پشاور: اڄوڪي دنيا ۾ انٽرنيٽ اسانجي زندگين جو انتهائي اهم جُز بڻجي پئي آهي. سوشل ميڊيا جي بالادستيءَ سبب گھڻي کان گھڻا ماڻهو هڪٻئي سان گڏجڻ لڳا آهن ۽ ماڻهن جا وڏا هجوم هڪٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لڳا آهن. ايڊورڊ سنوڊن جي انڪشافن کانپوءِ هر ماڻهو پنهنجي معلومات رازداريءَ ۾ نه رهڻ واري خدشي جي وَر چڙهي چڪو آهي.
ڪيترين ئي سوشل ميڊيا ايپليڪيشنز پاران شفافيت بابت جاري ڪيل رپورٽن وسيلي اهي انڪشاف پڻ ٿيا آهن ته مختلف حڪومتون ۽ انهن جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڏوهن کي روڪڻ جي نالي تي کين اهڙيون درخواستون ڏئي رهيا آهن جن تحت هو سندن صارفين جي معلومات مهيا ڪرڻ تي زور ڀرين ٿا ۽ اڄوڪي زماني ۾ ذاتي رازداريءَ سان لاڳاپيل اهو سڀ کان اهم مسئلو بڻجي پيو آهي.
ڏوهن روڪڻ خاطر قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسين پاران ڪئي ويندڙ آن لائين توڙي آف لائين نگراني اڪثر ڪري انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جي ذاتي رازداريءَ واري حق جي ڀڃڪڙي ٿي پوندي آهي. نگراني ڪندڙ ايجنسيون مختلف سماجي رابطن وارين سائيٽن جي صارفين جي معلومات ڪٺي ڪندي صرف شڪي ڏوهارين جو پتو لڳائينديون آهن. جيتوڻيڪ ڏوهن روڪڻ جي سلسلي ۾ اهو طريقو گھڻو ڪارگر ثابت ناهي ٿيو ۽ نه ئي اهو طريقو ڪارگر حل مهيا ڪري ٿو پر انهيءَ عمل جي نتيجي ۾ شهرين جي رازداريءَ واري حق جي وڏي پئماني تي لتاڙ ٿيندي رهي ٿي.
شهري آزادين لاءِ ڪم ڪندڙ ڪيترائي گروپ ۽ شهري آزادين جا سرگرم ڪارڪن اهڙي عمل جا مخالف آهن ۽ اهي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران معلومات جي نگراني ڪرڻ واري اهڙي عمل کي بند ڪرائڻ خاطر هڪ مهم هلائڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. ”بائيٽس فار آل پاڪستان“ نالي اداري سان واڳيل ۽ ڊجيٽل رائيٽس متعلق تحقيق ڪندڙ ۽ تربيت ڏيندڙ فرحان حسين چيو آهي ته ”موجوده وقتن ۾ نگراني اسان سڀني لاءِ هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي ۽ جيستائين اسان اها ڄاڻ حاصل ڪري وٺئون ته ان کان ڪهڙيءَ ريت بچي سگھجي ٿو تيستائين اسان سڀ غيرمحفوظ ئي رهنداسين“.
هن موقعي تي اهو سوال به ڪَر کڻي بيهي ٿو ته ”اختيارين پاران معلومات جي گھر ڪرڻ سبب اسان کي پريشاني ڇو ٿي ٿئي؟“. باوجود ان جي ته مختلف ملڪن جون اختياريون اڪثر انٽرنيٽ ويب سائيٽن تي ڳوڙهي نظر رکن ٿيون پر انهيءَ نگرانيءَ جا مقصد مختلف ٿي سگھن ٿا. حڪومتن جون قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسيون مختلف سوشل ميڊيا ويب سائيٽن کان لاڳاپيل معلومات مهيا ڪرڻ جي گھُر ڪنديون رهن ٿيون. اها معلومات آن لائين ڏوهن، دهشتگردن متعلق ٿي سگھي ٿي يا اها معلومات ڏوهن جو آن لائن انداز سان پتو لڳائڻ يا ٻين سببن جي ڪري ٿي سگھي ٿي.
معلومات جي حاصلات ۾ گھڻي ڀاڱي آخري ڀيرو آن لائين ٿيڻ واري هنڌ، آن لائين ٿيڻ ۾ مدد ڏيندڙ ايڊريسن ۽ ٻي معلومات جي گھر ڪئي ويندي آهي. سوشل ميڊيا جون اڪثر ويب سائيٽون پاڻمرادو به استحصالي يا نفرت جوڳي رويي کي روڪڻ خاطر ڪوشش ڪنديون رهن ٿيون پر سرڪاري سطح تي معلومات ڪٺي ڪرڻ وارو سلسلو به ان سان گڏ گڏ هلندو رهي ٿو.
