لاهور (دردانه نجم وٽان) صفائي ۽ سٿرائيءَ جي ناقص صورتحال جي ڪري هڪ خاص بدبوءِ، هوادار ۽ ايئرڪنڊيشن جي موذون انتظام کان وانجهيل ماڻهن سان سٿيل ورانڊا، مريضن جي تعداد جي مناسبت سان بسترن جي کوٽ، نرسن ۽ ڊاڪٽرن جو بي رُخيءَ وارو رويو اهڙيون خاصيتون آهن، جيڪي لاهور جي سرڪاري اسپتالن جي ايمرجنسي وارڊن اندر هر ڪوئي آسانيءَ سان پَسي سگھي ٿو.نيوز لينز پاڪستان پاران، تازو ئي لاهور جي ڪيترين ئي سرڪاري اسپتالن جي ايمرجنسي ۽ ٻاهرين مريضن جي شعبي (او پي ڊي) وارن وارڊن جو سروي ڪيو آهي. لاهور جي جنرل اسپتال جي او پي ڊي مڇي مارڪيٽ جو منظر پيش ڪري رهي هئي. سڄي اسپتال جو ڪارونهوار 95 ڊاڪٽرن جي مدد سان هلايو پيو وڃي، جڏهن ته اتي 123 ڊاڪٽرن کي مقرر هجڻ گھرجي. انهيءَ اسپتال ۾ هونئن ته 70 ليڊي ڊاڪٽرز هجڻ گھرجن پر ان بجاءِ هن وقت صرف 54 ليڊي ڊاڪٽر فرض سرانجام ڏئي رهيون آهن.

Government Hospital (4)
: photo by News Lens Pakistan/ Durdana Najam

جنرل اسپتال لاهور جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ (ايم ايس) جنيد مرزا مطابق، جنرل اسپتال ۾ مريضن کي ذميوارانه انداز سان تپاسڻ ۽ سندن پرگھور لهڻ جي پسمنظر ۾ مريضن جي ڀيٽ ۾ ڊاڪٽرن جو تناسب سازگار نوعيت وارو نه آهي. هر هڪ ڊاڪٽر کي روزانو 70 مريض تپاسڻا پون ٿا. سڌريل ملڪن ۾ هڪ ڊاڪٽر روزانو 10 مريض تپاسيندو آهي.

جنرل اسپتال جي سپرنٽينڊنٽ آفيسر اجمل بخاريءَ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مسئلو ڊاڪٽرن جي عدم موجودگي جو نه آهي، پر مسئلو اهو آهي ته مقرريءَ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽرن جي چونڊ پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ڪئي پئي وڃي. ان ۾ ئي وري سڀ کان اهم نقطو اهو آهي ته ڊاڪٽرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ واري مرحلي کي تمام گھڻو الجهايو ويو آهي.

اجمل بخاريءَ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته صحت جي شعبي کي ٻن ڀاڱن، پرائمري ۽ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر ڊپارٽمينٽ توڙي اسپيشلائيزڊ ميڊيڪل ۽ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ورهائي ڇڏيو اٿن. ان حساب سان صحت متعلق سرڪار جا ٻه کاتا آهن ۽ انهن جا ٻه الڳ الڳ سيڪريٽري به مقرر ٿيل آهن. اهڙي ورهاست جي ڪري ئي ڊاڪٽرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ ۽ انهن جي مقرريءَ وارو سلسلو منجهيل آهي. ڪيترائي ڊاڪٽر مقرريءَ جو انتظار ڪري رهيا آهن، پر طريقه ڪار جي رڪاوٽن سبب انهن متعلق فيصلا ڪرڻ ۾ تمام گھڻي دير ٿي وڃي ٿي. انهيءَ معاملي جي حوالي کان ان ڳالهه جي پڻ سخت ضرورت آهي ته پنهنجن کي نوازڻ وارو سلسلو بند ٿيڻ گھرجي.

اجمل بخاريءَ ٻڌايو ته ڊاڪٽرن جي ڀرتيءَ يا ڪو سامان خريدڻ لاءِ جڏهن به اسان ڪوئي اشتهار شايع ڪرائيندا آهيون ته ان کان ترت پوءِ انتظاميا کي وڏي وزير، صوبائي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي آفيس مان يا مقامي ايم اين اي ۽ ايم پي اي وٽان ٽيليفون ڪالز اچڻ شروع ٿي وينديون آهن، جيڪي اسان مٿان زور ڀريندا آهن ته سندن ماڻهن کي نوڪري ڏني وڃي يا ٽينڊر سندن سفارش ڪيل ماڻهوءَ يا اداري جو منظور ڪيو وڃي.

