پشاور (قيصر يوسفزئيءَ وٽان) پاڪستان پاران افغان شهرين کي واپس سندن ملڪ اماڻڻ سبب قالين اُڻندڙ افغاني ڪاريگر به پنهنجي وطن روانا ٿيڻ لڳا آهن، قالين تيار ڪرائيندڙ مقامي توڙي افغان صنعتڪارن ۽ واپارين خدشي جو اظهار ڪيو آهي ته هنرمند ڪاريگرن کانسواءِ اها صنعت زوال جي وَرِ چڙهي ويندي.

انتهائي بهترين معيار وارن قالينن جي حوالي سان مشهور پشاور جي قالين مارڪيٽ ته هاڻي کان ئي ويرانيءَ وارو ڏيک ڏئي رهي آهي، ڇو ته قالينن جي مقامي صنعت جو سمورو دارومدار افغان ڪاريگرن جي هنرمنديءَ تي ئي قائم آهي. اهڙن ڪاريگرن مان هڪ دائود احمدي پڻ آهي جيڪو قالين تيار ڪندڙ ڪاريگر کان علاوه انهن جو ايڪسپورٽر پڻ آهي.

DSC_0826
:Photo by News Lens Pakistan/

نيوز لينز پاڪستان سان ويچار ونڊيندي دائود احمديءَ ٻڌايو ته خيبرپختونخواه ۾ قالين اڻڻ وارن ڪاريگرن مان 90 سيڪڙو افغاني آهن. پاڪستان ڇڏڻ لاءِ ڏنل مهلت وارو وقت جنهن تيزيءَ سان ويجهو اچي رهيو آهي ۽ پوليس ان سلسلي ۾ جيئن ته تمام گھڻو تنگ ڪري رهي آهي ان ڪري سمورا ڪاريگر هتان موڪلائي وڃي رهيا آهن.

2014 ۾ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور مٿان ٿيل دهشتگرديءَ واري حملي کانپوءِ پاڪستاني حڪومت پاران افغان پناهگيرن بابت سخت موقف اختيار ڪيو ويو. افغانستان ۾ موجود طالبان انهيءَ حملي جي رٿابندي ڪئي ۽ هنن ان حملي جي ذميواري قبول ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو. آرمي پبلڪ اسڪول حملي کانپوءِ 20 نقطن تي ٻڌل نيشنل ايڪشن پلان تيار ڪندي دهشتگردن کي چِٿڻ جو فيصلو ڪيو ويو، انهن مان هڪ نقطو افغان پناهه گيرن جي رجسٽريشن لاءِ جامع پاليسي تيار ڪرڻ متعلق پڻ هيو.

سوويت يونين پاران 80 واري ڏهاڪي جي ابتدا ۾ افغانستان اندر مداخلت شروع ڪرڻ بعد افعانين پاڪستان ڏانهن پهرين لڏپلاڻ ڪئي. ان بعد جيتوڻيڪ سوويت فوجون افغانستان مان نڪري ويون پر افغانستان ان بعد به غير مستحڪم رهيو ۽ امن توڙي جنگ وارن مختلف واقعن سبب افغان پناهه گيرن جي پنهنجي ملڪ توڙي پاڪستان ڏانهن اچ وڃ وقفي وقفي سان جاري رهي. لڳ ڀڳ ٽن ڏهاڪن تائين افغانستان جي غيرمستحڪم هجڻ سبب پاڪستان کي 30 لک کان وڌيڪ افعاني پناهه گيرن جي ميزباني ڪرڻي پئي.

پاڪستان ۽ خاص ڪري سرحدي صوبن خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان ۾ قالينن جي صنعت، ڪيترائي سال اڳ آيل افغان پناهه گيرن جي هتي اچڻ سبب زور ورتو ڇو ته انهن افغانين ۾ قالين اڻندڙ ڪاريگرن جو هڪ وڏو تعداد به شامل هيو.

افغانستان جي مزار شريف واري علائقي سان تعلق رکندڙ دائود احمدي 80 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن پاڪستان پهتو هيو ته سندس عمر 8 سال هئي. قالين اڻڻ جو ڪجهه فن هن پنهنجي ملڪ ۾ ئي سکي ورتو هيو ۽ جڏهن جنگ واري صورتحال پيدا ٿي ته هو ۽ هن جو سمورو خاندان پناهه حاصل ڪرڻ خاطر پاڪستان پهتو.

