فاٽا جي اڌ کان وڌيڪ اسڪولن ۾ تعليمي سرشتو مشڪلاتن جو شڪار

0
1284

پشاور: خواندگيءَ جي گھٽ شرح ۽ اسڪولن ۾ تعليم نه پرائيندڙ ٻار وفاق جي انتظام هيٺ رهندڙ قبائلي علائقن ۾ تعليم جي صورتحال جي اهڙي افسوسناڪ تصوير جا عڪس آهن جتي 10 مان 05 اسڪول بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن جنهن ڪري علائقائي ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ ۽ شاگردن پاران تعليم اڌ ۾ نه ڇڏڻ واري عمل کي هٿي وٺرائڻ مشڪل ٿي پوي ٿو.

ويڙهه جي زور واري ويجهي ماضيءَ دوران حڪومت پاران تعليمي بجيٽ ۾ ٻِيڻ تي واڌ ڪئي وئي پر ان حوالي کان فاٽا ۾ ڪا ٺوس ترقي ٿيندي نظر ناهي آئي.

فاٽا ايجوڪيشن ڊائريڪٽوريٽ کي نت نوان طريقا استعمال ڪندي قبائلي علائقن اندر معياري تعليم جو بندوبست ڪرڻ ۽ تعليمي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ جو اختيار مليل آهي. جيتوڻيڪ حڪومت پاران تعليم جي بجيٽ کي ٻارن جي داخلا وڌائڻ ۽ تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻ جي مقصدن تحت وڌايو ويو پر سرڪاري بجيٽ کي خرچ ڪرڻ جي حوالي کان ٻين ڳالهين خاص ڪري ملازمن کي پگھار، الائونسن ۽ قرض ڏيڻ وارن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي.

نيوز لينز پاڪستان پتو لڳايو آهي ته پرڏيهي امداد تحت تعليم کاتي کي قابل قدر مالي سهڪار حاصل ٿيندو رهيو آهي پر ان مالي سهڪار عيوض انتهائي معمولي نتيجا حاصل ڪيا وڃن ٿا. موجوده وقتن ۾ يو ايس ايڊ، يو اين ڊي پي، يونيسيف ۽ جي آئي زيڊ فاٽا ۾ آسان توڙي مشڪل ترقيءَ لاءِ سهڪار ڪندڙ مکيه شراڪت دار آهن.

فاٽا ۾ فوجي آپريشن کانپوءِ ئي گذريل سالن دوران اسڪولن اندر معمول واريون تعليمي سرگرميون بحال ٿي سگھيون. سال 2015 ۽ 2016 بابت سرڪاري انگن اکرن واري رپورٽ مطابق، هاڻوڪن وقتن ۾ فاٽا اندر قائم هر 10 مان 08 اسڪولن اندر تعليمي سلسلو بحال ٿيل آهي جڏهن ته هر ڏهن مان صرف 02 اسڪول اهڙا آهن جتي تعليمي سلسلو بحال ٿي ناهي سگهيو. فاٽا ۾ سرڪاري اسڪولن جو ڪل تعداد 05 هزار 994 ۽ نجي اسڪولن جو ڪل تعداد 408 آهي. اسڪولن ۾ داخل ٿيل هر 10 مان 08 ٻار سرڪاري اسڪولن مان تعليم پرائي رهيا آهن جڏهن ته 02 ٻار نجي اسڪول مان تعليم پرائين ٿا.

ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن پاران مهيا ڪيل انگن اکرن مطابق، فاٽا ۾ ويڙهه جي عروج وارن ڏهاڙن دوران لڳ ڀڳ 12 سو اسڪولن کي مڪمل يا جزوي طور تي تباهه ڪيو ويو. مختلف سالانه ترقياتي پروگرامن تحت بحالي ۽ نئين سر تعمير واري يونٽ(RRU) پاران پرڏيهي امدادي ادارن پاران مليل مالي امداد آڌار 9 سو اسڪولن جي بحالي مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ اڃان به بحاليءَ لاءِ هلندڙ مرمتي ڪم جاري آهي. سرڪاري انگ اکر ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري رهيا آهن ته 3 سو اسڪول اڃان به نئين سر تعمير ۽ بحاليءَ وارو ڪم شروع ٿيڻ جا منتظر آهن.