ڪوثر مصطفيٰ نالي هڪ عورت جنرل اسپتال جي ايڪسري وارڊ ٻاهران ٽن ڪلاڪن کان بيٺي هئي. هوءَ انهيءَ وارڊ ۾ پهريان به اچي چڪي هئي. اهو ٻيو ڀيرو هيو ته هوءَ اتي ڪم سانگي بيٺي هئي. جيتوڻيڪ هن ايڪسري خاطر پيسا به ڀريا هئا ۽ کيس ٽوڪن به مليل هو پر پوءِ به هن جو وارو اڃان نه آيو هيو.
اجمل بخاريءَ ٻڌايو ته جنرل اسپتال ۾ ٻه ايڪسري مشينون لڳل آهن جيڪي ڏهاڙي 2 سو مريضن کي ايڪسري جي سهولت مهيا ڪن ٿيون.

ڪوثر مصطفيٰ ڳوڙها ڳاڙيندي چيو ته هتي انهن ماڻهن کي اوليت ڏني وڃي ٿي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن کان سفارش (پرچي) ڪرائي اچن ٿا، اسان جي جيئن ته ڪنهن به سفارش ناهي ڪئي ان ڪري اسان سان اهڙو ورتاءُ ٿا ڪن، ڄڻ ته اسان انسان نه پر جانور هجئون.

اسپتال اندر هر هڪ ڪم جي في مقرر آهي جيڪا وصول ڪئي وڃي ٿي. سرڪاري اسپتالن اندر مريضن کي دوائون ۽ علاج جون سهولتون مفت ۾ مهيا ڪرڻ واري ڏند ڪٿا جو ڍڪ ان وقت کلي پيو جڏهن اسپتال ۾ آيل مريضن جي هڪ وڏي هجوم نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته صرف اهي دوائون آسانيءَ سان مهيا ٿي رهيون آهن جن جي قيمت 100 روپين کان گھٽ آهي. ان قيمت کان مٿي واريون جيڪي به دوائون لکي ڏين ٿا اهي اسپتال کان ٻاهران ميڊيڪل اسٽورن تان وٺڻيون پون ٿيون.

نيوز لينز پاڪستان پاران جڏهن اهڙيون دانهون ڪندڙ مريضن کان پڇيو ويو ته پوءِ توهان هر دفعي ساڳين ئي سياستدانن کي ووٽ ڇو ٿا ڏيو جيڪي توهان کي پنهنجا حق به مهيا نه ٿا ڪن؟“ ته هڪ عورت جنهن پنهنجو نالو ”قذافي“ ٻڌايو، جواب ڏيندي چيو ته جڏهن بيلٽ باڪس ئي تبديل ٿي ويندا هجن ته پوءِ اسانجي ووٽن جي ڪهڙي اهميت باقي رهجي وڃي ٿي؟

لاهور جي جنرل اسپتال ۾ روزانو 5 هزارن کان به وڌيڪ مريض علاج خاطر اچن ٿا ۽ مريضن سان گڏجي ايندڙ سندن مٽن مائٽن جو تعداد به ايترو ئي هوندو آهي. سڄي اسپتال ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ ايندڙ ماڻهن جي حاجت پوري ڪرڻ خاطر صرف 2 باٿ روم موجود آهن. مريضن ۽ سندن ساٿين جي اچ وچ ۾ اضافو 12 وڳي تائين چوٽ چڙهي ويندو آهي، اهڙي وقت ۾ پهريان ئي گندگيءَ سان ڀريل باٿ رومن مان ايندڙ بدبوءِ مريضن جي مشڪلاتن ۾ ويتر واڌارو ڪري ڇڏيندي آهي.

ايم ايس جنيد مرزا نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته اسپتال ۾ جيڪي به مشينون لڳل آهن اهي پهريان بيڪار پيل هونديون هيون، پر هاڻي صورتحال گھڻي حد تائين تبديل ٿي آهي پر ان ۾ 100 سيڪڙو بهتري اچڻ جي اميد نه ٿي ڪري سگھجي.

ان بعد نيوز لينز پاڪستان پاران صورتحال جي ڀيٽ ڪرڻ خاطر لاهور جي جناح اسپتال جو به دورو ڪيو ويو. جيئن ته ان اسپتال کي ”ماڊل اسپتال“ قرار ڏنو ويو آهي ان جي ڪري اتي صورتحال ڪجهه بهتر ۽ ضابطي هيٺ نظر آئي.

