لاهور (دردانه نجم وٽان) پاڪستان دنيا جو اهو ملڪ آهي جتي ٻارن جي موت جي شرح سڀ کان گھڻي آهي. انگ اکر ٻڌائي رهيا آهن ته هڪ هزار ٻارن مان 41 ٻارڙا ڄمڻ کان ستت پوءِ ئي فوت ٿي وڃن ٿا، پر ڪيترا ئي ڀيرا واعدا ڪرڻ باوجود حڪومت ٻارن جي موت واري ان شرح تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٺوس پاليسي تيار ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي.
ترقي ۽ رٿابنديءَ بابت وفاقي وزير احسن اقبال به اهڙين حقيقتن جو انڪشاف 22 آگسٽ واري ڏينهن ٿيل ”ٻالڪپڻ جي ابتدائي نشونما“ متعلق هڪ گول ميز ڪانفرنس دوران ڪيو. وفاقي وزير احسن اقبال مطابق، سندن حڪومت ٻالڪپڻ جي نشونما متعلق ايڪشن پلان (NAPCD) جي تياريءَ تي ان انداز سان توجهه ڏئي رهي آهي ته جيئن اهڙي پاليسيءَ جي مدد سان صحتمند ذهني صلاحيتن وارن انساني وسيلن کي هٿي وٺرائي سگھجي.
ترقيءَ ۽ رٿابنديءَ واري وزارت جي هڪ عملدار، جنهن پنهنجو نالو ميڊيا سان ڳالهائڻ جي اجازت حاصل نه هجڻ جي ڪري راز ۾ رکڻ جي شرط تي نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته NAPCD اڃان صرف هڪ تصور آهي ۽ ان کي مڪمل ڪري عمل هيٺ آڻڻ متعلق اڳڀرائيءَ وارو ڪو به عملي قدم ناهي کنيو ويو.
پنجاب يونيورسٽيءَ سان تعلق رکندڙ ڪلينيڪل سائڪالاجيءَ جي ماهر ڊاڪٽر شهلا ظفر هن رپورٽ متعلق نيوز لينز پاڪستان سان پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته جڏهن اسان اهو چئون ٿا ته ٻار مري رهيا آهن ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته انهن علائقن ۾ جتي ٻارن جي موت جي شرح سڀ کان گھڻي آهي اتي صحت جي سهولتن جو کوٽ به وڌيڪ آهي.
نفسياتي مسئلن بابت ڳالهائيندي شهلا ظفر چيو ته اهڙي قسم جي صورتحال ۾ ٻار جي ماءُ ٻين جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گھڻو متاثر ٿيندي آهي. هوءَ نه صرف پنهنجي ٻار کان محروم رهجي ويندي آهي پر جيڪڏهن هوءَ اهڙي صورتحال متعلق ڪجهه پڇڻ يا چوڻ چاهيندي آهي ته مرده ٻار کي جنم ڏيڻ جو ڏوهه به هن مٿان مڙهي کيس وڌيک ڏکويو ويندو آهي. اهڙي رويي سبب ماءُ جي حالت رحم جوڳي ٿي پوندي آهي ۽ نتيجي ۾ هوءَ مونجهه ۽ ذهني دٻاءَ جو شڪار بڻجي پوندي آهي.
سال 2013-14 ۾ پاڪستان جي آباديءَ واري ڍانچي ۽ صحت جي سهولتن متعلق ٿيل سروي مطابق، 45 سيڪڙو ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ توڙي عمر جي حساب سان تندرستي حاصل ڪرڻ کان محروم نظر آيا آهن. دنيا جي گھٽ تندرستيءَ وارن ٻارن جي اها شرح دنيا جي ٽيون نمبر وڌيڪ شرح آهي.
گڏيل قومن جي ترقيءَ بابت اداري (UNDP) جي پاڪستان ۾ مقرر نمائندي نيل بوهني پاران 17 آگسٽ 2016 تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٻارن جو تندرست نه هجڻ، جانٺن جوانن جي تناسب لاءِ هڪ الميو آهي. ٻارن جي نِٻل ۽ ڪمزور هجڻ وارن اثرن تي راءِ ڏيندي هن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته عمر جي حساب سان تندرست نه هجڻ جو تعلق صرف ۽ صرف ٻار جي جسماني اوسر ۽ قد ڪاٺ سان ئي نه آهي پر ان جا گهرا منفي اثر ٻار جي جسماني ۽ ذهني نشوونما تي پڻ پوندا آهن، تندرستيءَ جي اڻهوند جا اثر ٻار جي ذهني صلاحيتن ۽ سکيا يا تعليم وٺڻ تي پڻ پوندا آهن.
”ڊاڪٽرز اسپتال“ ۾ فزيشن طور ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر ناياب حيدر چيو آهي ته عمر جي حساب سان ڪمزور ٻارن جي نظر اچڻ جو صاف مطلب اهو آهي ته ٻار کي مناسب ۽ گھربل کاڌ خوراڪ نه پئي ڏني وڃي. جنهن جو هڪ نتيجو اهو به ڪڍي سگھجي ٿو ته ٻار کي پروٽين جي جزن واريون خوراڪون نه پيون ڏنيون وڃن جنهن جو ٻيو مطلب اهو به هوندو آهي ته ٻار جا وارث گوشت ۽ پروٽين سان ڀريل ٻيون شيون خريدڻ جي سگھ کان محروم آهن يا وري اهڙين شين جي انهيءَ علائقي ۾ کوٽ آهي.
