گلگت (رپورٽ: سُمير حسيب) گذريل سال جي نومبر مهيني تائين به مسرور وليءَ گلگت ڇڏڻ جو نه سوچيو هيو، توڙي جو ٻيا ڪيترائي، گلگت بلتستان جي سخت سرديءَ واري موسم اچڻ کان اڳ ميداني علائقن ۾ وڃڻ لاءِ سامان ٻڌي پنهنجي گھرڀاتين سميت رواني ٿيڻ وارين تيارين ۾ هئا، پر هو سانت ٿي ويٺو رهيو.
گلگت بلتستان جي گلگت ۽ اسڪردوءَ سميت سمورين وادين ۾ هر سال ٿڌ واري موسم نومبر کان شروع ٿيندي ۽ اپريل تائين جاري رهندي آهي ۽ گرمي پد ڪاٽو 10 ڊگري کان به هيٺ هليو ويندو آهي، جيڪي ماڻهو وادين ۾ ئي رهيل هوندا آهن، سخت ترين سردي سندن زندگين کي سخت مشڪلاتن جي وَر چاڙهي ڇڏيندي آهي. جڏهن ٿڌ پنهنجي عروج تي اچي پهچندي آهي ۽ زمين برف هيٺان ڍڪجي ويندي آهي ته ڪاٺين جا اگھه جيڪي هونئن ته گھڻا گھٽ هوندا آهن سي به ڪاٺين جي کپت وڌي وڃڻ سبب چوٽ چڙهي ويندا آهن.
مسرور وليءَ لاءِ ان سڄي صورتحال جو مطلب اهو ٿيو ته هن وٽ جيڪي 60 هزار روپيا آهن اهي هو گلگت ۾ رهي ڪاٺين جي خريداريءَ تي خرچ ڪري يا ڪنهن ٻئي شهر ۾ رهائش اختيار ڪرڻ تي. آخرڪار هن اهي پيسا گلگت کان 500 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع گرم سمجهئي ويندڙ شهر راولپنڊيءَ ۾ وڃي خرچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
سرڪاري اسڪول ۾ استاد جي حيثيت ۾ نوڪري ڪندڙ مسرور وليءَ ٻڌايو ته ”مون پيسا راولپنڊيءَ ۾ رهڻ تي خرچ ڪيا“. ان سان اسانکي گھمڻ ڦرڻ ۽ راولپنڊيءَ ۾ رهندڙ مائٽن سان ملڻ جو موقعو به ملي ويو. مسرور ولي به گلگت جي انهن هزارين ماڻهن مان هڪ آهي جيڪي سردين ۾ گرم علائقن ڏانهن عارضي طور تي لڏي ويندا آهن. سرد موسم ۾ ماڻهو سڄي ملڪ ۾ ٽڙي پکڙي ويندا ۽ ٻين شهرن ۾ وسندڙ مٽن مائٽن ۽ دوستن سان ملڻ لاءِ هليا ويندا آهن ته گلگت بلتستان جون سموريون واديون ويران ٿي پونديون آهن.
ماڻهن جي هلئي وڃڻ سبب ڄڻ ته ناڻو به گلگت بلتستان کي ڇڏي هليو ويندو آهي. مقامي بازارن ۽ مارڪيٽن ۾ پيسي جي ٻاڙائي ٿي پوندي آهي ڇو ته ڪاروبار جو رخ وڏن شهرن جي مارڪيٽن ڏانهن ٿي ويندو آهي. گلگت بلتستان ۾ جيئن ته ڪارخانا يا ڪي صنعتون نه آهن ان ڪري ٿڌ واري موسم ۾ ان جي معيشت وڌيڪ ڪمزور ٿي پوندي آهي.
