ڪوئٽه (رپورٽ: عبدالمالڪ اچڪزئي) ويڙهه جي ور چڙهيل صوبي بلوچستان ۾ صحت جي سهولتن جي کوٽ، معاشي بدحالي، قبيلائي رسمن، طبي عملي ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي ڪارڪنن کي تحفظ نه هجڻ سبب ويم دوران مائرن جي مرڻ جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي.
بلوچستان جي اترئين ضلعي زوب جي بي بي رضيه پنهنجي يارهين ٻار کي جنم ڏيڻ جي مرحلي ۾ هئي ته ان دوران سندس زندگيءَ جو انت اچي ويو. شروعاتي طور تي ڳوٺ جي دائي سندس علاج ڪيو پر حالت بگڙڻ بعد رضيه کي ضلعي جي مرڪزي اسپتال نيو ويو، جتي ڪو به عورت عملو موجود نه هئو. ان بعد بي بي رضيه کي ڪمبائينڊ ملٽري اسپتال (سي ايم ايڇ) منتقل ڪيوپئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏنو.
بي بي رضيه جي مڙس محمد عيسا نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيوته هتي غريب کي جيئڻ جو حق ئي ناهي، جيڪڏهن وٽس ملڪيت هجي ها ته سندس گهرواريءَ جو ويم ڪنهن وڏي اسپتال مان ڪرائي ها. هن ٻڌايو ته هو مهانگين اسپتالن جا خرچ برداشت نٿو ڪري سگهي ۽ خاندان جي صحت هن الله حوالي ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ ته هو صرف ايترو ڪمائي سگهي ٿو جنهن سان ٻارن جو پيٽ گذر ٿي وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو رضيه کي ڪنهن وڏي عورت ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃي نه سگهيس.
مڊوائيف (دائي) ممتاز بي بي، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ٻار کي جنم ڏيڻ دوران روزاني رت وهائڻ بعد عورت فوت ٿئي ٿي. هن چيو ته اسان جا ماڻهو غريب آهن ۽ حڪومت پاران صحت جون سهولتون کين مهيا ٿيل ناهن، جڏهن ته ويم کي ڳجهي رکڻ واري روايت به هڪ ٻيو اهم سبب آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته تمام گهٽ عورتون فيميل گائنوڪولوجسٽ (عورتاڻين بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر) وٽ وڃن ٿيون ڇاڪاڻ ته هو نجي اسپتالن جا خرچ برداشت نٿيون ڪري سگهن. هن ٻڌايو ته جڏهن کيس عورت جي ويم لاءِ اڪثر ڪري راتين ۾ گهرايو ويندو آهي ته کيس ڪو اندازو ناهي هوندو ته اهو ويم نارمل آهي يا ناهي؟ نارمل ويم ڪرائڻ آسان هجي ٿو ڇاڪاڻ ته سندس ابتدائي تربيت ٿيل آهي پر هو منجهيل ڪيس کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تربيت ورتل نه آهن.
ممتاز بي بي چيو ته جڏهن ڪيس منجهيل هجي ته اسان مريض جي مڙس کي چوندا آهيون ته ان کي ترت عورت ڊاڪٽر ڏانهن نيو وڃي.
بلوچستان جون قبيلائي روايتون، صحت جي سهولتن جي کوٽ يا اڻهوند، امن امان جو مسئلو، سماجي رڪاوٽون ۽ ڳورهارپ بابت ڄاڻ نه هجڻ سبب هر سال عورتون موت جو شڪار ٿين ٿيون. پاڪستان ڊيموگرافڪ اينڊ هيلٿ سروي 2012 ۽ 2013 جي شروعاتي رپورٽ موجب سنڌ ۽ پنجاب جي مقابلي ۾ بلوچستان جي عورتن پاران ڪنهن تربيت يافته کان ڳورهارپ بابت معلومات حاصل ڪرڻ بابت ٻڌائڻ جي شرح تمام گهٽ آهي.
واضح رهي ته ويم دوران عورتن جي مرڻ جي شرح تي بلوچستان جي سخت متاثر ٿيل ضلعن ۾ ڪم ڪندڙ عالمي غير سرڪاري تنظيم سيو دي چلڊرين کي وفاقي گهرو وزارت جي هدايتن تي بلوچستان، خيبرپختونخواه، فيڊرلي ايڊمنسٽرڊ ٽرائيبل ايرياز (فاٽا) ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪم بند ڪرڻو پيو. سيو دي چلڊرين جي اڳوڻي ملازم نالو ظاهر نه ڪرڻ واري شرط تي ٻڌايو ته بلوچستان جي اسپتالن ۽ بنيادي صحت مرڪزن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرس کي ويم ۽ ٻارن جي پيدائش بابت تربيت ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو ويو هو، جيڪو رڪجي ويو.
