اسلام بابت روشن خيال سوچ کي هٿي وٺرائڻ جون ڪوششون

0
1208

لاهور (صوفيه منصوريءَ وٽان) لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن کان پاڪستان انتهاپسندن پاران پيدا ڪيل مشڪلاتن کي منهن ڏيندو پيو اچي جنهن ڪري سيڪيورٽيءَ جي شعبي سان لاڳاپيل ماهر انتهاپسنديءَ جي اثرن جو ٽوڙ ڪڍڻ لاءِ اهڙو موقف تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندا رهيا آهن جيڪو اسلام جي روشن ۽ ترقي پسند خيالن تي ٻڌل هجي.

شدت پسنديءَ تي ٻڌل خيالن واري انهيءَ معاملي جي ٽوڙ خاطر ميڊيا جي ادارن ۽ رياست پاران ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. انهن مان هڪ مثال رمضان جي ڀلاري مهيني دوران هڪ ٽي وي چينل پاران ”اسلام ۽ منهنجي زندگيءَ“ جي عنوان سان نشر ڪيل خصوصي پروگرام آهي. اشتهاري مفادن ۽ ڏسندڙن جو وڌ کان وڌ ڌيان ڇڪائڻ واري مقصد خاطر هلندڙ ٻين پروگرامن جي ڀيٽ ۾ هي پروگرام پنهنجي مقصد سان ڀريل موضوعن ۽ بحثن واري رجحان سبب ان ڪري منفرد ٿي بيٺو ڇو ته پاڪستان جهڙي قدامت پسند سماج ۾ اهڙي رجحان جي پوئواري انتهائي گھٽ ڪئي ويندي آهي.

انهيءَ پروگرام جو ميزبان سينيئر مذهبي محقق ۽ ”اتحادِ اُمت“ جو چيئرمين علامه ضياءُ الحق نقشبندي هيو. هن جي تنظيم اتحادِ اُمت گذريل هڪ ڏهاڪي کان ڪيترن ئي مذهبي عالمن سان گڏجي مذهبي ڀائيچاري لاءِ ڪم ڪندي اهڙو موقف تيار ڪرڻ بابت ڪم ڪري رهي آهي جيڪو سمورن مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ قابل قبول هجي. انهيءَ تنظيم جو هڪ ٻيو ساراهه لائق قدم اهو به آهي ته اتحاد امت جي اسلامڪ سينٽر (مدرسي) ۾ پڙهندڙ ٻارن کي موجوده وقت جي تقاضائن موجب جديد علمن جي تعليم به ڏني پئي وڃي.

پنهنجي تنطيم بابت ڳالهائيندي ضياءُ الحق نقشبنديءَ چيو ته ”بنيادي نوعيت جا ڪيترائي موضوع آهن جن تي پاڪستان ۾ ڳالهايو ئي ناهي ويو پر اسان فيصلو ڪيو آهي ته اهڙن معاملن کي به اسلام جي روشنيءَ هيٺ بحث هيٺ آڻيون. اتحادِ اُمت پاران هن مهل تائين اسان 40 ڪانفرنسون منعقد ڪري چڪا آهيون جن ۾ مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل 200 عالم ۽ مذهبي اڳواڻ شريڪ ٿي چڪا آهن. اسان اڻ ڇهيل معاملن کي ان وقت بحث هيٺ آڻيندا رهيا آهيون جڏهن انتهاپسندي پنهنجي عروج کي پهتل هئي“.

هن اهو پڻ چيو ته ”اسان هڪ خصوصي ڪانفرنس صرف ان مقصد لاءِ سڏائي ته جيئن ملڪ اندر انتهاپسنديءَ ۽ طالبان جي ڪاورراوين جي مذمت ڪيون. انهيءَ ڪانفرنس ۾ مذهبي اڳواڻن ۽ عالمن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي جن متفقه طور تي طالبان جي ڪاررواين جي مذمت ڪئي. ساڳيءَ ريت جڏهن داعش پاران پاڪستاني عورتن کي ڀرتي ڪرڻ جي خبر پهريون ڀيرو سامهون آئي ته اسان کي اهو خيال آيو ته عورتن کي اهڙو موقعو فراهم ڪيو وڃي جنهن جي مدد سان هو اسلام جي اعتدال پسند نقطه نظر کي بحث هيٺ آڻيندي عام ڪري سگهن. انهيءَ مقصد خاطر اسان شيخ الحديث ڪانفرنس منعقد ڪئي سون، انهيءَ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ عورت عالمائن پاران انتهاپسنداڻين سرگرمين ۾ عورتن جي شمولت کي غيراسلامي فعل قرار ڏنو ويو“.

