پاڪستاني فلمي صنعت اڀرڻ لڳي، سئنيمائن تي شوقينن جي رش

0
2277
: Photo By News Lens Pakistan / Izhar Ullah
:Photo by News Lens Pakistan

لاهور (رپورٽ: قاسم علي) دهشتگردي جي خطرن ۽ بالي ووڊ جي ڪاه باوجود علائقائي رنگ سبب پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جو جوڀن واپس ٿي رهيو آهي. علائقائي شناخت سبب وڏي حد تائين پاڪستان ۾ انٽرٽينمينٽ جو ڪاروبار بحال ٿي رهيو آهي. فلمون باڪس آفيس ۾ نوان رڪارڊ قائم ڪري رهيون آهن ۽ سئنيمائن ۾ ماڻهن جا هجوم نظر اچن ٿا. اهي ڏينهن ويا جڏهن بنياد پرستن ۽ ڪاروبارين علائقائي ٽيلنٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ حربا استعمال ڪيا.

فلمي صنعت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته فوجي آپريشن ضرب عضب کانپوءِ امن مان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي ۽ ان جا فلمي ڪاروبار سميت ٻين شين تي به بهتر اثر پئجي رهيا آهن. تازو ئي رليز ٿيل فلم ”جواني ڦر نهين آني“ رڳو چئن هفتن ۾ 270 ملين روپين جو ناڻو ڪمايو. جڏهن ته رانگ نمبر، ڪراچي سي لاهور ۽ جليبي فلمن پڻ سٺو ناڻو ٺاهيو. سنجيده آڊينس لاءِ ٺهيل فلمن منٽو ۽ مور پڻ مليل جليل نالو ڪمايو.

سئنما مالڪ نادر منهاس چيو ته جيڪڏهن اسان ڏهن مهينن دوران باڪس آفيس جو جائزو وٺون ته رڳو ”بجرنگي ڀائي جان“ 24.75 ڪروڙن جو تاريخي ناڻو ڪمايو، جڏهن ته باقي ڀارتي فلمون باڪس آفيس ۾ وڏو ناڻو ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيون. بجرنگي ڀائي، بالي ووڊ جي ٻن بلاڪ بسٽر فلمن پي ڪي (جنهن 24 ڪروڙ) ۽ ڌوم (جنهن 22 ڪروڙ روپيه) کان به وڌيڪ ناڻو ڪمايو. پاڪستاني فلمون موجوده وقت ۾ گوءِ کڻي رهيون آهن.

پاڪستان ۾ سئنيما جو ڪاروبار وڌي رهيو آهي ۽ ڏسندڙن پاران ان طرف پنهنجائپ وارو رجحان به وڌندو پيو وڃي. پاڪستان فلم ايگزيبيٽر ايسوسيئيشن جو اڳوڻو چيئرمين ۽ لاهور جي سئنيما پلازه (جيڪا 2009 ۾ آئي ايس آئي آفيس تي دهشتگرد حملي سبب تباه ٿي وئي هئي) جو مالڪ جهانزيب بيگ فلم انڊسٽريءَ ۾ نئين ترقيءَ سبب ڪافي پر اميد آهي. نيوز لينز پاڪستان سان فون تي ڳالهائيندي هن چيو ته ٻن ڏهاڪن کان مشڪل وقت ۾ رهندڙ پاڪستان فلم انڊسٽري هن وقت بهتريءَ طرف وڌي رهي آهي.

شهرن ۾ سئنيمائن جي بحاليءَ بعد هاڻي ننڍن شهرن ۾ پڻ سئنيمائن کي سينگاريو پيو وڃي ته جيئن ٻيهر ان ڪاروبار کي شروع ڪري سگهجي. بيگ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ اهو انتهائي فائدو ڏيندڙ ڪاروبار هوندو.

پاڪستان ۾ سئنيمائن ۾ ويندڙن لاءِ آئي ميڪس ٿيٽر جديد ترين نمونو آهي. آئي ايم اي ايڪس ڪارپوريشن جي انگن اکرن موجب هن وقت دنيا ۾ 57 ملڪن اندر اها ٽيڪنالاجي موجود آهي، جنهن ۾ ڪل 837 ٿيٽر شامل آهن. پاڪستان گذريل سال لاهور ۾ آئي ميڪس جو افتتاح ڪري ان ڪلب ۾ شامل ٿي ويو آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ به ٻه وڌيڪ اسڪرينون قائم ٿي وينديون.

پاڪستان ۾ آئي ميڪس ٿيٽر متعارف ڪرائيندڙ فراز چوڌريءَ جو چوڻ هو ته انٽرٽينمينٽ، اينوويشن واري مرحلي مان گذري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پراڻن اوزارن جي جاءِ تي نئون ساز و سامان اچي ويو آهي، وڌيڪ پڙهيل لکيل عملو موجود آهي، بهتر امن امان وارا قدم کڄي چڪا آهن. انهن سڀني قدمن سئنيمائن تي ايندڙن لاءِ ماحول جوڙي ڇڏيو آهي. هن چيو ته فلم انڊسٽري گهرج ۽ رسد وارو دنڌو آهي ۽ فلم انڊسٽريءَ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي ۽ اهو اڃان وڌندو، جيڪڏهن بهتر مواد شامل ڪيو ويندو.

پرڏيهي فلمون پاڪستان ۾ آڻيندڙ آئي ايم جي سي گلوبل اينٽرٽينمينٽ جي سربراه جو چوڻ هو ته پاڪستان فلم انڊسٽري هاڻي اڃان اڀري رهي آهي ۽ سال ۾ 50 کان 60 فلمون به ٺاهي نه ٿي سگهي، تنهن ڪري پريهي فلمن تي ڀاڙڻو پوندو. عابد وڌيڪ چيو ته اها بهتر ڳالهه آهي ته پاڪستاني فلمون، ڏسندڙن جي پهرين ترجيح بنجي رهيون آهن.

لالي ووڊ ۾ فوٽوگرافي واري شعبي جي اڳواڻ ڪاشف رضوي جو چوڻ هو ته وڏي مدي جي وٿيءَ کانپوءِ فلم انڊسٽري نئين ٽيلنٽ لاءِ به موقعا فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ٽي وي جي اداڪارن پراڻن چهرن جي جاءِ والاري ورتي آهي، جنهن ڪري ڏسندڙن کي پڻ نواڻ جو احساس ٿي رهيو آهي.

فلمن جي شوقين علي زيشان، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال، بهتر مواد ۽ جديد ٿيٽر سبب فلمون ڏسندڙن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي.

واضح رهي ته گذريل هڪ ڏهاڪي کان فلم انڊسٽري کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. فلمي صنعت سان واڳيل ماهر ڪاروبارين جو خيال آهي ته حڪومت هاڻي اينٽرٽينمينٽ ٽيڪس لاڳو ڪندي، ڇو ته هي شعبو ترقي ڪري رهيو آهي ۽ اهو ئي اهم وقت هوندو جنهن ۾ خبر پوندي ته هن شعبي ۾ ڪيترو جٽاءُ آيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here