پشاور: هيٺئين وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ نوجوان ذڪاءُ الله لاءِ رمضان جي برڪتن ڀرئي مهيني دوران عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي وڃڻ سبب کاڌي پيتي جي وڌي ويل ضرورتن ۽ خرچن کي ضابطي ۾ رکڻ مشڪل ٿي پيو آهي. ذڪاءُ الله ۽ هُن جهڙن ٻين ماڻهن لاءِ هن سال جيتوڻيڪ مشڪلاتون معمولي نوعيت جون آهن پر کين ٻه طرفين پريشانين کي ان ڪري منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ڇو ته هڪ طرف کاڌي پيتي جي شين جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿيو آهي ته ٻئي طرف انتظاميا پاران رمضان المبارڪ دوران قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ سستي بازار قائم ناهي ڪئي وئي.

ذڪاءُ الله جو چوڻ آهي ته حقيقي سستي بازار جو مطلب آهي ته رمضان مهيني جي مناسبت سان انتظاميا پاران قائم ڪرايل هڪ اهڙي مارڪيٽ جتي دڪاندار عام واهپي جون شيون سرڪار پاران طئي ڪيل اگھن تحت وڪرو ڪندا هجن ۽ خريدارن کي مهانگائيءَ جي دٻاوَ کان بچڻ جي سهولت مليل هجي، توڙي جو اها هڪ ڏند ڪٿا هوندي آهي، پر هن سال ته عوام کي اهڙي سهولت به مليل نه آهي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي ذڪاءُ الله چيو ته اهو رواج هاڻي ڄڻ ته پنهنجا پير پختا ڪري چڪو آهي ته هر سال رمضان مهيني دوران کاڌي پيتي جي شين جا اگهه چوٽ چاڙهي ڇڏڻا آهن، پر هن سال ته اها به حد ٿي وئي آهي جو سڄي شهر اندر هڪ به سستي بازار قائم نه ڪئي وئي آهي جتان هو پنهنجي گھر ڀاتين جي روزي کولڻ لاءِ کاڌي پيتي جون شيون مناسب اگهه تي خريد ڪري سگھي.

رمضان، هجري سال جو نائون مهينو آهي، ان مهيني دوران سڄي دنيا جا مسلمان روزا رکندا آهن. جنهن ڪري انهيءَ مهيني دوران کاڌي پيتي، فروٽ، ڀاڄين، گوشت، عام واهپي جي ٻين شين جي اگھن ۾ اوچتو واڌارو ٿي ويندو آهي.

رمضان جي مهيني ۾ شين جي طلب وڌڻ جي ڪري دڪاندار هر سال کاڌي پيتي، فروٽ، ڀاڄين، گوشت ۽ گھريلو استعمال جي شين جا اگهه وڌائي ڇڏيندا آهن. ملڪ جي ٻين شهرن ۾ صوبائي ۽ ضلعي انتظاميه شهرين جي سهولت خاطر سستيون بازارون قائم ڪرائينديون آهن پر گذريل ٻن سالن کان پشاور ۾ اهڙي بازار قائم نه پئي ڪرائي وڃي. 13 جون 2016 تي پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران جاري ڪيل هڪ پريس رليز ۾ خيبرپختونخواه صوبي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت ۾ قائم صوبائي حڪومت مٿان سستا بازار قائم نه ڪرڻ سبب سخت تنقيد ڪئي وئي آهي. پريس رليز ۾ چيو ويو هو ته جيئن ته منافعي خورن مٿان ڪو به ضابطو ناهي رکيو ويو آهي ان ڪري عوام مجبور آهي ته اهي عام واهپي جون شيون مهانگي اگهه تي خريد ڪندو رهي.

ذڪاءُ الله جهڙا اهي ماڻهو، جن جي آمدني گھٽ آهي انهن لاءِ مهانگائي جو سڌو سنئون مطلب اهو ئي آهي ته هو ڪيترين ضروري شين جي خريداريءَ کان محروم ٿي پون ڇو ته شهر جي انتظاميا فروٽ، ڀاڄين، عام استعمال جي گھريلو ۽ کاڌي پيتي جي شين جو وڪرو سرڪاري اگھن مطابق ڪرائڻ واري سلسلي ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.

ذڪاءُ الله جو چوڻ هو ته قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿيڻ واري سلسلي کي روڪڻ خاطر انتظاميا ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ٿي ڪري، ايتري حد تائين جو ڪو آفيسر مارڪيٽ جو دورو ڪري دڪاندارن کي اهو باور به نه پيو ڪرائي ته انتظاميا قيمتن تي نظر رکيو ويٺي آهي. آفيسرن جا اهڙا دورا ڏيکاءُ ئي هوندا آهن، سندن اهڙي دوري جون ميڊيا ۾ خبرون شايع ٿينديون آهن. عوام کي سهولت مهيا ڪرڻ جي سلسلي ۾ توڙي جو ڪو گھڻو فرق ناهي پوندو پر ٿورو ئي سهي دڪاندارن تي ان جو اثر ضرور پوندو آهي.

پشاور ضلعي حڪومت جي ترجمان فيروز شاهه جي بيان موجب ته، قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ جي ذميواري ضلعي حڪومت جي نه پر ضلعي انتظاميا جي آهي ۽ ضلعي انتظاميا مٿان ئي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته رمضان مهيني دوران سستيون بازارون قائم ڪري قيمتن کي ڪنٽرول ۾ آڻي.