40 سالن جي ڄمار واري مسرور وليءَ کي 3 ٻارن جو اولاد آهي ۽ هُن اڳ ڪڏهن به گلگت مان عارضي لڏپلاڻ ناهي ڪئي. مسرور وليءَ ٻڌايو ته راولپنڊيءَ ۾ رهندڙ هن جي مائٽن مٿس زور ڀريو ته سرد موسم جي سختين کان بچڻ لاءِ هو هن ڀيري وٽن اچي رهي. هن جو چوڻ هو ته توڙي جو سردين جي موسم ۾ زندگيءَ وڌيڪ مشڪل ٿي پوندي آهي پر هن اڳ ڪڏهن به پنهنجو شهر نه ڇڏيو هيو، اهو طئي آهي ته پنهنجي شهر ۾ رهي سردين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪاٺين جي گھڻي ضرورت پوندي آهي. گھر کي گرم رکڻ لاءِ گاسليٽ يا گيس تي ٻرندڙ هيٽر گھڻي خرچ سبب مناسب حيلو وسيلو نه ٿا ٿي سگھن.
مسرور وليءَ ٻڌايو ته ڪاٺين جا اگھ به سردين ۾ وڌي ويندا آهن، هن سال ڪاٺين جو مڻ 600 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو هيو جڏهن ته 2014 ۾ اهو اگھ 530 روپين تي بيٺل هيو. گھر کي 24 ڪلاڪ گرم رکڻ لاءِ 30 ڪلو ڪاٺيون ٻارڻيون پونديون آهن ان جو مطلب اهو ٿيو ته توهان کي هر روز 500 روپيا صرف ڪاٺين تي خرچ ڪرڻا پوندا. هن اهو پڻ چيو ته اهو خرچ نومبر کان مارچ تائين ته هر صورت ۾ ڪرڻو ئي پوندو آهي.
گلگت بلتستان جي ٻئين نمبر وڏي شهر اسڪردوءَ سان تعلق رکندڙ نوجوان فرمان علي هارپو ڪندو آهي. گرمين جي مختصر موسم ۾ هو پنهنجي پيءُ سان گڏ زمين ۾ فصلن جي پوکيءَ ۽ ڪٽائيءَ وارو ڪم ڪندو رهندو آهي. فرمان جو چوڻ آهي ته سردين جي موسم ۾ جيئن ته زمين پوکيءَ لائق ناهي رهندي جنهن ڪري هو روزگار سانگي اڪثر لاهور هليو ويندو آهي. فرمان جي عمر 30 سال آهي ۽ هن طئي ڪيو آهي ته ايندڙ سال شادي به ڪندو.
فرمان چئي ٿو ته گذريل سال لاهور جي هڪ هوٽل ۾ بيري طور نوڪري ڪيم ۽ جڏهن واپس ڳوٺ آيس ته 10 هزار بچائي کڻي آيو هيم، پر مان ڳوٺ ۾ رهي ڪم ڪار ڪرڻ کي اوليت ڏيان ٿو. هن پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته گھٽ پگھار تي گھڻو ڪم ڪرڻ سبب هوٽل جي نوڪري ڏکي آهي. جڏهن ته پنهنجي اباڻي وطن ۾ رهي ڪم ڪرڻ ايئن ڏکيو ناهي.
گگت بلتستان پرڳڻي جي آبادي 15 لک ماڻهن تي مشتمل آهي، سهولتن جي اڻهوند سبب ماڻهن جي اڪثريت خاص ڪري امير ماڻهو عارضي طور پنهنجو علائقو ڇڏي ويندا آهن. جڏهن ته وادين ۾ قدرتي گيس به ميسر نه آهي جڏهن ته ليڪوئڊ پيٽروليم گيس (ايل پي جيءَ) جون قيمتون به سردين ۾ چوٽ چڙهي وينديون آهن. سردين جي موسم ۾ واهن ۽ ندين ۾ پاڻيءَ جي سطح به جيئن ته گھٽجي ويندي آهي ان ڪري بجليءَ جي پيداوار گھٽجڻ سبب روزانو 22 ڪلاڪ بجلي غائب رهندي آهي، اهو به هڪ سبب آهي جنهن ڪري هن پرڳڻي ۾ سرد موسم دوران زندگيءَ جون مشڪلاتون وڌنديون رهنديون آهن.
