تخت بائي/ مردان (شيراز اڪبر وٽان) تخت بائيءَ ۾ واقع ٻُڌ مذهب جا مقدس تاريخي ماڳ ان وقت دعائن ۽ مذهبي گيتن سان هڪ ڀيرو ٻيهر گونجي اٿيا جڏهن سري لنڪا مان آيل ٻُڌ ڀڪشوئن جي هڪ وفد 31 مئي 2016 تي ڄاڻايل علائقي جو دورو ڪيو. موجوده عيسوي سال جي شروعات کان به اڳ، پهرين صدي قبل مسيح جي وچ ڌاري کان وٺي ٻي صدي قبل مسيح جي ابتدائي وقتن دوران تخت بائيءَ ۾ ٻڌ مذهب جي باني مهاتما گوتم ٻڌ پاران بنواس وٺڻ بعد جن هنڌن تي قيام ڪيو ويو يا عبادتون ڪيون ويون اهي سڀ مقدس ماڳ اتي موجود آهن، جيڪي هاڻي پاڪستان جي اترين علائقن ۽ افغانستان جي سرحدن اندر ڦهليل آهن.

: Photo by News Lens Pakistan/
: Photo by News Lens Pakistan/

ٻڌ ڀڪشوئن لاءِ انهن مقدس ماڳن جا دروازا لڳ ڀڳ ڏهن سالن تائين پرڳڻي ۾ جاري رهندڙ ويڙهه ۽ دهشتگردريءَ سبب بند رهيا ۽ تازو ئي انهن علائقن کي سياحن ۽ مهمانن لاءِ کوليو ويو آهي، جنهن بعد ڪوريا سان تعلق رکندڙ ڀڪشو اهي پهريان ماڻهو هئا جن گذريل سال مقدس ماڳن جو دورو ڪيو. سري لنڪا سان تعلق رکندڙ 40 ڄڻن جي جٿي، جنهن ۾ سرڪاري عملدار، مذهبي محقق، ميڊيا جا نمائندا، 16 سينئر ڀڪشو پڻ شامل هئا، اهو پهريون وفد آهي جنهن تخت بائيءَ وڃي اتي مذهبي رسمون ۽ فرض ادا ڪيا.

وفد ۾ شامل هڪ سينئر ڀڪشو وجيرا ٿيرو نيوز لينز پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته سڄي دنيا ۾ ڦهليل ٻڌ مذهب جا پوئلڳ هنن قديمي آثارن کي انتهائي مقدس تصور ڪندا آهن. هن اهو پڻ چيو ته ٻڌ مذهب سان واسطو رکندڙ هنن صديون پراڻن ماڳن جو تحفظ ڪرڻ مان پاڪستان جي مسلمان اڪثريت پاران ٻين مذهبن جو احترام ڪرڻ ۽ کين برداشت ڪرڻ واري روايت جي بهترين عڪاسي ٿئي ٿي.

: Photo by News Lens Pakistan/
: Photo by News Lens Pakistan/

اعليٰ رتبي وارين پرڏيهي شخصيتن ۽ ٻڌ ڀڪشوئن پاران دوري دوران مکيه اسٽوپا وٽ عبادتون ڪيون، دعائون گھريون ويون ۽ مذهبي گيت ڳاتا ويا. وفد پاران انهيءَ علائقي ۾ واقع ٻين مقدس ماڳن جو تفصيلي دورو پڻ ڪيو ويو.

: Photo by News Lens Pakistan/
: Photo by News Lens Pakistan/

يونيسڪو پاران تخت بائيءَ کي 1980 ۾ عالمي ثقافتي ورثي ۾ شامل ڪيو ويو هيو. ثقافتي ورثي جي انهن تاريخي ماڳن جي کوٽائي سڀ کان پهرين 1836 ۾ ڪئي وئي ۽ ان بعد تاريخي ماڳن جي کوٽائي ڪرڻ وارن ماهرن اتان سون جي تعداد ۾ مٽيءَ، پٿر ۽ چن جي گاري مان ٺهيل شيون هٿ ڪيون آهن. يونيسڪو مطابق، ٻڌن جي ورثي وارن تخت بائيءَ ۾ واقع ماڳن جي اها اٽل صداقت آهي ته اهي پهاڙ جي چوٽيءَ تي واقع پنهنجي اصل هنڌ تي موجود رهندا آيا آهن.