ٽيليفون وسيلي نيوز لينز پاڪستان کي موقف ڏيندي ضلعي انتظاميا جي ترجمان ساجد خان چيو ته رمضان جي مناسبت سان سستيون بازارون قائم ڪرڻ جو مطلب آهي ته عوام کي عام واهپي ۽ روزاني کاڌي پيتي جون شيون مقررڪيل اگھن تي مهيا ڪرڻ، ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميا پاران هن سال دڪاندارن مٿان ڪرڙي نظر رکي اهو اهتمام ڪيو ويو آهي ته عوام کي هر هڪ مارڪيٽ اندر شيون مقرر اگھن تي ئي ميسر ٿينديون رهن.

اهڙين دعوائن باوجود قيمتون ضابطي هيٺ هجڻ بابت ثابتيون نظر نه ٿيون اچن ڇو ته ميون ۽ ڀاڄين وڪرو ڪرڻ وارن وٽ قيمتون وڌائڻ جا پنهنجا دليل موجود آهن.

پشاور ۾ شاهي باغ ڀرسان واقع سبزي منڊيءَ ۾ فروٽ وڪرو ڪندڙ دڪاندار محراب شنواريءَ جو چوڻ هو ته اگھن ۾ واڌ بابت عوام جون دانهون جائز آهن پر عوام کي سهولت مهيا ڪرڻ جي سلسلي ۾ دڪاندار ڪجهه به نه ٿا ڪري سگھن. ڇو ته هڪ پاسي وڏا واپاري هر شئي جي ذخيره اندوزي ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف رمضان مهيني جي ڪري سبزي منڊيءَ ۾ وڪرو ٿيندڙ سمورن اسمن جو واڪ وارو اگهه به وڌايو ويو آهي، اهو ئي سبب آهي ته عام واهپي وارين شين جا ريزڪي اگهه به وڌي ويا آهن.

محراب شِنواريءَ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته جيڪڏهن ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو ڪندڙ دڪاندار ۽ گھورڙيا پاڻ ئي وڌيڪ اگهه تي مال خريد ڪندا هوندا ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اهي پنهنجون شيون سستي اگهه تي وڪرو ڪن؟ ڪيترائي ڀيرا ايئن به ٿئي ٿو ته ڀاڄين ۽ ميون سان ڀريل ڪيترن ئي ڪريٽن مان ميوو ۽ ڀاڄيون خراب نڪرن ٿيون اهڙي صورت ۾ واپارين ۽ دڪاندارن کي جيڪو نقصان ٿئي ٿو هو ان نقصان جو پورائو ڪرڻ لاءِ به اگهه وڌائي ڇڏين ٿا.

سرڪار پاران مقرر ڪيل اگھن تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ فوڊ ڪنٽرولر تصبيح الله جو چوڻ هو ته هو مختلف مارڪيٽن ۾ مسلسل ڇاپا هڻندا رهن ٿا، سرڪاري اگھن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ درجنين دڪاندارن کي گرفتار به ڪري چڪا آهن ته انهن مٿان ڏنڊ پڻ هڻي چڪا آهن. سرڪار پاران مقرر ڪيل قيمتن کان وڌيڪ اگهه تي شيون وڪڻندڙ 86 دڪاندارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ذخيره اندوزن ۽ غيرمعياري شيون وڪرو ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

ضلعي انتظاميا جي ترجمان ساجد خان جو چوڻ هو ته پشاور ۾ مقرر مئجسٽريٽ (اسسٽنٽ ڪمشنر) پنهنجن پنهنجن تعلقن جي مختلف مارڪيٽن ۾ صبح سوير بنان ڪنهن پروٽوڪول جي سادن ڪپڙن ۾ عام گراهڪ جي روپ ۾ وڃي منافعي خورن ۽ وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف ڪارروايون ڪري رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته اهڙين ڪاررواين جو مقصد اهو آهي ته قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ وارين ڪاررواين کي وڌيڪ نتيجا خيز بڻائي سگھجي. فجر مهل سادن ڪپڙن ۾ بغير پروٽوڪول جي ڇاپن هڻڻ وارو سلسلو پشاور جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو شروع ڪيو ويو آهي. اهڙن ڇاپن جي نتيجي ۾ سرڪاري اگھن کان وڌيڪ اگهه تي شيون وڪرو ڪرڻ وارن، ذخيره اندوزي ڪندڙن ۽ غيرمعياري شيون وڪرو ڪرڻ وارن سوين دڪاندارن ۽ واپارين کي يا ته گرفتار ڪيو ويو آهي يا مٿن ڳرا ڏنڊ وڌا ويا آهن.

پشاور جي ”نوٿيا بازار“ ۾ خريداري ڪندڙ هڪ گراهڪ سعد علي خان نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته فوڊ کاتي، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کاتي جي آفيسرن وچ ۾ رابطي جو فقدان آهي اهو ئي سبب آهي ته دڪاندارن مٿان لڳندڙ ڇاپا نتيجا خيز بڻجي نه سگھيا آهن.

سعد خان جو چوڻ هو ته انتظاميا جي ڪارندن کي گھرجي ته اهي بغير ڍر ڏيڻ جي ڇاپا مار ڪارروايون جاري رکندا اچن ۽ اهڙين ڪاررواين کانپوءِ به صورتحال جي پوئواري ڪندا رهن ته دڪاندار سرڪاري اگھن مطابق واپار ڪري رهيا آهن يا نه پيا ڪن؟.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here