پشاور: خيبرپختونخواه صوبي ۾ ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن (اِي ايس اِي) جي بجيٽ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. ان هوندي به والدين پاران پنهنجي ٻارن جي تعليم خاطر پرائيويٽ اسڪولن جي چونڊ ڪرڻ واري رجحان جي شرح اڃان به وڌيڪ آهي، باوجود ان جي ته پرائيويٽ ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ ملندڙ تعليمي معيار ۾ بنهه معمولي فرق آهي.

سرڪاري انگن اکرن مان معلوم ٿي رهيو آهي ته، گذريل ٻن سالن دوران پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا جي سالياني شرح ۾  8 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي. اسڪولن ۾ ملندڙ تعليم جا نتيجا تسلي بخش نه آهن. سرڪاري توڙي پرائيويٽ، ٻنهي قسم جي اسڪولن جا اڌو اڌ شاگرد ان لائق ئي ناهن هوندا ته رياضي يا نصابي چٽاڀيٽيءَ ۾ ڪاميابي ماڻي سگھن. خيبرپختونخواه حڪومت مالي سال 2017-18 جي بجيٽ ۾ تعليم جي شعبي ۾ لاءِ وڏي بجيٽ رکي آهي.

ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن کاتي کي صوبي جي سموري بجيٽ جو 26 سيڪڙو حصو ڏنو ويو آهي. ان جو مطلب آهي ته تعليم جي شعبي ۾ خرچ ڪرڻ لاءِ رکيل بجيٽ مان ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن کاتي کي شينهن وارو حصو ڏيندي، اها آزادي به ميسر ڪئي وئي آهي ته اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا جي شرح کي وڌائڻ ۽ تعليمي معيار بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن. سيڪنڊري اينڊ ايليمينٽري کاتي جي ڪنسلٽنٽ ۽ ترجمان نجيع الله خٽڪ ٽرٿ ٽريڪر کي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت پاران سموري صوبي ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ  بعد بجيٽ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

2015 ۾ عوامي سطح تي شروع ڪيل مهم ”گھر آيو استاد“ ذريعي انهن شاگردن کي ٻيهر اسڪول ۾ داخل ڪرڻ تي توجهه ڏنو پيو وڃي جيڪي ڪن سببن جي ڪري تعليم اڌ ۾ ڇڏي چڪا آهن. مهم ذريعي اهڙن شاگردن کي واپس ڪلاس ۾ آڻي تعليم جي معيار ۾ به سڌارو آڻڻ واريون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن کاتي جي چيف پلاننگ آفيسر اِدريس اعظم هڪ انٽرويوءَ دوران چيو ته ”جڏهن کان نئين حڪومت آئي آهي هو تعليم جي سڌاري بابت ڪافي پراميد آهي. سندن کاتي اسڪولن جي سطح تان ٿيندڙ گھرجن ۽ مطالبن آڌار مختلف نوعيت جا ڪيترائي پروگرام ترتيب ڏنا آهن.

”ايڊم سمٿ انٽرنيشنل“ نالي هڪ عالمي اداري پاران ترتيب ڏنل پروگرام تحت اتر اوڀارئين حصي واري صوبي ۾ هلايل مهم جي نتيجي ۾ جيتوڻيڪ ڪيترن ئي شاگردن پرائيويٽ اسڪولن کي ڇڏي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ٿي پڙهڻ شروع ڪيو آهي ان هوندي به تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پاران 2013 ۾ چيل ڳالهه مطابق خيبرپختونخواه حڪومت اڃان به اهڙن 26 لک ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي جيڪي اسڪولن کان ٻاهر آهن.