:Photo by News Lens Pakistan/
:Photo by News Lens Pakistan/

دائود احمديءَ ٻڌايو ته قالينن جي مقامي صنعت ۾ جيڪي افغاني ڪم ڪندا رهيا آهن، انهن مان 70 سيڪڙو ڪاريگر ترڪماني نسل جا آهن جڏهن ته باقي ڪاريگر ازبڪ، هزاره ۽ پشتون نسلن سان تعلق رکن ٿا. هن اهو پڻ ٻڌايو ته افغانستان ۾ حامد ڪارزئيءَ جي حڪومت قائم ٿيڻ کان ستت پوءِ پشاور جي خيبر بازار ۾ قالينن جون جيڪي 17 بازارون قائم ٿيل هيون انهن مان 12 ته تڏهن ئي افغانستان منتقل ٿي چڪيون هيون، ڇو ته حامد ڪارزئيءَ جي حڪومت کين ڪيتريون ئي مراعتون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.

پاڪستان، افغانستان ۽ گڏيل قومن جي پناهه گيرن بابت ڪميشن (يو اين ايڇ سي آر) وچ ۾ ٿيل ٽه ڌرئي ٺاهه مطابق افغان پناهه گيرن کي هاڻي 31 ڊسمبر 2016 تائين پاڪستان ۾ رهڻ جي اجازت آهي. يو اين ايڇ سي آر مطابق، هن وقت پاڪستان ۾ 15 لک افغان پناهه گير موجود آهن جڏهن ته 2001 کان پوءِ لڳ ڀڳ 39 لک افغان پناهه گير واپس پنهنجي ملڪ روانا ٿي چڪا آهن.

دائود احمديءَ جو چوڻ هو ته، گذريل ڪجهه مهينن دوران قالين اڻڻ وارا 10 کان 15 سيڪڙو هنرمند ڪاريگر افغانستان روانا ٿي چڪا آهن جڏهن ته رهجي ويل باقي ڪاريگر به عيدالاضحيٰ کانپوءِ هتان وڃڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سندن لاءِ پاڪستان ڇڏڻ ۽ هتي رهڻ جي اجازت بابت آخري تاريخ تائين سمورو ڪاروبار سهيڙي وٺڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي. هو حڪومت کي درخواست ڪندا ته پاڪستان ۾ قالين سازيءَ جي صنعت سان لاڳاپيل هنرمند ڪاريگرن ۽ واپارين کي هتي ڪجهه وقت وڌيڪ رهڻ جي اجازت ڏني وڃي.

قالينن ۽ غاليچن جي ترقيءَ واري ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽر ممتاز خان جو چوڻ هو ته، گذريل ڪجهه مهينن کان پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ سبب هو قالينن جي صنعت سان لاڳاپيل ڪاريگرن ۽ واپارين جي حمايت ڪرڻ کان به ڪيٻائي رهيا آهن.

هن اهو پڻ چيو ته هو اهو انتظار ڪري رهيا هئا ته ڇڪتاڻ جي اها دَز ويهي ته پوءِ هنن لاءِ آواز اٿارجي ۽ هاڻي اهو وقت اچي چڪو آهي. گذريل 10 سالن دوران خيبرپختونخواه ۾ تيار ٿيندڙ قالينن جي ايڪسپورٽ 55 ملين ڊالرن جي ماليت کان گھٽجي 6 ملين ڊالرن تي پهچي چڪي آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ خوف آهي ته اها وڌيڪ گھٽجي خطري واري حد تي اچي بيهي رهندي.

ممتاز خان جو چوڻ هو ته افغانين جي واپسيءَ سبب صرف خيبرپختونخواه جي قالينن واري صنعت زوال جو شڪار ٿيندي جڏهن ته پنجاب جي صنعت پنهنجي پيرن تي بيٺل رهندي ڇو ته اتي مقامي هنرمند ڪاريگر موجود آهن. هن صلاح ڏيڻ واري انداز ۾ چيو ته، حڪومت کي گھرجي ته قالين سازيءَ جي ماهر افغان ڪاريگرن کي ورڪ پرمٽ يا گهڻ رخي ويزا ڏني وڃي. سندس خيال ۾ اهو ڪنهن ريت به غير روايتي قدم نه هوندو ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا جي حڪومتن پاران هنرمند ڪاريگرن ۽ سيڙپ ڪندڙن جي حوصلي افزائي ڪئي ويندي آهي. حڪومت کي گھرجي ته هن صورتحال تي وسيع نظر سان غور ڪري.

سال 2015-16 جي اڪنامڪ سروي رپورٽ مان معلوم ٿيو آهي ته، خيبرپختونخواه کي هڪ طرف رکندي، جيڪڏهن ملڪ جي قالين ۽ غاليچي سازيءَ جي صنعت کي مجموعي انداز سان ڏسجي ته اها ڏينهون ڏينهن زوال طرف وڌي رهي آهي. مالي سال 2016 جي جولاءِ کان مارچ مهينن دوران 74.027 ملين ڊالرن جي ماليت جا قالين ۽ غاليچا ڏيساور اماڻيا ويا، جڏهن ته ان کان هڪ سال اڳ 92.924 ملين ڊالرن جا قالين ۽ غاليچا ايڪسپورٽ ڪيا ويا، انهن انگن اکرن مطابق ايڪسپورٽ ۾ 20.34 سيڪڙو جي گھٽتائي آئي. جڏهن ته معيار جي اعتبار کان به قالينن ۽ غاليچن جي ايڪسپورٽ ۾ 26.53 سيڪڙو گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.

