پشاور (اِظهار يوسفزئيءَ وٽان) ڳالهه جڏهن اچي ٿي ڪتاب خريد ڪرڻ جي ته، ڪمال خان وٽ ڪتاب گھرن مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ واري پسند ئي محدود هجي ٿي. ڪمال خان کي جيئن ته چٽاڀيٽيءَ جي امتحان جي تياري ڪرڻي آهي، ان لاءِ هو پشاور جي يونيورسٽي روڊ تي واقع شاهين بوڪ اسٽور ڏانهن هليو وڃي ٿو، هڪ ته ان دڪان تائين پهچڻ سولو ۽ ٻيو ته انهيءَ دڪان ۾ هر موضوع جا ڪتاب موجود هجن ٿا.
هڪ ڏينهن، منجهند جي پهر ۾ هو جڏهن انهيءَ دڪان جي ٻاهران پهتو ته هن کي دڪان بند ٿيل مليو. جنهن جي دروازي مٿان اهو پوسٽر لڳل هو ته سمورو معاشرو جيئن ته لاپرواهيءَ جي وَرِ چڙهي اخلاقي پستيءَ، ڪم عقليءَ، شدت پسنديءَ ۽ دهشتگرديءَ جي جڪڙ ۾ اچي چڪو آهي ۽ ماڻهن ۾ هاڻي ڪتابن پڙهڻ واري عادت باقي ناهي بچي؛ اهڙي معاشري لاءِ ڪتاب گھر ۽ لائبريريون پنهنجي معنيٰ ئي وڃائي چڪا آهن. ان ڪري اسان ڪتابن جو هي دڪان بند ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهيون.
30 سالن جي ڄمار واري ڪمال خان نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته ”دڪان جي دروازي مٿان لڳل پوسٽر تي لکيل اهي جملا پڙهي مونکي ڌچڪو لڳو“. هن ٻڌايو ته اهو پشاور جو ٻيو وڏو ڪتاب گھر آهي جيڪو ويجهڙائي وارن وقتن ۾ مختلف سببن جي ڪري بند ٿي چڪو آهي. هن جو چوڻ آهي ته ”ان ۾ هاڻي تعجب جي ڪا ڳالهه ناهي رهي ته جن دڪانن ۾ ڪتاب وڪرو ٿيندا هئا اتي هاڻي ڪرياني يا اسٽيشنريءَ جو سامان وڪرو ٿي رهيو آهي.
شاهين بوڪ اسٽور 90 واري ڏهاڪي ۾ کليو هيو. انهيءَ دڪان جي بند ٿي وڃڻ کانپوءِ ڪمال خان ڪتابن جي خريداري هاڻي آن لائن انداز سان ڪري رهيو آهي.
شاهين بوڪ اسٽور جي مئنيجر رياض گل نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته، هن اهو مشاهدو ڪيو آهي ته هن پرڳڻي ۾ ويڙهه وارو ماحول اڀرڻ سبب ڪتابن جي خريدارن جو انگ هوريان هوريان گھٽجڻ شروع ٿيو. هن جي راءِ هئي ته، هن پرڳڻي ۾ انتها پسنديءَ جو رجحان وڌڻ ڪري سمورو معاشرو ڪتابن کان ڏور ٿي ويو آهي. سندن آمدني ڏينهون ڏينهن گھٽجڻ شروع ٿي وئي انهيءَ جي ڪري دڪان هلائڻ مشڪل ٿيڻ لڳو ته هو دڪان بند ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا.
سال 2007 ۾، پشاور ۾ قائم ڪتابن جي هڪ وڏي دڪان سعيد بوڪ بينڪ کي بند ڪري ان جو سمورو ڪاروهنوار اسلام آباد ڏانهن منتقل ڪيو ويو. وفاقي راڄڌانيءَ ۾ قائم ڪتابن جو اهو دڪان هاڻي ايشيا جي وڏن ڪتاب گھرن مان هڪ آهي جتي پڙهندڙن لاءِ هر قسم جا ڪتاب موجود هجن ٿا.
شاهين بوڪ اسٽور جي بند ٿيڻ کانپوءِ صوبي جي سڀ کان وڏي شهر ۾ ڪتابن جو هڪڙو ئي وڏو دڪان ”لنڊن بوڪ اسٽور“ باقي بچيو آهي جتي تاريخ، ثقافت، انتظامي عملداري، فڪشن، ڪرنٽ افيئرز ۽ عام معلومات سميت گھڻن موضوعن جا ڪتاب ملي وڃن ٿا.