جڏهن اسپتال اندر انتظامن جو غور سان معائنو شروع ڪيو ويو ته هڪ مريض شهزاد علي (جيڪو بعد ۾ فوت ٿي ويو) سان گڏ آيل سندس مائٽ ارشاد کرل نيوز لينز پاڪستان کي ڄاڻ ڏني ته ”سرجيڪل ايمرجنسي وارڊ ۾ صرف هڪ ”سڪشن“ مشين موجود آهي. نرس کيس چئي وئي ته هو ان مشين جي نَلڪي وجهڻ سکي وٺي ڇو ته اتي مقرر عملي وٽ ايترو وقت نه آهي جو هر هر اها نلڪي وجهڻ لاءِ اچي. اهو هڪ پيچيده ڪم آهي. ڪيترا ڀيرا ته ايئن به ٿيو آهي ته عملو اها مشين کڻي وڃي ٿو ۽ اها سهولت وري ڪنهن ٻئي مريض کي ڏئي ڇڏين ٿا.

ارشاد کرل اهو پڻ ٻڌايو ته سرجيڪل ۽ ايمرجنسي وارڊن ۾ ساڳئي انداز سان اِي سي جي ڪرڻ واري به هڪ ئي مشين آهي. اسپتال جي عملي جي عام رويي متعلق ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته، مريض جي پرگھور لهڻ وارو جيڪڏهن هڪ ڳالهه ٻه دفعا پڇڻ جي جرئت ڪري ٿو ته ڊاڪٽر ۽ نرسون بي رخي ۽ بيعزتي ڪرڻ واري انداز سان جواب ڏين ٿا.

نيوز لينز پاڪستان جي مشاهدي ۾ آيو ته، هن اسپتال ۾ به مرد عملي جو عورت مريضن يا سندن پرگھور لهڻ وارين مائٽياڻين سان رويو هڪجهڙو ئي هيو، جنهن مطابق هيٺيون عملو عورتن کي ٻانهن کان پڪڙي يا ڌڪو ڏئي اهڙي ريت جواب ڏئي رهيو هيو جيڪو استحصال تي ٻڌل آهي، عملي عورتن سان اهو سلوڪ ان وقت ڪيو پئي جڏهن عورتون اهو اصرار ڪرڻ لڳيون پئي ته ڊاڪٽر کين ڪنهن وقت تپاسيندو يا علاج لاءِ سندن وارو ڪنهن وقت ايندو.

پنجاب جي وڏي وزير جي صحت وارن معاملن بابت مشير خواجه سلمان رفيق سان جڏهن رابطو ڪيو ويو ته هن نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي ڪا به کوٽ نه آهي. حڪومت قدم کڻي رهي آهي ته هر هڪ اسپتال اندر دل جي مريضن لاءِ الڳ سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته جيئن پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجيءَ تي پيل بار ۾ ڪجهه گھٽتائي اچي.

دوائن متعلق ڳالهائيندي خواجه سلمان رفيق چيو ته ”4 سو کان به وڌيڪ ڪمپنيون سرڪاري اسپتالن کي دوائون فراهم ڪري رهيون آهن. اسان اهڙو وسيع طريقي ڪار متعارف ڪرايو آهي جنهن وسيلي انهن دوائن جي فراهمي ۽ ڳاڻيٽي تي نظر رکي سگھجي ۽ آڊٽ به ڪري سگھجي ۽ ان سان گڏ ئي دوائن جي معيار ۽ موجودگيءَ کي بهتر بڻائي سگھجي.

ٻئي طرف خواجه سلمان اهو تسليم ڪيو ته، صحت کاتي جا گھڻا وسيلا غيرضروري سرگرمين ۾ ضايع ٿي وڃن ٿا ۽ ڪرپشن اهو ديوُ آهي جنهن جا چنبا سرڪاري اسپتالن اندر کتل آهن. وڏي وزير جو مشير ان ڳالهه سان به سهمت هيو ته ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي پاران مريضن سان جيڪو رويو رَوا رکيو وڃي ٿو اهو پيشه ورانه انداز وارو نه آهي.

جڏهن کانئس صحت بابت بجيٽ جي پڇا ڪئي وئي ته خواجه سلمان جو چوڻ هيو ته، صحت جي بجيٽ ۾ 62 سيڪڙو واڌ ڪرڻ پنجاب حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي. مالي سال 2016-17 جي بجيٽ ۾ صحت جي شعبي لاءِ پنجاب حڪومت پاران 43.8 ارب روپيه رکيا ويا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here