خيبرپختونخواه چيمبر آف ڪامرس جي ايڪسپورٽ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين مظهر الحق مطابق، خيبرپختونخواه ۾ قالينن ۽ غاليچن جي صنعت صرف ۽ صرف افغاني ڪاريگرن جي واپس وڃڻ سبب پٺتي پئجي رهي آهي. مظهر الحق جو چوڻ هو ته هاڻي هو پنهنجو هنر ۽ فن پنهنجي ملڪ ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهن ڇو ته افغانستان ۾ اها صنعت هاڻي پنهنجا پير ڄمائي چڪي آهي. بدقسمتي اها آهي ته پاڪستانين اهو فن سکڻ يا ان هنر کي مقامي ماڻهن ۾ منتقل ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه ڏيکاري، ان ڪري ئي هيءَ صنعت هميشهه افغاني ڪاريگرن تي ئي ڀاڙيندي رهي.

هن اهو پڻ چيو ته، خيبرپختونخواه ۾ لڳ ڀڳ 10 هزار ماڻهو قالين سازيءَ جي صنعت سان لاڳاپيل هئا. ٻاهرين ملڪن جا جيڪي واپاري پاڪستان اچي قالين خريد ڪندا هئا انهن مان مکيه امپورٽر جرمني، آفريڪا، يورپ ۽ آمريڪا سان تعلق رکندا هئا.

قالين اُڻڻ جي هڪ ماهر افغان ڪاريگر شيرازيءَ تفصيل سان ٻڌايو ته، خيبرپختونخواه ۾ وڪرو ٿيندڙ قالين ۾ استعمال ٿيندڙ اُن ۽ اڻت جي معيار سبب ان جو هڪ اسڪوائر ميٽر 2000 کان 30 هزار رويپن تائين وڪرو ٿيندو آهي. جڏهن ته 8 اسڪوائر ميٽرن جي هڪ ڪارپيٽ جي اُڻت مڪمل ڪرڻ ۾ ڏيڍ کان ٽي مهينا گهربل هوندا آهن ۽ ان جي ڏيک ويک کي وڌيڪ سهڻو ڪرڻ ۾ 15 ڏينهن ٻيا به لڳي ويندا آهن.

سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) جي صوبائي سربراهه جاويد اقبال خٽڪ مطابق، خيبرپختونخواه ۾ قالينن جي صنعت هميشهه ٻن مسئلن جي وَرِ چڙهيل رهي، هڪ اهو ته صنعت سان لاڳاپيل ڪاريگر پاڪستان ۾ ٿوري وقت تائين ٽِڪيل رهندا ۽ ٻيو اختيارين پاران هن صنعت متعلق هميشهه ماحولياتي خدشن جو اظهار ڪيو ويندو هيو.

هن جو چوڻ هو ته، هنري تربيت وسيلي حڪومت قالين اُڻڻ وارو هنر مقامي ماڻهن ڏانهن منتقل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. 2008 ۾ سميڊا پاران پيش ڪيل هڪ فزيبلٽي رپورٽ بعد صوبائي حڪومت پاران ”ڪارپيٽ نگر“ نالي منصوبي خاطر 10 ڪروڙ روپيا منظور ڪيا ويا، پر انهيءَ منصوبي تي رتيءَ برابر به عمل نه ٿي سگھيو. ڪارپيٽ نگر صنعتي ۽ رهائشي نوعيت وارو منصوبو هيو ۽ اهو هن صنعت جي گھريلو سطح تي ڪم ڪرڻ واري خاصيت کي نظر ۾ رکندي تيار ڪيو ويو.

جاويد اقبال خٽڪ مطابق، پشاور جي آبهوا قالين سازيءَ جي حوالي کان انتهائي سازگار آهي. قالينن کي ڌوئڻ ۽ صاف سٿرو ڪرڻ خاطر هتان جو پاڻي انتهائي سٺو آهي. اهو ئي سبب آهي جو افغانستان ۾ تيار ٿيندڙ قالين به صفائيءَ سٿرائيءَ خاطر هتي آندا ويندا آهن. حڪومت کي گھرجي ته جيترو جلد ٿي سگھي هن صنعت طرف ڌيان ڏئي.

حڪومت پاران قالينن جي ڪاريگرن کي ورڪ پرمٽ جاري ڪرڻ گھرجي، ورڪ پرمٽ جاري ڪرڻ وارو معاملو ان وقت کان غور ويچار هيٺ آهي جڏهن اويس احمد غني خيبرپختونخواه جو گورنر هيو پر انهيءَ معاملي جي حقيقي اهميت کي اڃان تائين سمجهيو ناهي ويو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here