لنڊن بوڪ اسٽور جو مئنيجر، ڪتابن جي وڪري ۽ خريدارن جي تعداد ۾ گھٽتائي اچڻ واري خيال سان متفق ٿيڻ کان انڪار ڪري ٿو. عقيل الرحمان جو چوڻ هو ته ڪتابن متعلق خريدار جي پسند ۾ فرق اچي سگھي ٿو پر وڪرو گھٽ ناهي ٿيو. ماضيءَ ۾ ماڻهو مشهور شاعرن احمد فراز ۽ پروين شاڪر جي شاعريءَ جا ڪتاب وڌيڪ وٺندا هئا. هاڻي خريدار فڪشن وارن ڪتابن جي پڇا وڌيڪ ڪن ٿا. سندن دڪان تي ايندڙ اڪثر گراهڪ خاص ڪري حميره احمد، هاشم نادم، نسيم حجازي ۽ قدرت الله شهاب پاران لکيل شهاب نامه خريد ڪن ٿا ۽ انهن ليکڪن جا ڪتاب وڌيڪ وڪرو ٿين ٿا.
ورهاڱي کان اڳ قائم ٿيل هن دڪان ۾ 5 لک کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن ۽ ان دڪان سان لڳو لڳ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي نصابي ڪتابن جو هڪ ٻيو دڪان به موجود آهي. عتيق الرحمان جو چوڻ هو ته، سندس مشاهدي ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ناهي آئي ته ڪو خريدارن جو تعداد گھٽجي ويو آهي باقي اهو ضرور آهي ته ٻين جي ڀيٽ ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي درسي ڪتابن جو وڪرو وڌيڪ آهي.
هن کان جڏهن دهشتگرديءَ جي لهر جا ڪتابن مٿان پيل اثرن بابت پڇا ڪئي وئي ته هن اهڙي ڪنهن به اثر جي سختيءَ سان ترديد ڪندي چيو ته اهو ٿي سگھي ٿو ته ڪتاب پڙهندڙن جو ڌيان هاڻي آن لائن ڪتابن ڏانهن ٿي ويو هجي باقي دهشتگرديءَ جو ڪتابن جي پڙهڻ واري رجحان تي ڪو به اثر ناهي پيو. هن اهو پڻ چيو ته اسانجي دڪان تي زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو ڪتاب خريدڻ لاءِ ايندا رهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيڻ لڳو آهي ته ڪتاب جي قيمت جيڪڏهن گھڻي هوندي آهي ته خريدار اهو چئي خالي هٿين واپس ويندو آهي ته هو ان کي آن لائن پڙهي وٺندو.
عتيق الرحمان ٻڌايو ته، گذريل ڪجهه سالن دوران ٻارن جي ڪتابن جو وڪرو وڌي ويو آهي. عورتون پنهنجي ٻارن کي ساڻ ڪري اچن ٿيون ۽ ٻارن جي پڙهائيءَ واري صلاحيت کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ڏيندڙ ڪتاب گھرن ٿيون.
ان هوندي به، علمي ماهرن ۽ دانشورن ڪتابن پڙهڻ واري رجحان ۾ گھٽتائيءَ جو ذميوار تعليمي نظام ۽ تنگ نظريءَ تي ٻڌل روين کي قرار ڏنو آهي.
پشاور يونيورسٽيءَ ۾ صحافت جو مضمون پڙهائيندڙ پروفيسر فيض الله جان جو چوڻ هو ته، ٻارن کي اسڪولن ۾ من گھڙت تاريخ ۽ هٿ گھڙين ڪهاڻين وارا درسي ڪتاب پڙهائي سندن ذهنن کي منجمند ڪيو وڃي ٿو. جڏهن اسڪولن اندر ئي ٻارن ۾ پڙهائيءَ جو چاهه پيدا نه ڪيو ويندو ته پوءِ سماج ۾ ڪتابن جي دڪانن لاءِ ته پوءِ ڪا جاءِ باقي نه بچندي. هن اهو پڻ چيو ته، اولهه جي ملڪن جيان اسان وٽ ڪميونٽي لائبريرين جو ڪو وجود نه آهي جتي پڙهڻ جا شوقين وڃي پنهنجي پسند جو ڪو به ڪتاب پڙهي سگھن.
پروفيسر فيض الله جان جو چوڻ آهي ته، اولهه جي ملڪن ۾ آباديءَ آڌار ڪميونٽي لائبريريون قائم ڪيون وينديون آهن جتي پڙهندڙ مفت ۾ ڪتاب پڙهي سگھندا آهن. ڪتابن جي پڙهائيءَ واري رجحان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اسان کي به گھرجي ته ڪتاب پڙهڻ جو شوق رکندڙن کي اهڙيون سهولتون مهيا ڪري ڏيون.