اهو به اتحاد اُمت جو ئي پليٽ فارم هيو جنهن وسيلي انهيءَ فتويٰ جو اعلان ڪيو ويو ته اسلام ۾ ٽين جنس وارن کي شاديءَ ڪرڻ جي اجازت حاصل آهي ۽ قومي سطح تي انهيءَ معاملي بابت جيتوڻيڪ اڃان به بحث هلندڙ آهي پر ماضيءَ ۾ اهڙي معاملي تي راءِ ڏيڻ مٿان ڄڻ ته پابندي پيل هئي. انهيءَ فتويٰ جي پسمنظر ۾ ”هم جنس“ شاديءَ بابت غلط فهميءَ به ڦهلجي وئي. انهيءَ غلط فهميءَ بابت وضاحت بيان ڪندي ضياءَ نقشبنديءَ چيو آهي ته ”اسلام ۾ ساڳي جنس واري سان شادي ڪرڻ واري عمل جي ڪا گنجائش نه آهي، ان ڪري اسان ڪنهن به ريت چئي نه ٿا سگھئون ته اهڙي عمل جي اجازت مليل آهي. اسان جيڪا فتويٰ جاري ڪئي سين اها صرف ٽين جنس وارن لاءِ هئي پر ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد غلط فهميءَ جو شڪار ٿي ويو“.

پنهنجي موقف جي وڌيڪ وضاحت ڪندي هن اهو پڻ چيو ته ”فتويٰ نه صرف ٽين جنس وارن جي شاديءَ جي مسئلي متعلق آهي پر ٽين جنس وارن کي ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ واري ضرورت کي واضح ڪرڻ بابت به هئي ته جيئن کين خانداني وراثت وارا حق به ميسر ٿي سگھن“.

جهڙيءَ ريت پهريان ذڪر ڪري آيا آهيون، ضياءُ الحق نقشبنديءَ جا اسلام بابت غيرروايتي خيال رمضان شريف دوران نشر ٿيندڙ سندس خصوصي پروگرام دوران به واضح طور تي ٻڌڻ لاءِ ملندا رهيا. انهيءَ پروگرام دوران غير روايتي نوعيت وارن موضوعن جهڙوڪ ”تفريح بابت اسلامي نقطه نظر“، ”جديديت ۽ اسلام“، ”گندگي ۽ ماحوليات“، ”صحت ۽ صفائي سٿرائي“، ”اسلام ۾ وقت جي پابنديءَ جي اهميت“، ”توانائيءَ جي بچت“ ۽ ”هڪ مسلمان رياست اندر غيرمسلمن جا حق“ تي بحث مباحثو ڪيو ويو.

”اسلام ۽ منهنجي زندگيءَ“ جهڙن پروگرام دوران مهمانن وچ ۾ شديد تلخ ڪلامي ٿيڻ جا ڀرپور امڪان موجود رهندا آهن تنهن هوندي به ڪنهن جي مذهبي جذبن کي ڀڙڪائڻ کان پرهيز ڪندي کليل بحث جي موقعن کي برقرار رکڻ هڪ مشڪل ڪم ضرور آهي.

اتحاد اُمت جو چيئرمين ضياءُ الحق نقشبندي پنهنجي پروگرام دوران اهڙن معاملن کي ڪيئن ضابطي هيٺ رکندو رهيو انهيءَ متعلق تفصيل بيان ڪندي هن ٻڌايو آهي ته ”ايئن تمام گھٽ ٿيندو آهي ته عالم ۽ مذهبي اڳواڻ پنهنجي مذهبي خيالن جو اظهار ٿڌي مزاج سان ڪن پر اسان مٿن زور ڀريندا رهياسين ته اهي تحمل جو مطاهرو ڪندا رهن ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار اسلامي تعليمات مطابق منطقي انداز سان ڪن. پروگرام دوران مذهبي عالمن ڪافي تعاون ڪيو ان جي ڪري اسان ان قابل ٿي سگھياسين ته پنهنجي پروگرام کي تعميري انداز سان جاري رکندا هلئون“.