فاٽا جي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن هاشم خان آفريديءَ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته سال 2009 دوران باجوڙ ايجنسيءَ جي اسڪولن ۾ فرنيچر مهيا ڪرڻ ۽ مرمتي ڪم ڪرائڻ خاطر 40 لک روپيا خرچ ڪيا ويا آهن ڇو ته بم ڌماڪا ڪري انهن اسڪولن کي نقصان پهچايو ويو هيو ۽ فرنيچر به تباهه ٿي ويو هيو. جڏهن ته باقي بچي ويل فرنيچر لُٽجي ويو هيو. اها اهڙي ڀيانڪ تصوير آهي جنهن کي ڏسي اندازو لڳائي سگھجي ٿو گذريل سالن دوران فاٽا جا اسڪول ڪهڙي نه ڏکي صورتحال مان گذرندا رهيا آهن.
اڌ کان وڌيڪ اسڪول بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن

جيتوڻيڪ فاٽا جو تعليم کاتو مقرر ڪيل حدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي پر سندن راهه ۾ سيڪيورٽيءَ جي صورتحال سان لاڳاپيل مکيه رڪاوٽون، بجيٽ جي گھٽتائي، رابطي جي کوٽ ۽ غيرمعياري ترقياتي رٿابنديءَ وارا مسئلا موجود آهن. فاٽا جا اڌ کان وڌيڪ اسڪول چوديواريءَ، بجليءَ، ڪاڪوسن ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ وارين سهولتن کان محرومي واري حالت ۾ هلي رهيا آهن اهي ئي سبب آهن جن جي ڪري ٻارن پاران تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏيڻ واري شرح ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو ۽ ٻار اسڪولن ۾ داخل ناهن ٿي رهيا.

16 ڊسمبر 2014 واري ڏهاڙي آرمي پبلڪ اسڪول پشاور مٿان ٿيل دهشتگرداڻي حملي جي نتيجي ۾ 114 شاگردن جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ حڪومت پاران سرڪاري انتظام هيٺ هلندڙ سمورن اسڪولن کي سيڪيورٽي بهتر بنائڻ لاءِ قدم کڻڻ بابت جيڪا تنبيهه جاري ڪئي هئي ان ۾ اسڪولن کي چوديواري ڏيارڻ جي به هدايت ڪئي وئي هئي پر ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ فاٽا اندر صورتحال وڌيڪ خراب آهي ۽ هن قبائلي پرڳڻي ۾ اسڪولن جو هڪ وڏو تعداد اڃان به چوديواريءَ کان محروم آهي.

ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ طور ڪم ڪندڙ ڪاشف نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته محدود وسيلن ۽ بجيٽ وارين رڪاوٽن سبب فاٽا جي اسڪولن ۾ جن سهولتن جي اڻهوند آهي انهن جي پورائو ڪرڻ مشڪل ٿي رهيو آهي.

اڪثر شاگرد پنجون درجو پاس ڪرڻ کان اڳ ئي تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏين ٿا

فاٽا جي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي اڻهوند ئي گھڻي ڀاڱي انهيءَ سوال جو جواب مهيا ڪري ٿي ته، تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏيندڙ ٻارن جي تعداد ۾ هر سال اضافو ڇو ٿي رهيو آهي. گذريل ڇهن سالن جا انگ اکر ٻڌائي رهيا آهن ته هر 10 مان 06 شاگرد ميٽرڪ تائين تعليم حاصل نه پيا ڪري سگھن. ساڳي صورتحال مطابق اڪثر شاگرد پنجون درجو پاس ڪرڻ کان اڳ ئي تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏين ٿا. انهن انگن اکرن بابت ڪيل وڌيڪ جاچ مان پتو پوي ٿو ته فاٽا ۾ تعليم پرائيندڙ ڇوڪرين پاران اسڪول وڃڻ وارو سلسلو اڌ ۾ ڇڏي ڏيڻ واري شرح ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. ان جو مطلب اهو ٿو نڪري ته هر 10 مان 07 ڇوڪريون پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي ڏين ٿيون. انهن جي مقابلي ۾ ڇوڪرن جي شرح هر 10 مان 06 واري آهي.

ايڊيشنل ڊائريڪٽر تعليم فاٽا محمد عباس خان نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ويجهي مستقبل ۾ شروع ٿيندڙ ترقياتي رٿابنديءَ تحت تعليم جي سرشتي ۾ موزون تبديليون آنديون وينديون ۽ اسڪولن ۾ جن بنيادي سهولتن جي اڻهوند آهي انهن کي ترجيحي بنيادن تي پورو ڪيو ويندو. هن پنهنجي انهيءَ يقين جو به اظهار ڪيو ته اهو ڏينهن هاڻي پري ناهي جڏهن فاٽا ۾ اهڙو هڪ به اسڪول باقي نه رهندو جتي بنيادي سهولتن جي کوٽ هجي ۽ اسڪولن ۾ تعليم نه پرائيندڙ سمورن ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪيو ويندو.