سماجي ڪارڪن رحمت ترين، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته بلوچستان، پاڪستان جي 43 سيڪڙو حصي تي ٻڌل آهي پر آبادي گهٽ آهي، صحت جون سهولتون نه هئڻ برابر آهن جڏهن ته ويم دوران مائرن جي موت جي شرح تمام وڌيڪ بيهي ٿي. هن وڏيڪ چيو ته ڪجهه علائقن ۾ عورتن جي تعليم جي شرح ٻڙي آهي ۽ سخت قبيلائي روايتن سبب عورت جي ڳورهارپ نظر انداز رهي ٿي ۽ ان حوالي سان ماڻهو ڊاڪٽر جي شروعاتي ڪردار بابت به بي خبر آهن. ٻئي طرف هزارن جي آباديءَ لاءِ هڪ به ڊاڪٽر موجود ناهي.
بلوچستان رورل سپورٽ پروگرام (بي آر ايس پي) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نادر گل باريچ، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ويم هميشه مشڪل مرحلو رهيو آهي ۽ ڊگهي مفاصلي تي قائم اسپتالن ڏانهن نيئندي عورتون رت وهڻ سبب دم ڏين ٿيون.
هن پاڪستان ڊيموگرافڪ سروي 2006ـ07ع (جنهن موجب هڪ لک مان 785 عورتون ويم دوران فوت ٿين ٿيون) جو حوالو ڏيندي چيو ته انگن اکرن جي موجود نه هئڻ جو بلڪل اهو مطلب ناهي ته اها شرح گهٽي آهي، پر سندس خيال موجب اها اڃا به وڌي آهي.
باريچ وڌيڪ چيو ته مائرن کي ويم جي مونجهارن ۽ بنيادي صحت جي ضرورتن بابت ڄاڻ ڏيڻ جي ضرورت آهي پر اهو ايترو آسان ناهي، ڇاڪاڻ ته قانون لاڳو ڪندڙن ۽ ويڙهاڪن ۾ لڙائيءَ سبب امن امان جي صورتحال بهتر ناهي.
بلوچستان جي صحت واري وزير رحمت بلوچ، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته ويم دوران عورتن جي مرڻ تي ڪنهن حد تائين ضابطو آيو آهي ۽ اهو هاڻي ايترو مٿي ناهي پر ان تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ماڻهن ۾ معلومات نه هجڻ ۽ قبيلائي روايتون ويم دوران عورتن جي مرڻ جو اهم سبب آهن، ان حوالي سان ماڻهن کي ڄاڻ ڏيڻ جي ضروروت آهي ته جيئن ان تي ضابطو آڻي سگهجي.
صوبائي وزير ٻڌايو ته اتحادي حڪومت ميٽرنل مارٽيلٽي ريٽ تي ضابطي لاءِ بلوچستان جي 14 ضلع مرڪزي اسپتالن ۾ هڪ گائنوڪولوجسٽ، انيسٿيسيولوجسٽ (بيهوش ڪندڙ ڊاڪٽر) ۽ پيڊياٽريشن (ٻارن جو ڊاڪٽر) مهيا ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ان کان اڳ اها سهولت صرف 7 اسپتالن ۾ موجود هئي.
ان کان سواءِ خضدار، لورالئي ۽ تربت ضلعن ۾ ٽي نرسنگ ڪاليج قائم ڪيا ويا آهن، ته جيئن صوبي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرس جي کوٽ کي منهن ڏئي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته انهن ڪاليجن مان گريجوئيٽ هيلٿ ورڪرس تيار ٿيندا ۽ اهي ميٽرنل مارٽيلٽي ريٽ کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.
پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن بلوچستان چيپٽر جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر آفتاب خان، نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهائيندي چيو ته هتي ڊاڪٽرن کي ڪو تحفظ حاصل ناهي. هن ٻڌايو ته 18 ڊاڪٽر قتل، 28 ڀنگ لاءِ اغوا ڪيا ويا جن مان 3 ڊاڪٽر اڃان تائين گم آهن. جڏهن ته 89 سينئر پروفيسر ۽ اسپيشلسٽ (ماهر ڊاڪٽر) صوبي کي الوداع ڪري چڪا آهن.
خاران ضلع اسپتال جي اسٽاف نرس نگهت عائشه ٻڌايو ته ليبر رومس ۾ سامان پورو ناهي، دوائن ۽ تربيت يافته عملي جي کوٽ آهي، جڏهن ته ڪجهه ضلع اسپتالن ۾ ليبر روم جي عمارت ئي ناهي. هن وڌيڪ چيو ته آن ڊيوٽي ڊاڪٽر شهرن ۾ رهن ٿا ۽ ڪڏهن ٻڏهن اسپتال اچن ٿا، جڏهن ته گائنوڪولوجسٽ کي 24 ڪلاڪ موجود هئڻ گهرجي ڇو ته ويم ڪنهن به وقت ٿي سگهي ٿو.