پشاور ۾ 70سالن کان بند پيل گردوارو کلي ويو، تحفظ بابت خطرا موجود

0
1253

پشاور (رپورٽ: شيراز اڪبر) لڳ ڀڳ سَتر سالن جي ڊگهي ڪرب واري انتطار بعد سردار سنتوڪ سنگهه هاڻي تمام خوش آهي ته آخر اهو انتظار ختم ٿيو. گُردوارا ڀائي بِيبا سنگھ ٻاهران مليل اهو شخص ان هنڌ تي عبادت ڪرڻ جي ارادي سان آيل هيو. پشاور ۾ واقع سِکن جو 300 سال پراڻو گردوارو عبادت لاءِ کولئي وڃڻ جي ڪري سردار سنتوڪ سنگھ جي لفظن، چهري ۽ ڪشادين اکين مان خوشيءَ جا جذبا جهلڪي رهيا هئا.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي 30 سالن جي نوجوان سردار سنتوڪ سنگهه چيو ته ”جنهن هنڌ اسان جي ابن ڏاڏن عبادت ڪئي ان ساڳئي گردواري ۾ عبادت ڪرڻ زبردست خوشيءَ جو موقعو آهي“. هن جي ارد گرد مختلف رنگن واريون پڳڙيون پاتل ٻارڙن توڙي وڏي عمر وارن ماڻهن جو هجوم گڏ ٿيل هيو. هجوم ۾ موجود ڏاڙهين وارا چهرا خوشيءَ مان ٻهڪي رهيا هئا. اهي سڀ ان ڪري ئي خوشيءَ ۾ سرشار هئا ته پشاور ۾ واقع سندن مقدس ۽ تاريخي مقام اندر کين هڪ دفعو ٻيهر عبادت ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت ٿيل فسادن جي ڪري پشاور جي هن تاريخي 300 سال پراڻي گُردواري ڀائي بيبا سنگھ ۾ سکن پاران عبادت ڪرڻ وارو عمل 1947 ۾ ان ڪري بند ٿي ويو ڇو ته فسادن کان تنگ اچي شهر ۽ ڀرپاسي جا ڪيترائي سک خاندان پنجاب جي شهرن يا افغانستان جي سرحد سان لڳو لڳ قبائلي علائقن جي ضلعن خيبر، ڪُرم ۽ اورڪزئي ايجنسي ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري ويا.
قبائلي علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري ويل سک مقامي پختون قبيلن سان اهڙيءَ طرح گڏجي رهڻ لڳا جو وقت گذرڻ سان گڏ هنن پشتون قبيلن وارا نالا ۽ سڃاڻپ به اختيار ڪري ورتي. 31 مارچ 2016 واري ڏهاڙي 70 سالن جي وڏي انتطار کانپوءِ نيٺ هِن گردواري کي سکن جي عبادت لاءِ کوليو ويو ته ان جي ڪشادن هالن ۽ راهدارين مان پاٺ صاحب ۽ دعائن جي گونج ٻڌڻ ۾ ايندي رهي. گُردواري ۾ عبادت لاءِ آيل، خوشيءَ ۾ مگن ماڻهن جي ميڙ کي مخاطب ٿيندي سک برداريءَ جي چڱي مڙس سردار من موهن سنگھ چيو ته ”سالن پڄاڻان سکن ۽ مسلمانن وچ ۾ ڀائيچاري وارا رويا مضبوط ٿيا آهن ۽ هاڻي صورتحال اڳ جهڙي ناهي رهي“.

اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ جي ايڊمنسٽريٽر آصف خان ٻڌايو ته، بندش وارن سالن دوران، گُردواري جو مکيه حصو اوقاف کاتي جي انتظامن هيٺ رهندو پئي آيو، اوقاف کاتو ئي عبادت وارن مقدس هنڌن جي سار سنڀال لاءِ ذميوار هوندو آهي، پر جيئن ته اوقاف کاتو مناسب سار سنڀال ۽ نگراني نه ڪري سگھيو ته گردوارو قبضي گيرن جي وَرِ چڙهي ويو، ضروري نوعيت جي مرمت ۽ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ جي ڪري هي هنڌ کنڊر جو ڏيک ڏيڻ لڳو.

جڏهن ته ڳچ وقت تائين، مقامي ماڻهو اها دعويٰ ڪندا رهيا ته اهو گردوارو نه آهي ڇو ته هنن وڏي وقت کان هتي ڪنهن کي به عبادت ڪندي ناهي ڏٺو. ٻئي طرف سک برادري مستقل طور تي اهڙيون ڪوششون ۽ مطالبا ڪندا رهي ته گردواري کي کولي اتي بنان ڪنهن روڪ ٽوڪ جي عبادت ڪرڻ ڏني وڃي، جنهن بعد اوقاف کاتي پاران گردواري جي بحاليءَ ۽ مرمت جو فيصلو ڪندي 11 لک روپيا خرچ ڪيا.

اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ (اِي ٽي پي بي) جي چيئرمين محمد صديق الفاروق پاران 31 مارچ واري ڏهاڙي گردواري جا انتظام سک برادريءَ جي هٿ هيٺ ڏنا. ان تقريب ۾ خيبرپختونخواه صوبي جي وڏي وزير جو اقليتي معاملن بابت وزير ۽ خاص مددگار سردار سَورن سنگهه (جنهن کي ڪجهه ڏينهن بعد قتل ڪيو ويو) پڻ موجود هيو.
نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صديق الفاروق چيو ته ”لڳ ڀڳ 7 ڏهاڪن کان بند پيل گردواري جو کُلڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مختلف عقيدن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وچ ۾ مذهبي هم آهنگي ۽ هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ وارو ماحول قائم ٿي چڪو آهي“.
پشاور جي هشتناگري بازار ۾ سکن جي پراڻي وسنديءَ جوگيواڙا محلي ۾ واقع گردوارو مشهور سک حڪمران راجا رنجيت سنگهه پاران جوڙايو ويو هيو. رنجيت سنگهه ننڍي کنڊ اندر سکن جي سلطنت جو باني هيو، جيڪو پنجاب جي شهر لاهور مان پنهنجي سلطنت جو ڪارونهوار سنڀاليندو هيو. هن جي سلطنت لڳ ڀڳ 50 سالن تائين 1799 کان وٺي 1849 تائين قائم رهي. سکن جي حڪمرانيءَ جو خاتمو هندوستان جي انگريز حڪمرانن پاران آندو ويو. پشاور ۾ سکن جي آبادي به انهن وقتن ۾ وڌي هئي جن ڏينهن ۾ خيبرپختونخواه جا علائقا راجا رنجيت سنگهه جي سلطنت جو حصو بڻيل هئا.

سردار من موهن سنگهه جو چوڻ آهي ته ”ڪيترن ڏهاڪن کان ويران ۽ بند پيل گردواري ۾ اَرداس (روحاني عبادت جي دعا) ۽ گرو گرنٿ صاحب (سکن جو پاڪ ڪتاب) جو پاٺ هڪ دفعو ٻيهر شروع ٿيڻ تمام گھڻي خوشيءَ جو سبب بڻيل آهي. اسانجي خوشي اڃان به ٻيڻي ٿي ويندي ته هن هنڌ کي ماضيءَ جيان نه صرف عبادت لاءِ استعمال ڪيو وڃي پر هتي سک توڙي غير سک عورتن کي هنري تربيت ڏيڻ جو سينٽر پڻ کوليو وڃي“.

82 سالن جي هڪ مسلمان عورت شفقت آراء 1954 کان وٺي گردواري جي احاطي اندر رهائش پذير آهي. گردواري جي احاطي اندر واقع هڪ ننڍڙو ڪمرو هن اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ کان ڪرائي تي حاصل ڪيو، جيڪو گردواري جي عمارت کان الڳ جوڙيل آهي. شفقت آرا، خيبرپختونخواه صوبي جي پيشه ورانه تربيت ڏيڻ واري کاتي جي پهرين سربراهه رهي چڪي آهي ۽ پنهنجي ملازمت دوران هن ڇوڪرين لاءِ هنري سکيا جا 14 اسڪول مختلف علائقن ۾ قائم ڪرايا هئا.
نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي شفقت آرا چيو ته ”مونکي تمام گھڻي خوشي ٿي آهي ته سک برداريءَ لاءِ گردواري کي هڪ دفعو ٻيهر کوليو ويو آهي. هڪ دفعو وري هن عمارت جي احاطي ۾ هلچل ۽ سرگرمي مچي پئي آهي ۽ هاڻي منهنجي تنهائي به ختم ٿي ويندي“.

اقليتن جي معاملن بابت ان وقت جي صوبائي وزير سردار سَورن سنگهه ان دوران چيو هو ته ”هڪ سک جي حيثيت ۾ مان وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جو ٿورائتو آهيان ڇو ته هنن گردواري کي ساڳي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ لاءِ عملي ڪوششون ورتيون.
اڄ قائد اعظم محمد علي جناح جي ان خواب، جنهن تحت هن ملڪ کي اقليتن لاءِ محفوظ بنائڻ پئي چاهيو، کي تعبير ملي چڪي آهي“. جڏهن ته، گردواري جي مُک دروازي اڳيان ڪتابن جي دڪان جي مالڪ محمد عليءَ پاران سکن جي هن عبادتگاهه جي تحفظ متعلق خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي. هُن اهڙي اميد جو اظهار پڻ ڪيو ته، گردواري جي کلڻ سان علائقي ۾ ڪا ”اڻ وڻندڙ صورتحال“ پيدا نه ٿيندي.

نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي محمد عليءَ چيو ته ”گردواري جي بحالي ۽ ٻيهر کلڻ بعد مونکي صرف هن هنڌ جي تحفظ بابت ڳڻتي آهي“.
پاڪستان ۾ اقليتن خلاف دهشت جون ڪارراويون ۽ مٿن حملا ڪرڻ هڪ عام ڳالهه آهي. اهڙي قسم جو هڪ حملو 27 مارچ 2016 تي ان وقت ٿيو، جڏهن هڪ آپگهاتي بمبار لاهور جي هڪ پارڪ ۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ان حملي ۾ 26 ٻارڙن سميت 72 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. اهو حملو عيسائي برادريءَ پاران اِيسٽر جو تهوار ملهائڻ واري ڏينهن تي پارڪ ۾ آيل ماڻهن مٿان ڪيو ويو.
اهڙي حملي بعد فوج پاران پنجاب صوبي ۾انهن دهشتگردن ۽ طالبان خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جن پاران ان حملي جي ذميواري قبول ڪئي وئي هئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here