اڌ کان وڌيڪ شاگرد تعليمي قابليت بابت بنيادي نوعيت جي ٽيسٽ به پاس ڪرڻ جي اهل نه آهن

سرڪاري انگن اکرن مان پتو پئجي رهيو آهي ته سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارن جي علمي قابليت به مستحڪم نه آهي. پنجين درجي ۾ پڙهندڙ اڌ کان وڌيڪ شاگرد بنيادي نوعيت جي سوالن تي ٻڌل تحريري ٽيسٽ پاس ڪرڻ جي به اهل نه آهن. چارٽ وسيلي سمجهايو ويو آهي ته هر 10 مان صرف 04 شاگرد انگلش جي تحريري ٽيسٽ پاس ڪري سگھڻ جي اهل آهن، اهڙيءَ ريت صرف 04 شاگرد حسابن، 04 شاگرد جنرل سائنس، 05 شاگرد اردو ۽ 05 شاگرد اسلاميات جي ٽيسٽ پاس ڪري سگھن ٿا.

محمد هاشم جو چوڻ هو ته ”جيتوڻيڪ اسان شهري علائقن جي شاگردن جي ڀيٽ ٻهراڙيءَ وارن علائقن سان نه ڪري رهيا آهيون ان هوندي به اهڙو وقت به هيو جڏهن خيبرپختونخواه جي ڀيٽ ۾ فاٽا جي اسڪولن جي تعليمي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر هئي پر سيڪيورٽيءَ جي مسئلن سبب فاٽا ۾ تعليم جي شعبي لاءِ جيڪي مسئلا پيدا ٿيا انهن جي ڪري اسڪولن جي ڪارڪردگيءَ تي اثر پيو، انهيءَ صورتحال ۾ تڪڙي بهتري اچڻ جو انتطار ڪري رهيا آهيون“.

فاٽا سان تعلق رکندڙ تعليمي سماج سڌارڪ شاهد الله آفريديءَ نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته ڳالهه اها نه آهي ته ڪيترا وسيلا هٿ هيٺ آهن پر اها استادن جي ذميواري آهي ته صرف شڪايتون ڪرڻ بجاءِ وقت جو فائدو وٺندي شاگردن جي دلچسپي ۽ قابليت وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪن.

اسڪول ۾ داخل نه ٿيندڙ ٻار

آئين جي شق 25 اي تحت جيتوڻيڪ تعليم بنيادي حق آهي ۽ آئين جي انهيءَ شق تحت رياست ملڪ جي سمورن ٻارن کي مفت ۽ لازمي تعليم ڏيڻ متعلق پابند آهي، پر سرڪاري دستاويزن مان پتو پيو آهي ته فاٽا ۾ 05 کان 09 سالن جا 31 سيڪڙو ٻار اڃان به اسڪولن ۾ تعليم نه پيا پرائين. ان جو مطلب اهو آهي ته 05 کان 09 سالن جي عمر وارن فاٽا جي هر 10 مان 05 ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ٿيل آهن، هڪ ٻار پرائيويٽ اسڪول، هڪ مذهبي تعليم واري مدرسي ۽ 03 ٻار ڪنهن به قسم جي تعليم نه ٿا پرائين.

انهن انگن اکرن متعلق ڪيل وڌيڪ تحقيق مان پتو پوي ٿو ته 10 کان 14 سالن جي ڄمار وارا 82.78 سيڪڙو ٻار اسڪول ۾ تعليم نه ٿا پرائين ان جو مطلب ٿيو ته 10 کان 14 سالن جي ڄمار وارن فاٽا جي هر 10 ٻارن مان صرف هڪ ٻار سرڪاري، هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ داخل ٿيل آهن جڏهن ته انهي عمر جا 08 ٻار اسڪول ۾ داخل نه ٿا ٿين.

هاشم هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي انهيءَ عزم کي ورجايو ته تعليم کاتو سيڪيورٽي ادارن جي تعاون سان فاٽا ۾ اسڪولن کي سمورن خطرن کان بچائڻ کي يقيني بنائي رهيو آهي ان کان علاوه اسڪولن جي بحالي ۽ مرمتي ڪم دوران به سيڪيورٽي ادارا مستقل تعاون ڪندا رهن ٿا. اها اميد به آهي ته مقامي پوليٽيڪل ايجنٽن جي سهڪار سان فاٽا جي انهن ٻارن جيڪي اسڪولن ۾ تعليم نه ٿا پرائن انهن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ جي حوالي سان به صورتحال بهتر بڻائي ويندي ۽ ترت بهتر نتيجا اچڻ شروع ٿي ويندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here