گڏيل قومن جي ترقيءَ بابت اداري جي پاڪستان ۾ مقرر اڳوڻي ڊائريڪٽر مارڪ آندري فرينچ پاڪستان متعلق پنهنجي آخري جائزي واري رپورٽ ۾ اظهار ڪيو هو ته ڪو به ملڪ اهڙو حالت حاصل ڪرڻ نه چاهيندو جتي غربت جي شرح 38 سيڪڙو هجي ۽ رياستي ادارن جي بيهڪ قديمي دور جهڙي هجي. هن اهڙي صورتحال جو ذميوار ملڪ جي اشرافيه کي قرار ڏيندي چيو ته اشرافيه عام ماڻهن جا حق کسي کين غريب رکڻ واري پنهنجي خواهش کي پورو ڪري رهي آهي.
فورمين ڪرسچن ڪاليج لاهور سان لاڳاپيل پاليسين جي تجزيه ڪار سعيد شفقت نيوز لينز پاڪستان سان تفصيلي ويچار ونڊيندي چيو ته رٿابندي ۽ ترقيءَ واري وزارت توڙي يو اين ڊي پيءَ پاران جن ڳالهين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي اهي سندس لاءَ حيران ڪندڙ نه آهن. بهتري اچڻ واري اميد پوري ٿيڻ ۾ گھڻو وقت گذري چڪو آهي. پاڪستان پنهنجي انساني وسيلن کي نظرانداز ڪري رهيو آهي. ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته جن ايندڙ نسلن کي اچي ملڪ کي اڳتي وڌائڻو آهي اسان انهن مٿان ڪيترو ڌيان ڏئي رهيا آهيون.
سعيد شفقت جو چوڻ هو ته توهان جا ٻار مري رهيا آهن يا فطري انداز سان سگھ حاصل ناهن ڪري رهيا ۽ توهان آهيو جو صرف نيشنل ايڪشن پلان جي تياريءَ پويان لڳا پيا آهيو. اسپتالن ۽ ماءُ جي صحت سٺي رکڻ وارن مرڪزن تي ڌيان ڇو نه ٿو ڏنو وڃي؟. ليڊي هيلٿ ورڪرن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اسان وٽ تربيت يافته ليڊي هيلٿ ورڪرن جي هڪ پوري فوج موجود آهي. ٻار توڙي ان جي ماءُ کي بچائڻ ۽ ان جي صحت سڌارڻ وارو ڪم انهن حوالي ڪري سگھجي ٿو.
ماهرن نشاندهي ڪندي چيو ته، زرعي ملڪ هجڻ باوجود پاڪستان ۾ مائرن ۽ ٻارن جي مناسب کاڌ خوراڪ سان پالنا نه ٿي سگھڻ انتهائي تشويشناڪ آهي. معاشي ماهر ۽ خزاني جي اڳوڻي وفاقي وزير سلمان شاهه جو چوڻ هو ته اها صورتحال ملڪ اندر غربت جي موجودگيءَ جي ڀرپور عڪاسي ڪري رهي آهي. ملڪ جا 80 سيڪڙو غريب ماڻهو انهن علائقن ۾ رهن ٿا جتي سڀ کان وڌيڪ زراعت مٿان ڀاڙيو ويندو آهي.
جن علائقن ۾ خوراڪ جي سڀ کان وڌيڪ کوٽ آهي، انهن بابت ڳالهائيندي سلمان شاهه چيو ته زراعت سان لاڳاپيل اهڃاڻ گھڻي ڀاڱي حوصلو ڏيندڙ نه آهن. ٻارن جي موت جي شرح ٿر، چُولستان، بهاولپور، لڪي مروت، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه جي ڏاکڻين علائقن ۾ وڌيڪ آهي. انهن مان اڪثر علائقا درياءِ سنڌ جي وهڪرن ڀرسان واقع آهن پر اسان آبپاشيءَ جو نظام انهن پرڳڻن تائين وڌائڻ ۾ ناڪام رهجي ويا آهيون.
حڪومتي بي ڌيانيءَ جي ڊيڄاري وجهندڙ تصوير ڪشي ڪندي سلمان شاهه نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته لڳ ڀڳ 20 هزار ايڪڙ زمين گذريل 40 سالن کان آبپاشيءَ کان محروم آهي ۽ ان کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪو به ڌيان نه پيو ڏئي. اهميت جوڳن ڪمن کي التويٰ هيٺ رکڻ واري حڪومتي رجحان تي روشني وجهندي سلمان شاهه واضح ڪيو ته اسان ساڳي انداز سان ئي هارين کي به نظرانداز ڪري رهيا آهيون.
سنجيده نوعيت جا زرعي سڌارا يا سٺي زرعي پاليسيءَ کي عمل هيٺ آڻيندي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ، وڌيڪ پيدوار ڏيندڙ ٻجن جي تياري، ٻنين کان مارڪيٽ تائين گھربل سازگار بنيادي ڍانچي ۽ آبادگارن کي آسان شرطن تي زرعي قرضن واري سهوليت ڏيڻ توڙي زرعي جنسن لاءِ سبسڊي ڏيڻ وارن رخن تي به ڪو ڌيان نه پيو ڏنو وڃي. اهڙي صورتحال هجڻ جي ڪري ٻهراڙين وارن علائقن ۾ ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٿيل زندگي گذاري رهيا آهن ۽ تندرستيءَ کان محروم ٻارن کي جنم ڏيڻ تي مجبور آهن. اڪنامڪ سروي آف پاڪستان مطابق مالي سال 2016 دوران مشاهدي ۾ آيو آهي ته زرعي شعبي ۾ ڪارڪردگيءَ جي شرح 0.19 سيڪڙو جي تناسب سان منفي رجحان واري هئي.