پروگرام ۾ مشهور مذهبي مفڪر ۽ عالم ڊاڪٽر محمد حسين اڪبر، مولانا اويس سرور، سيد ضياءُ الله بخاري ۽ مفتي ابوبڪر اعواڻ شريڪ ٿيندا رهيا. انهن عالمن پروگرام جي طريقه ڪار سان سهمت ٿيندي انهيءَ ڳالهه تي زور ڀريو ته ميڊيا جي ادارن کي اهڙي نوعيت جا وڌيڪ پروگرام نشر ڪرڻ گھرجن.

بريلوي مڪتبه فڪر جي سينيئر مذهبي عالم مفتي ابوبڪر اعواڻ انهيءَ سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته ”اسلام جي حقيقي تصور کي پيش ڪرڻ جي سلسلي ۾ انهيءَ پروگرام جو انتهائي مثبت ڪردار رهيو آهي. اسانجي معاشري لاءِ انتهاپسندي تيستائين مشڪلاتن جو سبب بڻجندي رهندي جيستائين اسان عام ماڻهن کي ان بابت آگاهي ڏئي ان جو گڏيل ٽوڙ نه ڪڍنداسين. جيڪڏهن ميڊيا امن ۽ ڀائيچاري جي پيغام کي ڦهلائڻ ۾ مدد ڪندو ته پوءِ انتهاپسنديءَ کي شڪست ڏيڻ ممڪن ٿي پوندو“.

ساڳيءَ نوعيت جي راءِ اهلحديث مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل عالم سيد ضياءُ الله بخاريءَ جي به آهي. جنهن چيو آهي ته ”ضياءُ الحق نقشبنديءَ جي پروگرام ۾ جهڙي نوعيت جي موضوعن کي بحث هيٺ آندو ويو اهي قومي مفادن وٽان آهن“. هن انهيءَ ڳالهه تي به زور ڀريو ته مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن وچ ۾ جن ڳالهين تي اتفاق راءِ آهي انهن متعلق عوام کي آگاهي ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي ته جيئن امن ۽ ڀائيچاري جي ماحول کي هٿي وٺرائي سگھجي.

ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته نظرياتي اختلافن باوجود مفڪر ۽ مذهبي عالم انتها پسنديءَ جي خاتمو آڻڻ لاءِ متفقه موقف تيار ڪرڻ خاطر گڏيل ڪوششون وٺڻ لاءِ تيار آهن.

هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) جي چيئرمين ڊاڪٽر مهدي حسن چيو ته ”اهو ضروري ٿي پيو آهي ته، مذهب جي روشن خيال ۽ حقيقت تي ٻڌل رخ کي پيش ڪرڻ وارا وڌيڪ پروگرام به نشر ٿيندا رهن. ان ڳالهه کان ڪنهن به ريت لنوائي نه ٿو سگھجي ته پاڪستان ۾ انتهاپسنديءَ تي ٻڌل سرگرمين جي شروعات ٿيڻ کان وٺي ميڊيا جو ڪردار غيرذميواراڻو رهندو آيو آهي. هٿياربند فوجون اڪيلي سِر انتهاپسنديءَ جو خاتمو آڻي نه ٿيون سگھن ميڊيا مٿان لازم هوندو آهي ته اها ماڻهن کي باخبر رکي ۽ پاڪستان مان انهيءَ بحران جي خاتمي لاءِ ميڊيا کي پنهنجو ڪم ڀرپور انداز سان ڪرڻو پوندو“.

پنهنجي مذهبي فِڪر سان اختلاف رکندڙ ڌرين جي عالمن ۽ مفڪرن بابت سخت گيريءَ ۽ شدت وارا رايا رکڻ وارن عالمن کي ان هوندي به ڄاڻايل ٽي وي پروگرام اهو موقعو پڻ مهيا ڪيو ته اهم معاملن بابت تعميري ۽ مثبت انداز سان بحث ڪري سگھجي ٿو. ميڊيا جا ٻيا ادارا به ٽي آر پي جي ڊوڙ تان هٿ کڻي اگر معياري مواد تي ٻڌل پروگرام نشر ڪن ته مذهبي معاملن متعلق روشن خيال موقف کي هٿي وٺرائيندي ملڪ مان انتهاپسنديءَ جو خاتمو آڻي سگھجي ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here