سال 2016 ۾ حڪومت پاران ٻارن کي اسڪولن ۾ واپس وٺي اچڻ واري پروگرام جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺڻ بابت هڪ سروي ڪرايو ويو هئو پر اهو سروي اڃان تائين شايع ڪري جاري ناهي ڪيو ويو. نجيع الله خٽڪ جو چوڻ هو ته، ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن کاتو پنجين ڪلاس جي شاگردن کان پڙهڻ ۽ لکت وارو هڪ امتحان وٺڻ جي شروعات ڪرڻ وارو آهي اهو طريقو امڪاني طور تي پرائيويٽ ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ ڏني ويندڙ تعليم جو بهتر فرق معلوم ڪري سگھڻ جو وسيلو بڻجي سگھي ٿو.

سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولن جي خرچ جوفرق

خيبرپختونخواه صوبي جي ٽيون حصو بجيٽ هاڻي تعليم جي شعبي لاءِ رکي وئي آهي ان کان اڳ صوبائي حڪومت پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جي لاءِ ايترا وسيلا وقف نه ڪيا هئا. ان هوندي به ايترا مالي وسيلا خرچ ڪرڻ باوجود حڪومت تعليم بابت جيڪي به واعدا ڪندي رهي آهي انهن کي پورو ناهي ڪري سگھي.

خيبرپختونخواه جي حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ في شاگرد مٿان ساليانو 22 هزار روپيا خرچ ڪري رهي آهي. پرائيويٽ اسڪولن بابت هڪ عام اندازي موجب، اهڙن پرائيويٽ اسڪولن جو تعداد تمام گھڻو آهي جن ۾ ماهوار في ٻه هزار روپيا آهي ۽ اها سالياني حساب سان 20 هزار روپيا ٿئي ٿي. (ان حساب سان پرائيويٽ اسڪولن ۾ في ٻار تي ايندڙ ساليانو خرچ سرڪاري خرچ کان گھٽ آهي). 10 کان 15 سيڪڙو پرائيويٽ اسڪول 2 کان 4 هزار روپيا ماهوار في وصول ڪن ٿا صرف هڪ سيڪڙو اسڪول اهڙا آهن جيڪي ماهوار في 10 کان 15 هزار روپيا وٺن ٿا.

ان مان واضح طور تي اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته حڪومت جنهن تبديلي آڻڻ جو واعدو ڪيو هو ان کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي، انهن واعدن مان هڪ اهو به آهي ته سموري صوبي اندر معياري تعليم حاصل ڪرڻ کي آسان بڻايو ويندو. ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن کاتي پاران کنيل قدمن ۽ بجيٽ ۾ اضافو ڪرڻ باوجود ڪيترائي والدين پنهنجي ٻارن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ تعليم ڏيارڻ واري سوچ جي پوئواري ڪري رهيا آهن.

“الف اعلان“ نالي پروگرام جي پاليسي اينڊ پوليٽيڪل انگيجمينٽ شعبي جي سربراهه سلمان نويد خان ٽريڪ ٽريڪر سان ڳالهائيندي چيو ته، مالي سيڙپ جو ڳانڍاپو جيستائين معيار تي پورو لهڻ لاءِ گھربل احتساب سان نه جوڙيو ويندو تيستائين بهتري نه ايندي.

سرڪاري اسڪولن جي مقابلي ۾ پرائيويٽ اسڪولن جو تعليمي معيار

”تعليم جي درجي بنديءَ بابت سالياني رپورٽ (اي ايس اِي آر)“ ۾ ڏنل انگن اکرن مطابق، پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهندڙ صرف 10 سيڪڙو شاگرد  عمر جي حساب سان اسڪول ۾ پڙهائي ويندڙ نصاب تحت بهتر ڪارڪردگيءَ جو اظهار ڪري سگھن ٿا. عام طور تي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ پنجين ڪلاس جا 10 مان 04 اهڙا شاگرد هوندا آهن جيڪي اردوءَ، پشتو، انگريزي يا زباني حسابن جا جواب ڏئي سگھندا آهن جڏهن ته انهن جي ڀيٽ ۾ پرائيويٽ اسڪولن جي شرح 10 مان 05 شاگردن واري آهي. اهڙيءَ ريت سرڪاري اسڪولن جي ڀيٽ ۾ پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهندڙ هر درجي جي 10 مان هڪ شاگرد جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر آهي.