لڱ ڏڪائيندڙ ٿڌ ۽ سهولتن جي اڻهوند سبب شهر ڇڏي ويندڙن ۾ واپاري ۽ دڪاندار به شامل آهن، انهن جي لڏي وڃڻ سبب پرڳڻي جي معيشت به، سيڙپ ۽ شين جي وڪري توڙي خريد گھٽجي وڃڻ جي ڪري سستيءَ جو شڪار ٿي ويندي آهي.
فرنيچر ۽ قالين جي واپاريءَ فضل حسين جو چوڻ آهي ته سردين ۾ ڪاروبار بنهه گھٽجي ويندو آهي ۽ انهن ڏينهن ۾ گراهڪن جو انتظار ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪو به ڪم ناهي هوندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته شهر ويران ٿي ويندا آهن ته ڪاروبار به ٺپ ٿي ويندو آهي ۽ مان ڪو اڪيلو ماڻهو ناهيان جيڪو اهڙي صورتحال کي منهن ڏيندو هجي سڄي مارڪيٽ جي واپارين کي ان صورتحال جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.
فضل حسين سرڪاري کاتن جي آفيسن ۾ نئون توڙي پراڻو فرنيچر فراهم ڪندو آهي ان پنهنجي تجربي آڌار ٻڌايو ته سردين جي موسم ۾ ڪاروبار 60 سيڪڙو تائين گھٽجي ويندو آهي.
توڙي جو ڪي پڪا انگ اکر موجود نه آهن پر هڪ ڪاٿي موجب هزارين ماڻهو سردين جي موسم ۾ گلگت بلتستان مان لڏو کڻي گرم علائقن ڏانهن هليا ويندا آهن. اها لڏپلاڻ نومبر کان مارچ تائين جاري رهندي آهي، ان عرصي ۾ علائقي جا اسڪول ۽ ٻيا تعليمي ادارا سردين جي ويڪيشن سبب بند رهندا آهن. گلگت بلتستان جي چيمبرز آف ڪامرس جي اڳوڻي نائب صدر طارق محمود ٻڌايو ته مان اهڙن سوين خاندانن کي سڃاڻان جيڪي هر سال راولپنڊيءَ ۽ ٻين گرم علائقن ڏانهن لڏي ويندا آهن. اهي سڀ ماڻهو جيڪي ٻين علائقن ۾ وڃي رهڻ جا خرچ برداشت ڪري سگھن ٿا اهي اهڙو موقعو هٿان ناهن وڃائيندا. ڪيترائي ماڻهو ڪجهه مهينا رهي سردين کانپوءِ موٽي پنهنجي ماڳ ايندا آهن جڏهن ته ڪيترائي انهن علائقن ۾ روزگار، ڪاروبار ۽ ٻارن جي سٺي تعليم خاطر مستقل طور تي رهي به پوندا آهن .
طارق محمود وڌيڪ چيو ته، ماڻهن ۽ ناڻي جي هلئي وڃڻ سبب مقامي مارڪيٽ ۽ معيشت جي ڪمزور ٿيڻ جا اثر عام ماڻهن توڙي سڄي پرڳڻي تي پوندا آهن. طارق محمود وڌيڪ ٻڌايو ته راولپنڊيءَ، ڪراچيءَ ۽ لاهور جهڙا شهر هر سال گلگت بلتستان جي رهواسين جي هڪ وڏي انگ کي پاڻ ۾ جذب ڪري وٺن ٿا. انهن شهرن ۾ رهندڙ گلگت بلتستانين پنهنجي پاڙن ۽ علائقن جا نالا به پنهنجي اباڻن علائقن جي نالن جهڙا رکيا آهن جهڙوڪ نگر، هنزه ۽ بلتستان ۽ اهي علائقا باقاعده آباد به آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here