سڄي دنيا ۾ سماجي رابطن وارين سائيٽن کي استعمال ڪرڻ وارن جي معلومات مهيا ڪرڻ جي گھُر ڪرڻ واري رجحان ۾ جيئن ته ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي ان جو اندازو انهن انگن اکرن مان لڳائي سگھجي ٿو جيڪي سماجي رابطن وارين مختلف سائيٽن پاران جاري ڪندي ڄاڻ ڏني وئي آهي ته معلومات مهيا ڪرڻ بابت حڪومتن کانئن ڪيترا ڀيرا گھُر ڪئي آهي. اها حقيقت گھڻن ماڻهن لاءِ بنهه تعجب جو سبب بڻجي نه سگھندي ته سال 2015 دوران انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جي معلومات ڏيڻ بابت سڀ کان گھڻا مطالبا آمريڪا جي قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسين پاران ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 56 هزار 620 انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جا اڪائونٽ متاثر ٿيا. ويجهڙائيءَ ۾ ئي ”سائلينٽ سرڪل“ (جنيوا) جي شريڪ بانيڪار ۽ چيئرمين پاران هڪ انٽرنيشنل ميگزين ۾ لکيو ويو ته ”اسانجي ڊجيٽل زندگيءَ جي پيرن جا ڪيترا ئي نشان رهندا اچن ٿا اسان ڏسون پيا ته حڪومتون Netflix, Hulu, HBO جهڙين ڪمپنين ۽ ڪيبل ٽي وي جي نشريات پڄائيندڙن کان به معلومات مهيا ڪرڻ جي گھُر ڪنديون رهن ٿيون“.
2013 کان 2016 تائين فيس بوڪ استعمال ڪرڻ وارن بابت پنجن وڏن ملڪن مان آمريڪا پاران 102971، ڀارت پاران 33875، برطانيا پاران 21400، جرمنيءَ پاران 17421 ۽ فرانس پاران 16545 ڀيرا معلومات ورتي وئي. ڄاڻايل ملڪن پاران ايترا ڀيرا معلومات حاصل ڪرڻ جي نتيجي ۾ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ استعمال ڪندڙ 2 لک 91 هزار 06 ماڻهن جي ذاتي اڪائونٽن جي معلومات کي انهن پنجن ملڪن پاران متاثر ڪيو ويو. ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته فيس بوڪ استعمال ڪندڙن جي ذاتي معلومات کي قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسين طرفان ڪيترو گھڻو خطرو آهي.
انهن سمورن ملڪن پاران معلومات جي حاصلات بابت ڪل 2 لک 71 هزار 904 ڀيرا گھُر ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 2013 کان 2016 دوراب 03 لک 88 هزار 133 صارفين جي معلومات کي ڇيهو رسيو. انهيءَ ساڳي وقت دوران پاڪستان پاران 1759 ڀيرا معلومات ورتي وئي ان حساب سان اهڙي معلومات وٺندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ پاڪستان جو نمبر 18 هون آهي. پاڪستاني اختيارين پاران ورتل معلومات سبب فيس بوڪ استعمال ڪندڙ 2532 ماڻهن جي اڪائونٽن جي معلومات متاثر ٿي. هتي اها ڳالهه ڪرڻ به اهم آهي ته 20 ڪروڙن جي آباديءَ واري ملڪ پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ 70 لک ماڻهو فيس بوڪ استعمال ڪري رهيا آهن.
سينئر صحافي اعزاز سيد جي راءِ آهي ته ”جيئن ته انٽرنيٽ ۽ سماجي رابطن واريون ويب سائيٽون عوامي گڏجاڻين جو وسيلو آهن ۽ اهي وسيلا ئي اسان صحافين لاءِ اهڙا هنڌ بڻجي پون ٿا جن وسيلي اسان پنهنجي راءِ جو اظهار کليل انداز سان ڪري سگھئون ٿا، پر سماجي رابطن وارين انهن سائيٽن تي به مختلف طريقن سان پيڇو ڪرڻ سبب اسان بي آرامي محسوس ڪندا آهيون“.
