شامل آهن. ڏاکڻين سنڌ جي شهرن جي آباديءَ ۾ مذهبي اقليتن جو تناسب 9 سيڪڙو آهي. پاڪستان سک ڪائونسل، سک عقيدي جي پوئلڳن جي نمائنده تنظيم آهي. ان تنظيم جي اڳواڻن مطابق، پاڪستان ۾ سکن جي آبادي لڳ ڀڳ 20 هزار آهي.

سنڌ اندر شادين جي رجسٽريشن واري نئين قانون متعلق سک ڪائونسل پاران سنجيده نوعيت جا اعتراض اٿاريا ويا آهن. هن بل جي خاڪي ۾ جيڪو مواد شامل ڪيو ويو آهي، ان تحت هندن جي شادين جون رسمون هڪ ئي انداز سان هندن، سکن توڙي جين مت جي پوئلڳن مٿان لاڳو ٿينديون.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي پاڪستان سک ڪائونسل جي صدر رميش سنگهه ٻڌايو ته هندو ميرج قانون تحت حڪومت سکن کي هندو مت جي ماتحت ڪري ڇڏيو آهي. اسان هندو ناهيون ۽ جيئن ته سک آهيون ان شناخت جي ناتي سان اسان هن قانون جي سخت مذمت ڪيون ٿا. اسان پاڪستان ۾ اقليتن جي شادين جي رجسٽريشن جي حمايت ڪيون ٿا پر اسانجي برادريءَ کي ان ڳالهه تي سخت اعتراض آهن ته اسان کي هندو برادريءَ ۾ شامل ڪري ڇڏيو ويو آهي.

رميش سنگهه اهو پڻ ٻڌايو ته سندن نمائندن تي ٻڌل هڪ وفد سنڌ اسيمبليءَ جي اقليتي ميمبرن سان ملاقاتون ڪيون آهن ته جيئن کين پنهنجي شڪايت کان آگاهه ڪن ۽ ان جي موٽ ۾ مثبت ردعمل حاصل ڪري سگھن. جيڪڏهن حڪومت انهيءَ قانون ۾ ترميم نه ڪندي ته سک برادري اهڙي قسم جي قانونسازيءَ تي عدم اعتماد ظاهر ڪرڻ لاءِ احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏيندي.

هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن پارليامينٽ سندن مسئلو حل ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي ته سک برادري انهيءَ مسئلي کي عالمي سطح جي فورمن سامهون پڻ اٿاريندي رهندي. رميش سنگهه ٻڌايو ته انهيءَ مسئلي بابت 26 جون تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال بعد سنڌ اسيمبليءَ اڳيان احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيوويو.

جڏهن ته قانون متعلق سنڌ جي صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته اسيمبليءَ پاران منظور ڪيل قانون متعلق جيڪڏهن ڪنهن کي به ڪي اعتراض آهن ته اهي اسانجي ڄاڻ ۾ آندا وڃن ته جيئن اسان انهن جو جائزو وٺي قانون ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪيون. سک برادريءَ کي گھرجي ته اهي رستن تي احتجاج ڪرڻ بجاءِ سنڌ اسيمبليءَ کي موقعو ڏئي ته اها ان بل ۾ ترميم ڪري سندن اعتراضن کي ختم ڪري.

ڊاڪٽر سڪندر منڌري اهو پڻ چيو ته سنڌ حڪومت پاران اهو قانون منظور ڪرڻ کان اڳ ان جو مسودو اقليتن جي ايم پي ايز کي مهيا ڪيو هيو ته جيئن اهي جائزو وٺڻ بعد مسودي ۾ ترميمن جي صلاح ڏئي سگھن. هر هڪ ميمبر پاران مسودي کي منظور ڪرڻ بعد ئي، ان بل کي اسيمبليءَ جي ايوان مان مڪمل اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.

اقليتن لاءِ مخصوص سيٽن تي چونڊجي آيل متحده قومي موومينٽ جو ايم پي اي ديوان چند چاوله به انهن ميمبرن ۾ شامل آهي، جن ”هندو ميرج بل“ جي مسودي جو جائزو ان وقت ورتو، جڏهن اهو اڃان سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان ۾ پيش نه ڪيو ويو هيو. ديوان چند چاوله، اقليتن جي معاملن بابت اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ آهي، هن بل متعلق پاڪستان سک ڪائونسل پاران ڏنل سفارشن سان به اتفاق ڪيو.

ٽيليفون وسيلي نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ديوان چند چاوله چيو ته پاڪستان سک ڪائونسل پاران قانون متعلق اعتراض پيش ڪرڻ ۾ دير ڪئي وئي. اعتراض ان وقت اٿاريا ويا جڏهن بل پاس ٿي چڪو هيو ۽ اهو گزيٽ ۾ پڻ شامل ٿي چڪو هيو.

هن صلاح ڏني ته ان معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ اسيمبليءَ وسيلي قانون جي نالي ۽ شقن ۾ ترميم ڪري سگھجي ٿي. کيس اميد آهي ته ان نوعيت واري اڳڀرائي ترت عمل ۾ آندي ويندي ۽ سمورن شراڪت دارن کي ان عمل ۾ شامل ڪري اعتراض ختم ڪيا ويندا ۽ ان سلسلي ۾ قانونسازي اهڙي انداز سان ئي ڪئي ويندي ته جيئن ڪنهن کي به ان قانون تي اعتراض نه هجن.

ٻئي طرف، هن قانون جي ڪري هندو برادريءَ ۾ خوشيءَ جي لهر ڦهليل آهي. ڊاڪٽر جئه رام 4 سال اڳ ڊاڪٽر سيتا ڪماريءَ سان شادي ڪئي هئي. ڊاڪٽر جئه رام ٻڌايو ته شاديءَ بعد ”هني مون“ ملهائڻ خاطر هو ۽ سندس گھر واري اسلام آباد ڀرسان ڪوهه مريءَ ويا هئا. اتي پهچڻ بعد جڏهن هنن هوٽل ۾ رهڻ چاهيو ته هوٽل وارن کين ان ڪري ڪمرو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ڇو ته سندس گھر واريءَ جي شناختي ڪارڊ تي هن جي پيءُ جو نالو لکيل هيو ۽ مڙس طور سندس نالو موجود نه هيو ڇو ته اهڙو ڪو به قانوني دستاويز ئي موجود نه هوندو هيو جنهن تحت هو شادي شده عورتن جي ڪارڊ ۾ مڙس جو نالو شامل ڪرائي سگھن.

سنڌ اسميبليءَ جي هڪ ٻئي اقليتي ميمبر نند ڪمار گوکلاڻيءَ پڻ سک برادريءَ کي خاطري ڪرائيندي چيو ته ترت سندن مسئلي جو حل ڪڍيو ويندو ۽ انهن جي اعتراضن کي ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here