اسلام آباد: 39 ٽيڪسٽائيل ڪمپنين جو ٽيڪس چوريءَ وارو فراڊ ظاهر

0
1351

اسلام آباد (رحمت محسود) سرڪاري ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته، حڪومت پاران ڪرايل جاچ جي نتيجي ۾ اهڙين 39 ٽيڪسٽائيل ۽ اسپننگ مِلن جو پتو لڳايو ويو آهي جيڪي جعلي ڪاروباري ڏيتي ليتيءَ ۾ ملوث آهن، اهڙين ڪمپنين جي ڪري سرڪاري خزاني کي ٽيڪس وصولين جي مد ۾ هڪ ارب روپين جو نقصان رسيو آهي.

فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۽ انڪم ٽيڪس کاتي سان لاڳاپيل ٻن سينئر عملدارن پاران نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي نيوز لينز پاڪستان کي اهڙي نوعيت جي ٽيڪس فراڊ جا تفصيل مهيا ڪيا ويا آهن.
ايف بي آر سان لاڳاپيل عملدار ٻڌايو آهي ته جن ڪمپنين کي ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث قرار ڏنو ويو آهي اهي ٽيڪسٽائيل ۽ اسپننگ واري شعبي سان لاڳاپيل آهن ۽ اهي ڪمپنيون فراڊ تي ٻڌل واپاري ڏيتي ليتي ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪنديون رهيون آهن. انهيءَ عملدار جاچ مٿان منفي اثر پوڻ جو خدشو ظاهر ڪندي ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث ڪمپنين جا نالا ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

انڪم ٽيڪس کاتي جي انٽيليجنس آفيسرن جو چوڻ هو ته سندن کاتي پاران انهن ڪمپنين جا نالا، سيلز ٽيڪس رجسٽريشن نمبر ۽ ٻي معلومات ايف بي آر کي مهيا ڪئي وئي آهي ته جيئن انهن ڪارخانن يا ڪمپنين خلاف ضروري ڪارروائي ڪري سگھجي.

انڪم ٽيڪس آفيسرن پاران جيڪا معلومات مهيا ڪئي وئي آهي ان مطابق اهو پهريون ڀيرو آهي ته ڪنهن به انٽيليجنس ايجنسيءَ پاران متحرڪ ۽ ڪاروبار ڪندڙ ڪمپنين پاران ٽيڪسن جي مد ۾ ڪيل 94 ڪروڙ، 35 لک، 95 هزار 360 روپين جي گھپلي کي پڪڙيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ايف بي آر جي عملدارن کان باضابطه موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هنن مختصر جواب ڏيندي چيو ته هو اهڙي ڪنهن به معاملي تي تبصرو نه ڪندا، جنهن متعلق اڃان جاچ جاري هجي.

انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي (آءِ آءِ يو) جي اسسٽنٽ پروفيسر ۽ معاشي معاملن جي ماهر ڊاڪٽر عبدالرشيد جو چوڻ هو ته ملڪ اندر ٽيڪس جو نظام ڪمزور هجڻ ڪري ٽيڪس چوريءَ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي. ٽيڪس وصوليءَ لاءِ مقرر عملدارن جي مدد کانسواءِ ته وڏا ڪاروباري ادارا به ٽيڪس چوري نه ٿا ڪري سگھن.

اهڙيون ڪمپنيون جيڪي پنهنجو منافعو ظاهر نه ٿيون ڪن يا ڪوڙا خسارا رجسٽر ڪرائين ٿيون، حڪومت کي گھرجي ته اهڙين ڪمپنين کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت اصولن واري پاليسي متعارف ڪرائين. جيڪڏهن ڪو فرد يا ڪاروباري ادارو انڪم ٽيڪس جا گوشوارا جمع نه ٿو ڪرائي ته طئي ٿيل اصولن تحت ان مٿان هر صورت ۾ ڏنڊ لڳايو وڃي. جڏهن ته انهن فردن يا ڪمپنين کي وري مالي فائدو ڏنو وڃي جيڪي پنهنجا ٽيڪس گوشوارا باقاعدگيءَ سان جمع ڪرائيندا رهن ٿا ڇاڪاڻ ته ان قسم جي رجحان سان ٻين ماڻهن کي به ٽيڪس ادا ڪرڻ لاءِ همٿائي سگھجي ٿو.

ڊاڪٽر عبدالرشيد وڌيڪ چيو ته حڪومت کي گھرجي ته پنهنجي ڪم ۾ مهارت رکندڙ اداري جي مدد سان انهن فردن، ڪاروباري ادارن يا ڪمپنين جي اثاثن جي آڊٽ ڪرائي جيڪي پنهنجي گوشوارن ۾ خسارو ظاهر ڪن ٿا.