ٽين ڌر جي نگرانيءَ وارين ڪوششن کي روڪڻ بابت فيس بوڪ پاران جيڪي اهم قدم کنيا ويا آهن انهن ۾ اهڙين رپورٽن کي عام ڄاڻ خاطر جاري ڪرڻ به آهي جيڪي قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسين پاران فيس بوڪ استعمال ڪرڻ وارن جي معلومات تائين پهچ حاصل ڪرڻ وارين ڪوششن متعلق هونديون آهن. ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته، هاڻي فيس بوڪ پاران ايپليڪشن ڊولپرز، جن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسيون به شامل آهن، کي پابند ڪيو ويو آهي ته اهي جيڪڏهن فيس بوڪ استعمال ڪندڙن جي ذاتي معلومات تائين پهچ حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ته پهريان کين صارفين جي معلومات تائين پهچ حاصل ڪرڻ جي مقصدن بابت وضاحت ڪرڻي پوندي ۽ فيس بوڪ جي اجازت کانپوءِ ئي هو معلومات حاصل ڪري سگھندا.
ٽوئٽر پاران ڊيٽا جي شفافيت بابت جاري ڪيل جاچ رپورٽن مان پتو پيو آهي ته آمريڪي حڪومت جي قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسين 2012 کان 2016 دوران معلومات جي حاصلات جا سڀ کان گھڻا مطالبا ڪيا. معلومات جي حاصلات خاطر مٿي ڄاڻايل وقت دوران مختلف ملڪن پاران 18536 مطالبا ڪيا ويا جن جي ڪري 41496 صارفن جا اڪائونٽ متاثر ٿيا. جڏهن ته پاڪستان پاران ٽوئٽر کان معلومات جي حاصلات بابت صرف 05 ڀيرا گھُر ڪئي وئي ۽ صرف 07 اڪائونٽ استعمال ڪندڙن جي معلومات کين مهيا ڪئي وئي.
معلومات جي سڀ کان گھڻي گھُر ڪندڙ پنجن وڏن ملڪن پاران 2012 کان 2016 دوران ٽوئٽر کان معلومات مهيا ڪرڻ بابت 16299 درخواستون ڪيون ويون جن جي نتيجي ۾ 32165 ٽوئٽر استعمال ڪندڙن جي اڪائونٽن جي رازداريءَ واري معلومات کين مهيا ڪئي وئي. آمريڪا پاران نه صرف فيس بوڪ ۽ ٽوئٽر پر ٻين سماجي رابطن وارين ميڊيا ويب سائيٽن گوگل، لنڪڊ ان، ياهو، ٽمبلر، ايپل ۽ ٻين ڪيترن کي معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ چيو ويو. انٽرنيٽ سان جڙيل ماڻهن کي هاڻي ايتري حد تائين به خدشو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسيون ۽ ٻيون تنظيمون به غيرقانوني طور تي انٽرنيٽ جي واهپيدارن جي معلومات تائين پنهنجي تيار ڪيل ايپليڪيشنز وسيلي رسائي حاصل ڪري سگھن ٿيون.
اهڙن ڪارروائين جي نتيجي ۾ سموري دنيا جي ماڻهن وٽ ان کانسواءِ ٻي ڪا واهه نه ٿي بچي ته اهي انٽرنيٽ تي پنهنجي سرگرمين ۽ ذاتي معلومات کي محدود ڪري ڇڏين ۽ ان کان علاوه انٽرنيٽ سان جڙندڙ اوزارن جي سيٽنگز ۾ سخت رازداريءَ واريون سيٽنگز استعمال ڪندا رهن. آمريڪا جي اداري نيشنل سيڪيورٽي ايجنسيءَ جي هيڪنگ وارن طريقن بابت ”شيڊو بروڪرز“ پاران ڪيل تازن انڪشافن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ”هيڪنگ ۾ مدد ڏيندڙ جيڪي طريقا ۽ بئچ ڊاڪيومينٽس استعمال ٿين ٿا اهي آمريڪي ايجنسين وٽان ئي چوري ڪيا ويا“. ان مان صاف طاهر ٿئي ٿو ته اسان جيڪي اليڪٽرانڪ ڊوائيسز ۽ اوزار استعمال ڪري رهيا آهيون اهي انهن ايجنسين طرفان سخت خطري هيٺ آهن ۽ اهي ايجنسيون رازداري برقرار رکڻ واري آزادي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيون آهن ۽ ضرورت ان ڳالهه جي به آهي انهن ايجسنين کي احتساب لائق بڻايو وڃي“.
اسلام آباد سان واسطو رکندڙ ٽيڪنالاجيءَ جي محقق منصور زيب خان چيو ته انٽرينٽ استعمال ڪندڙن لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي، ڇو ته سندن جاسوسي ته پهريان ئي ٿيندي رهي آهي ۽ مٿن ڪَرڙي نظر رکي ويندي آهي ۽ سماجي رابطن واريون سائيٽون استعمال ڪندڙ دوستن لاءِ پيغام اهو آهي ته هو پنهنجون سرگرميون محدود ۽ پيشواراڻي انداز واريون ئي رکن.