ننڍي عمر جي ٻارن کي انگريزي پڙهائڻ جي سلسلي ۾ ڪيل ڀيٽ تحت سرڪاري اسڪولن جي ڀيٽ ۾ پرائيويٽ اسڪولن جو معيار بهتر آهي. تعليم جي درجي بنديءَ واري رپورٽ مطابق، پنجين ڪلاس جي هر 10 شاگردن مان سرڪاري اسڪولن جا 04 ۽ پرائيويٽ اسڪولن جا 06 شاگرد انگريزيءَ ۾ لکيل هڪ پورو جملو پڙهڻ جا اهل هوندا آهن.

ٻولين ۽ حسابن جي مضمونن بابت ٻنهي نوعيت جي اسڪولن جي شاگردن جي اهليت ۾ ڪو وڏو تفاوت نه آهي پر پرائيويٽ اسڪولن جي شاگردن کي سمورن تدريسي درجن ۾ ٿوري مٿڀرائي حاصل هجي ٿي پر ٻنهي نوعيت جي اسڪولن جا اڌ شاگرد اهڙا هوندا آهن جيڪي انهن مضمونن جي آزمائش پاس ڪري ناهن سگھندا.

ايليمينٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن کاتي جي انگن اکرن مان معلوم ٿيو آهي ته، سرڪاري اسڪولن جي ڪلاس روم ۾ هڪ استاد کي، پرائيويٽ اسڪولن جي ڀيٽ ۾ ڪٿيل تعداد کان وڌيڪ ٻارن کي پڙهائڻو پوي ٿو. سرڪاري اسڪول جو استاد عام طور تي 34 شاگردن کي پڙهائڻ جو پابند آهي جڏهن ته پرائيويٽ اسڪول جو استاد ان جي ڀيٽ ۾ 20 شاگردن کي پڙهائڻ جو ذميوار هوندو آهي.

خيبرپختونخواه ۾ والدين سرڪاري اسڪولن بجاءِ ٻارن کي پرائيويٽ اسڪولن مان پڙهائڻ کي ترجيح ڏين ٿا  

صوبائي حڪومت پاران سرڪاري اسڪولن ۾ ڪئي ويندڙ سيڙپ ۽ والدين پاران پرائيويٽ اسڪولن ۾ ڪئي ويندڙ سيڙپ لڳ ڀڳ هڪجيتري آهي. پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن پاران جيڪو نصاب کين پڙهايو ويندو آهي ان مطابق امتحان ڏئي پاس ٿيڻ جي وڌيڪ اهليت ڏيکاري وڃي ٿي. ان هوندي به داخلا جي شرح مطابق سرڪاري اسڪولن ۾ جيڪڏهن ٻه ٻار داخلا وٺي رهيا آهن ته ان جي ڀيٽ ۾ پرائيويٽ اسڪول ۾ داخلا وٺندڙ ٻار هڪ هوندو آهي.

سال 2014-2015 ۾ سرڪاري اسڪولن جو تعداد 28 هزار 178 هيو جيڪو 2015-2016 ۾ گھٽجي 27 هزار 506 ٿي چڪو آهي جڏهن ته ساڳي عرصي دوران صوبي جي پرائيويٽ اسڪولن جو ڪل تعداد 6 هزار 743 هيو. هي اهو پريشان ڪندڙ رجحان آهي جنهن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي.

نجيع الله اميد ظاهر ڪئي ته، 2018 تائين خيبر پختونخواه صوبي ۾ اهڙو ڪو به اسڪول نه هوندو جتي بنيادي سهولتن جي کوٽ هوندي.

جيئن ته ايندڙ اليڪشن ويجهو اچي رهي آهي ان حوالي سان تعليم جي شعبي ۾ تبديلي آڻڻ بابت جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا انهن کي پورو ڪرڻ خيبرپختونخواه حڪومت لاءِ اڃان به مشڪل بڻيل آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here