اسلام آباد ۾ عام واهپي وارين شين جو دڪان هلائيندڙ شاهنواز جو چوڻ آهي ته عام ماڻهو ته سڌي ۽ اڻ سڌي هر قسم جو ٽيڪس ادا ڪري رهيو آهي. ٽيڪس اوڳاڙڻ وارن ادارن جي لاڳاپيل عملدارن کي سڀ خبر آهي ته ڪير ٽيڪس چوري ڪري رهيو آهي پر هو انهن خلاف ڪو به قدم نه ٿا کڻن. جيڪڏهن وڏيون ڪمپنيون ٽيڪس ادا ڪرڻ شروع ڪن ۽ ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائين ته حڪومت کي اهي اڻ سڌا ٽيڪس لڳائڻ جي به ضرورت نه پوندي جيڪي عام واهپيدارن لاءِ مالي بار جو سبب بڻجن ٿا.

ٽيڪس چوريءَ وارو گھپلو پڪڙڻ جي سلسلي ۾ اڳڀرائي اهڙي وقت دوران ٿي آهي، جڏهن 2 هفتا پهريان حڪومت پاران ايندڙ مالي سال جو بجيٽ پيش ڪيو ويو آهي. جڏهن ته نيوز لينز پاڪستان ان کان اڳ ۾ اهي رپورٽون پڻ پيش ڪري چڪو آهي ته ڪهڙيءَ ريت حڪومت مني بجيٽ توڙي اڻ سڌا ٽيڪس مڙهيندي رهي آهي ۽ خوشحال ماڻهو، بااثر ڪاروباري شخصيتون ۽ ڪارخانيدار ٽيڪس چوري ڪندا رهن ٿا.

ڊاڪٽر عبدالرشيد چيو جو چوڻ هو ته ٽيڪس اوڳاڙين جي ڪمزور نظام سبب مقامي توڙي پرڏيهي سطح تي ٿيندڙ ڪاروبارن مٿان ڪنهن نه ڪنهن ريت منفي اثر پوندا رهن ٿا. اسلام آباد جي فروٽ ۽ سبزين واري مارڪيٽ جي مشهور واپاري رضا شاهه جو چوڻ آهي ته معاشري جا غريب فرد ته ٽيڪس ڏيڻ تي مجبور بڻايا ويا آهن باقي امير ۽ خوشحال ماڻهن کي ٽيڪس چوري ڪرڻ ڏني وڃي ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته اهو تصور هاڻي زور وٺي چڪو آهي ته حڪومت وڏن وڏن ڪاروباري ادارن ۽ بااثر ماڻهن آڏو ايتري ته ڪمزور آهي جو انهن کي ٽيڪس وصولين واري دائري ۾ به شامل ڪرڻ جي جرئت نه پئي ڪري سگھي. ننڍا دڪاندار ۽ عام ماڻهو سدائين اها شڪايت ڪندي ملن ٿا ته ان صورتحال جي ڪري ٽيڪسن جو سڄو بار ان پيڙهجندڙ طبقي کي ئي کڻڻو پوي ٿو. انڪم ٽيڪس کاتي جي اختيارين کي گھرجي ته اهڙين ڪمپنين ۽ انهن جي خوشحال مالڪن جا نالا قوم سامهون پڌرا ڪري جيڪي ٽيڪس چوريءَ ۾ ملوث رهندا اچن ٿا.

پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليجسليٽوِ ڊولپمينٽ اينڊ ٽرانسپيرنسي (پلڊاٽ) پاران گذريل سال ”پاڪستان ۾ ٽيڪس سڌارا“ جي عنوان سان شايع ڪرايل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) جي تناسب سان پاڪستان ۾ ٽيڪس وصوليءَ جي شرح ايشيا جي سڀ کان گھٽ شرح آهي، جنهن ڪري ملڪ کي ڳڻتي واري بجيٽ خساري کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پاڪستان ۾ اڻ سڌن ٽيڪسن جي وصولي چوٽ چڙهيل آهي جيڪي پنهنجي فطرت ۾ نقصانده هونديون آهن ۽ انهن جي ڪري گھٽ آمدنيءَ وارن تي ناجائز انداز سان گھڻو مالي بار پئجي ويندو آهي.

ان کان اڳ، ايف بي آر سان لاڳاپيل هڪ عملدار، جنهن پنهنجو نالو راز ۾ رکندي، نيوز لينز پاڪستان کي ٻڌايو ته پاڪستان جي ڪل آباديءَ جي حساب سان لڳ ڀڳ 3 سيڪڙو ماڻهو انڪم ٽيڪس جا گوشوارا جمع ڪرائيندا يا انڪم ٽيڪس ڀريندا آهن، اهو تناسب دنيا جي گھٽ تناسبن مان هڪ آهي. جڏهن ته تقريبن 70 لک پاڪستاني شهري ان لائق آهن ته اهي انڪم ٽيڪس ادا ڪري سگهن ٿا.