انهن ماڳن جي بناوٽ ۽ ترتيب جي اصليت کي محفوظ ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌن جي انهن مقدس عمارتن ۽ ماڳن جي ٻاهرين جوڙجڪ کي به نروار ڪيو ويو آهي. گنڌارا تهذيب ۾ عمارتن جي اڏاوت جنهن رواج ۽ طريقي تحت ڪئي ويندي هئي، انهيءَ رواج ۽ طريقي تحت پٿر جي اڏاوت سان مقدس ماڳن جي اصليت ۽ انهن ۾ لڳل سامان کي برقرار رکيو ويو آهي.

قومي ورثي واري وزارت جي جوائنٽ ڇسيڪريٽري مشهود احمد ٻڌايو ته، ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ويساک جي تهوار کي ملهائڻ واري مناسبت سان پاڪستاني حڪومت جي اختيارين پاران سري لنڪا جي وفد کي مقدس ماڳن جي دوري جي دعوت ڏني وئي هئي.

ٻڌ مت جي مذهبي ڪيلنڊر مطابق ويساک وارو تهوار گھڻو ڪري ته مئي مهيني جي پڇاڙڪن يا جون جي ابتدا وارن ڏينهن ۾ ملهايو ويندو آهي. ”ٿير وَدا“ يا ڏاکڻي رواج تحت اهو تهوار ٻڌ مت جي باني مهاتما سڌارٿ گوتم ٻڌ جي پيدائش، روشن خيالي ۽ وفات سان لاڳاپيل معاملن کي ڀيٽا ڏيڻ خاطر ملهايو ويندو آهي. گڏيل قومن (يو اين) پاران انسانيت لاءِ ٻڌمذهب تحت ورتل ڪوششن جي اعتراف خاطر 1999 ۾ ويساکيءَ کي ”روشن خياليءَ“ واري ڏينهن طور تسليم ڪيو ويو آهي. تخت بائيءَ وارن مقدس ماڳن ۾ عبادتن ۽ زيارتن بعد سري لنڪا جو وفد گنڌارا تهذيب جي آخري راڄڌاني، صوابيءَ ۾ واقع ”هند ميوزيم“ پڻ گھمي ڏٺو.

سينئر ڀڪشو وجيرا ٿيرو جو چوڻ هو ته تخت بائيءَ وارن ماڳن جي سار سنڀال انتهائي بهترين انداز سان ڪئي پئي وڃي ۽ دنيا ۾ ڦهليل ٻڌمت جي مقدس ماڳن مان اهو سڀ کان وڏو ۽ متبرڪ ماڳ آهي. سندن هميشهه اها خواهش رهندي آهي ته هو هتي اچن ۽ عبادت ڪن ان ڪري اها سندن خوشنصيبي آهي ته هنن ماڳن جو دورو ڪيو.

وفد ۾ شامل نِلمني فرنانڊا چيو ته ٻنهي ملڪن جي حڪومتن پاران جيڪي قدم کنيا ويا، انهن جي ڪري ئي هي ممڪن ٿي سگھيو ته هو مقدس ماڳن جو دورو ڪري رهيا آهن. پاڪستان ۾ گھمندي کين ايئن پيو لڳي ڄڻ ته هو پنهنجي ملڪ ۾ ئي آهن ۽ هتان جا ماڻهو انتهائي دوستاڻي مزاج وارا آهن.

هوڏانهن مشهود احمد ٻڌايو ته لاڳاپيل اختيارين پاران هنن مقدس ماڳن کي في الحال عارضي بنيادن تي محدود تعداد ۾ ايندڙ غيرملڪين لاءِ کوليو ويو آهي. سري لنڪن جٿي جي هتي اچڻ سان مستقبل ۾ ٻين ملڪن جي ياترين پاران هتي اچي مذهبي رسمون ادا ڪرڻ جي شروعات ٿي آهي. اهڙا قدم کڻي هو چاهين ٿا ته دنيا کي پنهنجي ثقافتي اهڃاڻن جا مختلف رنگ، تاريخي ورثو ۽ انهن جي خوبصورتي ڏيکاري سگھئون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here