پلڊاٽ جي رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته، پاڪستان ۾ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو نظام خامين سان ڀريل آهي جنهن ڪري اقتداري طبقو ان جي نفاذ واري دائري مان بچي وڃي ٿو، اهڙي حقيقت سبب معاشي ۽ سماجي سطح تي شهرين وچ ۾ اڻ برابريءَ واري فضا قائم ٿي وڃي ٿي. رپورٽ ۾ صلاح ڏني وئي آهي ته ٽيڪس نه ادا ڪندڙن متعلق سخت ڇنڊڇاڻ وارو عمل شروع ڪيو وڃي.

حڪومت اهڙن ٽيڪس ادا نه ڪندڙن جا نه صرف بئنڪ اڪائونٽ محدود ڪري پر سندن مجموعي مالي حيثيت جن ۾ اثاثن، ڪاروباري سرگرمين، رجسٽرڊ يا اڻ رجسٽرڊ اڪائونٽس شامل آهين، تي به ڌيان ڏئي. پلڊاٽ جي رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ٽيڪس جا اصول انهن صنعتن مٿان به لاڳو ٿيڻ گھرجن، جن جي تيار ٿيل شين وسيلي سيلز ٽيڪس جي وصوليءَ جا موقعا اڀري اچن ٿا.

سرڪاري انگن اکرن مان پتو پيو آهي ته، حڪومت گذريل مالي سال 2015-16 لاءِ 4.2 کرب روپين جي مجموعي ڪاٿي واري بجيٽ جو اعلان ڪيو هيو. انڪم ٽيڪس کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ماضيءَ ۾ جن ادارن مٿان ٽيڪس چوريءَ جا ڪيس داخل ٿيا اهي گھڻي ڀاڱي بليڪ لسٽ يا بند ظاهر ڪيل هوندا هئا. انڪم ٽيڪس جي عملدار تسليم ڪيو ته ماضيءَ ۾ ٽيڪس چوريءَ يا فرضي ڏيتين ليتن جا جيڪي وڏا وڏا ڪيس سامهون آيا انهن جي بدلي ۾ ٽيڪسن يا ڏنڊ جي رقم جي وصولي ان ڪري ناممڪن هئي ڇو ته اهي گھپلا فرضي يا بند پيل ادارن جي نالي تي ڪيا ويا.

هاڻوڪي ٽيڪس گھپلي متعلق جيڪي تفصيل معلوم ٿيا آهن انهن مطابق، انڪم ٽيڪس کاتي جي انٽيليجنس ڊائريڪٽوريٽ پاران سيلز ٽيڪس ادا ڪرڻ لاءِ رجسٽرڊ شخصن پاران ڪيل جعلي ڏيتيءَ ليتي بابت ٺوس معلومات جي بنياد تي ئي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

انڪم ٽيڪس عملدار ٻڌايو ته جاچ ڪرڻ سان پتو پيو آهي ته سيلز ٽيڪس لاءِ رجسٽر ٿيل شخصن پاران فراڊ تي ٻڌل ڪيتريون ئي ڏيتيون ليتيون ڪرايون ويون آهن انهن جا تفصيل اداري وٽ موجود آهن. فراڊ ۾ مدد ڏيندڙ رجسٽرڊ ماڻهن پاران فرضي نوعيت جي سامان جي بدلي انوائس ويليو ظاهر ڪئي آهي ۽ هاڻي کاتو انهن مٿان انهن انوائسز آڌار حقيقي ٽيڪس مڙهيندو.

معاشي معاملن جي ماهر ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر شجاع الملڪ چيو آهي ته ٽيڪس فراڊ يا ٽيڪس چوريءَ جي ڪري قومي خزاني مٿان اهڙا ته منفي اثر پون ٿا جن جو تڪڙو ازالو ڪرڻ به ممڪن نه ٿو هجي. ٽيڪس چوريءَ جي ڪري حڪومت جي آمدني سڌو سنئون گھٽجي وڃي ٿي. جنهن ڪري حڪومت کي يا ته قرض کڻڻا پون ٿا يا مني بجيٽ آڻڻي پوي ٿي ته جيئن خساري ۽ خرچن جي بار کي گھٽائي سگھجي.

ڊاڪٽر شجاع الملڪ اهو پڻ چيو ته جڏهن ماڻهو ٽيڪس چوري ڪندا آهن ته ان سان آمدني ته گھٽجي ويندي آهي پر خرچ ساڳيا ئي رهجي ويندا آهن. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت لاءِ قرض وٺڻ واري مجبوري پيدا ٿي پوندي آهي ۽ نتيجي ۾ قومي خزاني تي ان جا انتهائي خراب اثر پوڻ شروع ٿيندا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here